سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

فرينچ ليکڪ جي ڪيئن ڦٽي... جنهن چيو 50 ساله عورتون پيار ڪرڻ جهڙيون ناهن...


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/10/2019


ويب ڊيسڪ
چوندا آهن جنهنجي قسمت ڦٽي سو وتي اهڙا فالتو بيان ڏيندو.فرينچ ليکڪ ٿان موئڪس سان به اڄڪلهه اهڙي جٺ هلندڙ آهي.جنهن تازوئي هڪ مئگزين کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي کيس پنجاهه سالن واريون يا پنجاهه کان مٿي عمر واريون عورتون پيار ڪرڻ لائق ناهن لڳنديون.
ليکڪ پاڻ به 50 سالن جي عمر جو آهي پر پنهنجي بيان تي قائم رهندي هن چيو ته 25 سالن جي عمر واري عورت جو جسم تمام اعلي پائي جو هوندو آهي  پر 50 سالن واري عورت جو جسم ايڪسٽرا آرڊننري ناهي هوندو.
ليکڪ جي اهڙي بيان سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي ساڻس اهڙي ٿي آهي جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽجي.ڪيترين ئي مشهور شخصيتن سندس عمر 50 سال لکي ليکڪ جو فوٽو ڏئي لکيو آهي هي شڪل به ڏسو پيار ڪرڻ جهڙي.
هڪ مزاحيا اداڪاره ته پنهنجي عمر لکندي چيو آهي ابول هاڻي مون وٽ صرف هڪ سال 14 ڏينهن وڃي بچيا آهن ان ليکڪ سان گڏ سمهڻ لئه..
فرانسيسي ليکڪ موئڪس پاڻ ڏهن ناولن جو ليکڪ آهي.ريڊيو پرزينٽر ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي.سندس لکڻين تي کيس ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.پر هو پنهنجي راين يا ڪمينٽس ذريعي متنازعه بڻجندو رهيو آهي.
پنجاهه سالن وارين عورتن سان پيار نه ڪرڻ واري بيان کان اڳ هن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته کيس ايشيائي عورتن سان ڊيٽ تي وڃڻ ۾ مزوايندو آهي خاص ڪري ڪوريا، چين يا جاپان جون عورتون جن سان وڃي مونکي ڪا به شرمندگي ناهي ٿيندي.
فرانسيسي ليکڪ جي ڪمينٽس جي جواب ۾ ڪيترين ئي 50 ساله عورتن پنهنجي جسم جا فوٽو انسٽاگرام تي رکي کيس مخاطب ٿيندي چيو آهي نڀاڳا ڏس ڪهڙين شين کان محروم آهين..

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter