سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پاڻي ڪميشن ڪيتري پاڻي ۾ رهي...


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/09/2019


نثار کوکر
اسان جي سماج م ريٽائر ٿيڻ کانپوء دوست ته ڇڏيو پر گهر جا ڀاتي به ان ماڻهون مان  اچي پريشان ٿيندا آهن ته هاڻي ان ريٽائرڊ ماڻهون جو ڇا ڪجي پر پاڪستان ۾ ڪجهه شعبن جي ريٽائرڊ ماڻهن کي به ايتريون ته رعايتون  اهميت ۽ اختيار حاصل ٿي ويندا آهن جو ماڻهون دنگ رهجي وڃي.
اهڙو پروٽوڪول مون ڪجهه مهينا اڳ  لاڙڪاڻو ججز لاج ٻاهران گاڏين جي قطار جي صورت ۾ ڏٺو هو، معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته سنڌ واٽر ڪميشن جو سربراهه دوري تي آيل آهي.پاڻي ڪميشن جڙن بعد سنڌ جي ٻين ماڻهن جيان مونکي به خوشي ٿي هئي ته ڪا ته اهڙي ڪميشن هوندي جيڪا صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ تي خاص توجه ڏئي ڪم ڪندي.پر هاڻي جڏهن ان ڪميشن جو مدو 13 جنوري 2019 تي ختم ٿي رهيو آهي ته هر طرف موت جهڙي خاموشي ڇانيل آهي.ڪير اهو پڇڻ جي تڪليف گوارا نٿو ڪري ته ان ڪميشن پنهنجي سمورن وسيع  اختيارن جي باوجود آخر سنڌ جي ڪهڙن علائقن کي صاف پاڻي فراهم ڪيو ۽ ڪهڙين صنعتن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي روڪيو يا انهن صنعتن کي مڪمل سيل ڪيو جيئن عدالت پاران کين اختيار مليل هئا.
ها البته اهو ضرور ٿيو ته ڪوٽڙي ۾ هاني صاحب جي ڪمدار جا ڪم نه ڪندڙ روڊس کاتي جا انجنيئر بدلي ٿيندا رهيا ۽ سکر يا نوابشاه جي اسپتالن جا ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ واٽر ڪميشن جي سفارش تي بدلي ٿيندا رهيا.ڇا روڊس ۽ اسپتالن جي انتظاميا جون بدليون پڻ واٽر ڪميشن جي اختيار واري دائري هيٺ آيون پئي.؟
واٽر ڪميشن هڪڙو ڀلو ڪم اهو ڪري ڇڏيو ته سنڌ جي ڪرپت حڪمرانن جي دامن مٿان لڳل  سموري بدانتظامي ۽ نااهلي جو داغ  لاهي ان جو بار پنهنجي نازڪ ڪلهن تي رکي ڇڏيو ۽ ماڻهون واٽر ڪميشن جي سربراهه ريٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم کي سنڌ جو ڊيفيڪٽو وزيراعلي سمجهڻ لڳا.ٻيو ته ڇڏيو تازوئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان جڏهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ هڪ سوال ڪيو ويو ته هن پنهنجي مٿان بار لاهيندي چيو ته  سنڌ ۾ هڪ واٽر ڪميشن آهي جنهن جي هدايتن تي اسان ڪم ڪندا آهيون.پنهنجي سر اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.
ٿيو ائين ته سنڌ جي هڪ سلجهيل وڪيل شهاب اوستو عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته سنڌ سان اهڙو ظلم ڇو جو زيرزمين پاڻي به زهريلو ٿيندو پيو وڃي.اهو ڪيس سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن تي مشتمل بينچ اڳيان رکيو ويو ته ان بينچ ۾ ان وقت سپريم ڪورٽ جو جج امير هاني مسلم  پڻ شامل هو جنهن پنهنجي ريٽائرمينٽ کان اڳ يعني 27 ڊمسبر 2016 تي واٽر ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو جنهن سنڌ هائي ڪورٽ جي جج جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ڪم شروع ڪري ڏنو.جسٽس ڪلهوڙو  تمام گهڻي محنت ڪري فيبروري 2017 تي پنهنجي مڪمل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي تفصيلي رپورٽ ۾ چار مک تجويزون ڏنل هيون جن ۾ پهرين تجويز اها هئي ته سنڌ صوبي جي سمورن علائقن جي ماڻهن کي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ٻي تجويز موجب سنڌودرياهه، ان سان منسلڪ ڪئنالن ۽ واهن يا ڍنڍن ۾ گندو ڊرينيج پاڻي،اسپتالن ۽ صنعتن جو زهريلو مادو اڇلڻ بند ڪرايو وڃي.ٽين تجويز موجب سنڌ ۾ پاڻي لئه ٽريٽمينٽ پلانٽس جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ چوٿين تجويز موجب نوان ٽريٽمينٽ پلانٽ  تعمير ڪرايا وڃن.
پر هاڻي جڏهن 12 ڊسمبر 2018 تي واٽر ڪميشن پنهنجي پنجين عبوري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ته ان کي پڙهي ائين لڳو ته واٽر ڪميشن ٻيو سمورو ڪم ڪيو سواء سنڌ جي ماڻهن کي صاف پاڻي جي فراهيم يقيني بنائڻ جي.ان رپورٽ  ۾ صاف پاڻي فراهمي جو ڪٿي به ذڪر ٿيل نه هو.ڪميشن جي 46 صفحن واري عبوري رپورٽ ۾ ڪروڙن جي بجيٽ جي ته گهر ڪيل هئي ته نوان منصوبا شروع ڪجن پر اهو ڪٿي به ٻڌايل ناهي ته ڪميشن پنهنجي مدي ۾ سنڌ جي ڪهڙي شهر کي صاف پاڻي فراهم ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.ڪهڙي صنعتي يونٽ کي ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائڻ تان هميشه لئه سيل ڪري ڇڏيو.
صنعتي يونٽن بابت واٽر ڪميشن پاڻ 2 جولائي 2018 تي حڪم جاري ڪيو هو ته جيڪي صنعتي يونٽ 3 مهينن اندر پنهنجي صنعتن ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانت نه لڳائيندا انهن کي سيل ڪيو ويندو.ان شنوائي دوران ڊي ايڇ اي سميت 35 صنعتي يونٽن جي ترجمانن شرڪت ڪئي هئي.جنهن ۾ ڊي ايڇ اي پارن ته قسم نامون به جمع ڪرايو هو ته هو پاريل 2019 کانپوء ڊي ايڇ اي فيز 5،6 ۽ 8 جو ڊرينيج پاڻي سمنڊ ۾ نه اڇليندا.
واٽر ڪميشن کي سپريم ڪورٽ پاران اهي اختيار هاصل ٿيا جيڪي تاريخ ۾ ڪنهن ڪميشن کي حاصل نه ٿيا انگريزي مهاوري جيان هي ڪميشن ٽوٿ ليس نه هئي .ڇو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار پٽيشنر شهاب اوستو جي تجويز تي سپريم ڪورٽ جي هڪ ريٽائرڊ جج کي فل اختيارن سميت ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو هو.
واٽر ڪميشن جي سربراهه جي مقرري واري آرڊر ۾ چيف جسٽس لکيو هو ته هن ڪميشن جي سربراهه کي سپريم ڪورٽ جي جج واريون سموريون رعايتون هاصل هونديون. پر کيس هائوس رينٽ يا جوڊيشل الائونس نه ملندو.سنڌ حڪومت کي حڪم ٿيل هو ته ڪميشن جي گاڏين،اسٽاف ۽ حفاظت جا انتظامات ڪيا وڃن.جڏهن ته سنڌ هائي ڪورٽ کي الڳ هدايتون ٿيل هيون ته ڪميشن کي اسٽاف ۽ آفيسن يا رهائش لئه جڳهون ڏنيون وڃن.
سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ايترن وسيع اختيارن جي باوجود امير هاني مسلم جي سربراهي واري سنڌ واٽر ڪميشن پنهنجي مدي ۾ ڪهڙو ماڊل ڪم ڪري سگهي.ڪهڙي عالئقي جي ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ٿيو ۽ ڪهڙي شهر مان گندو پاڻي ڪئنالن ۾ ڪرڻ بند ٿيو.؟

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter