سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلاول سميت پي پي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍبا : وفاقي ڪابينا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/10/2019


ويب ڊيسڪ
سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي باوجود وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري  سميت ڪنهن به پي پي اڳوڻ جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويندو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاه سميت ڪجهه ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا وڃن. پر وفاقي ڪابينا خميس ڏينهن پنهنجي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ڪنهن به اڳواڻ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج نه ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ اي سي ايل لسٽ وارو معاملو هڪ خصوصي ڪميٽي حوالي ڪيو هو جنهن سفارش ڪئي هئي  ته گهٽ ۾ گهٽ  20 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان خارج ڪيا وڃن پر وزيراعظم  ۽ سندس ٽيم ان ڪميٽي جون سفارشون رد ڪندي فيصلو ڪيو ته سمورن 172  ماڻهن جا  نالا اي سي ايل ۾ رهڻ ڏنا وڃن.
وفاقي ڪابينا جي فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته  ڪابينا بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاه جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ طئه ڪيو آهي ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي تيستائين اهي نالا اي سي ايل ۾ هجن.عدالت جي تفصيلي فيصلي بعد ڪابينا ان تي غور ڪندي ته نالا خارج ڪيا وڃن يا عدالت ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪئي وڃي.
ٻئي طرف پيپلزپارٽي ان فيصلي کي آمراڻو فيصلو قرار ڏنو آهي. پي پي پي اڳوڻ نفيسا شاه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪابيان جي ان فيصلي سان نه صرف  عمران خان جو گندو چهرو سامهون اچي ويو آهي پر اها حقيقت به سامهون اچي وئي آهي ته ملڪ ۾ آمريت مڙهيل آهي جيڪا عدالتي فيصلي جو به احترام نٿي ڪري.
نفيسا شاه دعوي ڪئي ته جي آئي ٽي رپورٽ عمران خان جي خاص معاون شهزاد اڪبر تيار ڪئي آهي.پر عمران خان بلاول ڀٽو زرداري کان ايترو ڊنل آهي جو هاڻي منفي طريقا استعمال ڪري رهيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter