سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

طالبان پاران سعودي عرب ۾ ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/09/2019

ويب ڊيسڪ
افغانستان ۾ امن جي بحالي خاطر طالبان اڳواڻن ۽ آمريڪا وچم هلندڙ ڳالهين دوران طالبان سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.طالبان وفد آمريڪا کي چيو آهي ته اهي ڳالهيون قطر ۾ طالبان جي سياسي دفتر ۾ ٿي سگهن ٿيون پر سعودي عرب يا عرب امارتن ۾ نٿيون ڪري سگهجن.
آمريڪا ۽ طالبان وچم ڳاليهن جو اهو چوٿون دور هوندو جنهن ۾ 17 سالن کان جاري جنگ جي خاتمي، آمريڪي اتحادي فوجن جي نيڪالي ۽ 2019 ۾ امڪاني جنگ بندي بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.اهي ڳالهيون طالبان اڳواڻن جي هڪ وفد ۽ افغانستان لئه آمريڪا جي خصوصي نمائندي زملي خليل زاد وچم ٿي رهيون آهن.
طالبان جي هڪ سينيئر اڳواڻ رائٽرز نيوز ايجسني کي ٻڌايو آهي ته  طالبان افغان حڪومت جي ڪنهن به نمائندي سان ملڻ نٿا چاهين ۽ اگر اسان سعودي عرب يا عرب امارتن ۾ آمريڪا سان ڳالهيون ڪيون ته اهي ٻئي ملڪ افعانستان حڪومت جي وفد سان طالبان جي ملاقات ضرور ڪرائيندا تنهنڪري اسان في الحال سعودي عرب ۾ ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter