سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

متان ڀلجي پوليس واري جي مٿي تي هٿ رکيو اٿو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/09/2019


لاهوتي
پنجاب جي ضلعي پاڪپتن جا واپاري عورت ڊي پي او ماريا محمود  خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ انهن مطالبو ڪيو آهي ته ان عورت ڊي پي او  کي بدلي ڪيو وڃي.
پنجاب ۾ اهڙا مطالبا گهٽ ٿيندا آهن پر لاهوتي کي مليل ڄاڻ موجب واپارين ۽ پوليس وچم غلطفهمي جي بنياد تي اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو جنهنجي توقع نه هئي.
پاڪپتن جي نئين مقرر ٿيل ڊي پي او ماريا محمود تعلقي عارف والا جي ميونسپل ڪميٽي  ۾ کلي ڪچهري ڪئي ته انجمن تاجران جي صدر صوفي عبدالرشيد کيس مقامي پوليس جي دانهن ڌني.ڊي پي او کيس انصاف جي پڪ ڏياري جنهن تي 70 سالن جو بزرگ اڳتي وڌي ڊي پي او ماريا جي ويجهو آيو ۽ کيس ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماريا کيس ڌمڪيون ڏئي پاڻ کان پري ڪيو.
کلي ڪچهري ۾ ٿيل اهڙي بدمزگي بعد پوليس اهو سمجهيو ته جهوني واپاري عورت پوليس کي ڇهڻ پئي چاهيو جڏهن ته واپارين جو چوڻ آهي ته انهن جي اڳواڻ 70 ساله بزرگ عورت ڊي پي او جي مٿي تي هٿ پئي رکڻ چاهيو.جنهن تان کيس غلطفهمي ٿي.
ضلعي پوليس سربراهه ماريا محمود جي ڪاوڙ کي ڏسندي مقامي پوليس 70 ساله بزرگ تاجر صوفي عبدالرشيد کي ٿاڻي تي سڏائي  گرفتار ڪري ڇڏيو. مٿس تڪڙ ۾ ٽي چار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڌيا.جن ۾ ڊيوٽي اٽڪاء، روڊ بلاڪ ۽ چوري جا ڪيس شامل هئا.
واپارين جو صدر جو گرفتار ٿي ويو ته انهن به احتجاج ڪندي لاري اڏي تي ڌرڻو هنيو جنهنڪري پاڪپتن،ساهيوال،بوري والا ۽ بهاول نگر روڊ بلاڪ ٿي ويا.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter