01/10/2019
.
تون جنهن به گِھٽيءَ ويندين
اي شيام ! وَرِي منهنجي، ٿي ڪَڪِ مٽيءَ ايندين
.
ان لاء ته مان آهيان
چاهين ته اڃا تنهنجو، مان ڳاھُ پيو ڳاهيان
.
ڇا لاء وِڌءُ ٽمجهڻُ
سنسار سڄو ئي ٿي، هان آءُ ڪوي تون کَڻُ.
ها ، موڪ ٿيو آهي
ڇو ايئن ڏسي تنهنجو ، مُنهن سوڪ ٿيو آهي.
ايڏو ته علم ٺاهيو
آڪاس رسي جيڪو، اهڙو ته قلم ٺاهيو.
شيخ اياز
(چونڊ ماهم سنڌي ).