سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

باهه جي آڙاهه ۾ جلندڙ سنڌي عورت


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/10/2019

عائشه حسن ڌاريجو

ڪي ڏينهن هئا جڏھن سنڌ هر لحاظ کان شاهوڪار سمجهي ويندي هئي واپار هجي, زراعت هجي ,هٿ جو هنر هجي,بهادري هجي,ننگن تي سر ڏيڻ ھجي يا نياڻي ست قرآنن سمجهڻ جهڙي چوڻي هجي پر اڄ اهي چوڻيون رڳو چوڻيون رهجي ويون آهن ,ڌارين جي ڪاهن ,ڌارين حڪومتن جي اچڻ وڃڻ ۽ ڦر مار سنڌي مرد جي ذهنيت تي ڪافي گهرا اثر وڌا مٿان غضب اهو ٿيو جو انگريزن جي دور ۾ ڪجه خاص سنڌين کي ,پٽاڻن کي ٻروچن کي نوازيو ويو ۽ پو انهن جيڪو عام سنڌي ماڻھن سان ڪيو ان جي تاريخ ڀري پئي آهي .

ان جاگيرداري دور ۾ عام ماڻھو بيگر جي جيلن ۾ رهڻ لڳو,وڏيرو جو محتاج بڻجي ويو,هاري ٿي ان تي ۽ ان جي خاندان تي جيڪي ظلم ٿيا ,سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ان جي گواه آهي ,ان جبر هيٺ عام ماڻهو جو ذھن وڌيو ويجهو ۽ آسريو .

جاگيردارن قبيلن کي پنهنجي هٿ ھيٺ رکڻ لاء مختلف قانون ٺاهيا ۽ آنهن قانونن ۾ جيڪو انهن کي ڪمزور نظر آيو انهن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا ۽ انهن پهاڙن ۾ دٻجي وئي سنڌي عورت ,جنهن جو پنهنجو پيء, ڀاء ,مڙس ۽ پٽ انهن جي خلاف ٿي بيٺو ڇو جو انهن  مردن کي به پنهنجو اثر ڏيکارڻو هيو ,هو دل ئي دل ۾ خوش ٿيا ته ڪو ته انهن جي به زيراثر آهي ,ان سڄي عرصي ۾ سنڌي عورت جيڪو ڀوڳيو ,جيڪي ان تي ظلم ٿيا,ڏاڍ ٿيو ,الزام لڳا اها دردن جي داستان ڪنهن به ڳجهي ڪونهي انهن کي ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ ماريو ويو ,نياڻين جا سنڱ چٽي عيوض ,بدي عيوض ڏنا ويا ,ڏي وٺ جون مائٽيون ٿيون ,ٻي شادي جي شوق ۾ بيڏوه  عورتن کي الزام هڻي گهران ڪڍيو ويو ,ٽڪن عيوض نياڻيون وڪتيون ويون ,ان حوالي سان جمال ابڙي جي ڪهاڻي پيراڻي لکيل آهي  .

انساني حقن جي واري تنظيم جي 2017 جي ڏنل انگ اکرن موجب صرف سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي واقعن ۾ 63 ڪيس سامهون آيا جيڪي رپورٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 63 عورتن کي قتل ڪيو ويو انهن مان 19سيڪڙو عورتن جو تعلق جيڪب آباد ضلعي سان آهي گهريلو تشدد جي واقعن ۾ 125عورتن کي گهريلو مسئلن جي ڪري قتل ڪيو ويو جنهن ۾ لاڙڪاڻو ,خيرپور۽ دادو سر فهرست آهن,جنسي تشدد جي واقعن ۾ 40 عورتن ۽ ننڍي عمر جي نياڻين کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ خيرپور ضلعو سر فهرست آهي .

خودڪشي جا 131ڪيس رپورٽ ڪيا ويا انهن جا ڪارڻ زور زبردستي جون شاديون ۽ گهريلو مسئلا هئا انهن شهرن ۾ ٿرپارڪر,خيرپور,سانگهڙ۽حيدرآباد شامل آهن رپورٽ موجب 15 ڪيس سامهون آيا جن ۾ عورتن کي زنده ساڙيو ويو ,17 اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۽ نوجوان عورتن جو زبردستي نڪاح وڌو ويو. .

.
ان رپورٽ مان توهان اندازو هڻي سگهو ٿا ته سنڌي عورت هڪ باه جي آڙاه ۾ پچي رهي آهي جنهن ۾ ڪنهن جو به وس نٿو هلي ,قانون ته پاس ٿيا آهن پر برادري ڳٺ جوڙ ڪري انهن ڪيسن کي اتي ئي دٻايو ٿو وڃي

شهري عورت کان وڌيڪ ٻھراڙي جي عورت ڀوڳي رهي آهي ,نه ان کي تعليم ملي ٿي نه صحت جون مکيه سهولتون ملن ٿيون,نه اظهار جي آزادي کيس مليل آهي نه پسند ناپسند جو حق ان کي ڏنو ويو آهي ,گهر ۾ ڏسڻ ۾ ته هو گهر ڌياڻي ٿي اچي پر گهر جي هر فيصلي ۾ ان کي پري رکيو ويو آهي ,ايتري قدر جو اولاد جي مستقبل لاء به نٿي ڳالاهي سگهي.هي سڀ ڇا جي ڪري ٿي رهيو آهي ,ان جو هڪ ڪارڻ ته تعليم جو نه هجڻ آهي جيڪو سيڪينڊري مسئلو آهي ڇو جو تعليم عورتن کي مردن کي ڇا جي ڪري نٿي ملي ان مسئلي جي جڙ ئي جاگيرداري نظام آهي جيڪو اسان جو پرائمري مسئلو آهي ,ان نظام تحت ئي سنڌ جون عورتون ڀوڳي رهيون آهن ,ڪا ڇوڪري پڙھڻ نڪري نٿي صبح جو سندس والد کي اوطاق ۾ گهرائي کيس برادري ما نڪرڻ جا دڙڪا ملن ٿا,ڪا  ڇوڪري پنج ,اٺ درجا پڙھي رڳو هيلٿ ورڪر ٿئي ٿي ان جي والدين کي ڳوٺ مان ٽپڙ کڻڻا ٿا پون,ڪا ڇوڪري اظهار جي آزادي خاطر ڪجه ڳالهائي ٿي کيس ڪوڙي الزام تحت ڪارو ڪري ماريو ٿو وڃي .

عورت ان قبائلي نظام ۾ باندي بڻجي وئي آهي هو ان سنڌي سماج ۾ وکر بڻيل آهي جنهن جو سودو طئي ٿو ٿئي ڪجه لکن ,هزارن ,زمين جي جريب اڌ تي کيس وڪيو وڃي ٿو ,قبائلي قانون موجب کيس ناني جي عمر جو ور ملي ٿو ,بي جوڙ شاديون ڳوٺن ۾ معمول جي ڳاله آهي ۽ عورت جي منهن ۾ زبان نه آهي هو بي زبان جانور وانگر هر ظلم ڏاڍ برداشت ڪري ٿي ۽ هي سڀ ڇو ٿئي ٿو ان نظام تحت هلي ٿو ڇو جو اهيو سڀ نه ٿيندو ته رئيسن,زميدارن,وڏيرن,پيرن ۽
ميرن جي اوطآقن تي ميلا ڪيئن لڳندا.

عائشه حسن ڌاريجو ,پي ايڇ ڊي اسڪالر
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter