سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

انڊيا جي مندر ۾ عورتن جو رت ناپاڪ ڇو ٿو سمجهيو وڃي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/09/2019

ڌرتي ٿيٻو
هندستان جي سپريم ڪورٽ  رياست ڪيرالا واري سبريميلا مندر ۾  عورتن جي داخال تي پابندي ختم ڪندي عورتن کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته اهي مندر ۾ وڃي سگهن ٿيون پر عدالتي حڪم جي باوجود مندر انتظاميا عورتن لئه مندر جا در بند رکيا آهن.
پوليس جي سخت پهري ۾ ٻن عورتن رات جو ٽين وڳي ڌاري مندر ۾ وڃي پوڄا ڪئي ۽ فوتو به ڪڍرايا پر کيسن سخت احتجاج جو منهن ڏسڻو پيو.
مندر جي مها پوڄاري عورتن جي داخلا بعد صبح جو سوير واري پوڄا روڪي عقيدمندن کي ٻڌايو ته عورتن جي اچڻ ڪري مندر ناپاڪ ٿي ويو آهي پهريان انکي ڌوئي صاف ڪريون پوءِ توهانکي اندر ڇڏيون ٿا.
پوليس انتظاميا مها پوڄاري گهرائي سندس اهڙي رويي جو پڇاڻو ڪيو پر کيس ڪا سزا نه ڏني وئي آهي .ٻئي طرف ڪيرالا مان ڪانگريس جي اسميبلي ميمبر پڻ چيو آهي ته ماهواري دوران عورتون رت اچڻ ڪري ناپاڪ ٿي وينديون آهن.
ڪيرالا جي مندر ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي سپريم ڪورٽ اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر اڃان تائين هندو عقيدتمند ۽ انتهاپسند عدالت جي ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ اڳيان ديوار بڻيل آهن.
ڪجهه تجزي نگارن جو خيال آهي ته عورنت جي ماهواري هندو مذهب ۾ گهڻي وقت کان ناپاڪ سمجهي ويندي آهي.
پراڻين هندو مذهبي رسمن موجب جن عورتن کي ماهوراي اچي سي ستن ڏينهن تائين  مندر نٿيون وڃي سگهن.ڪجهه هندو خاندانن ۾ ته اها رسم پڻ اڃان لاڳو آهي ته ماهواري ڏينهن دوران عورت پنهنجي گهر ڀاتين کي پڻ ڇهي نٿي سگهي اگر ان ڇهي ورتو ته انهن گهرڀاتين کي سنان ڪري پاڪ ٿيڻو پوندو.
جڏهن ته ڪيرالا مندر واري ڀڳوان ائيپايا  بابت هلندڙ روايتون آهن ته هو غِر شادي شده هو ۽ هن پنهنجي محبوبا کي چيو هو ته هو ساڻس تڏهن شادي ڪندو جڏهن سبريميال مندر ۾ پهريون ڀيرو ايندڙ عقيدتمند کٽي ويندا.
هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي ۽ انڊين سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد عورتن جي سرگرم اڳواڻن هندو انتهاپسندن کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته ڇا ڀڳوان ائيپايا عورتن کي صرف سيڪس سيمبل سمجهندو هو ڇا.؟ جو انهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ويو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter