سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌي گيتن جي بادشاهه مير محمد پيرزادو کي اقرار پيرزادي جي ڀيٽا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/11/2019



ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ

اقرار پيرزادو

ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ عنوان پڙھڻ سان ئي اکين ۾ فطرت جو خوبصورت منظر اٽڪي بيهي ٿو, جيڪو پاٺڪ تي ڪيف چاڙھي ڇڏي ٿو ۽ پڙھندڙ گهڙي کن لاء دنيا جهان جا ٻيا جهنجهٽ وساري فطرت جي ان حسناڪ منظر ۾ کوئجي وڃي ٿو

❏ مٿيون عنوان سنڌ جي خوبصورت شاعر سائين مير محمد پيرزادي جي نئين شعري مجموعي جو آھي جنهن جي ورق ورق تي فطرت جا چٽ چٽيل آھن

❏ آڌيء ويلي هير گهلي ۽ کيپ خماري ٿي

ڪنول بنائي ٻڪ پيو ٿو ڄڻ ڪو چنڊ جهپي
❏ اوٽ ڪڪر مان وڄ جوچمڪو مونکي گهوري ايئن

❏ دريءّ وٿيءّ مان جيئن ڪو مکڙو سندر ميڇ ڏئي
❏ هو۽ ڇڳي انگورن جي جيان ڪتي کڙي آ اڀ مٿان

❏ جهرڻي مان پيون کيڏن مڇيون عڪس جنهين جي سان
❏ ڪنول کڙي ۽ وچ ٻنيءّ مان جهمريون ٿو پائي
❏ ساجن توري سار ستائي

❏ ان سان گڏ شاعر فطرت جي انهن  حسناڪ منظرن کي نيون نيون معنائون ۽ نوان نوان مفهوم ڏنا آھن, مينهن ڦڙين جا سوال سانڍڻ, جهڙ ڦڙ جي جهانجھ وڄائڻ,ڪتيءّ جي ڪانڍ تي گنگنائڻ,هير جو آرس,ڀڃي ٽاريون جهولائڻ, موسمن جو ميارون منجڻ ۽ ليار جو پچڻ وغيره ٻٽيون ٻٽيون معنائون ۽ مفهوم ظاهر ڪن ٿا,

❏ سائين مير محمد پيرزادي جي شاعريءّ جو هڪ مقصد آھي سندس گيتن ۾ سنڌ ديش جي سونهن ۽سندرتا جي بيان سان گڏ ,,پيا ملڻ,,جي تانگھ ,تاس ۽ هڪ سوز ڀريو سنيهڙو به آھي
❏ ڪڻڪون آڀونءّ لئه آتيون جهار پئي ٿي جهوتون کائي
❏ ان تي سر سهائي آئي کانڀاڻيءّ جو ڌڪ لنوائي
❏ سانگ سڀئي پيا يار سڏينئي ور ور سان واجهائي
❏ سمي انهيءۡ ۾سچ پوسائين ٽاڻو هينئن نه ٽاريو
❏ ساجن واعدا هيل ته پاريو

سائين مير محمد جي گيتن واري سنڌ وڃي پئي اکين کان اوجهل ٿيندي,برابر سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي اهو ماحول موجود آھي پر هاڻي اهي نار ڳاڌيون ۽ ھرلا نه رهيا آھن, هاڻ نه پيها آھن نه ئي کانڀاڻيون ,,,هاڻ اسر ويل جنڊ جو گهرڪو ڪن نٿو پوي,هاڻ نه منڌيون مٽ گڙن ٿا نه ئي ولوڙن وايون ٻرن ٿيون, هاڻ ته ٻيلهڙن ۽ سينهوءّ کي نوجوان نسل سمجهي ئي نٿو , شھري ته ڇا پر ٻهراڙي جي ماڻھن لاء به اهي شيون بنھ اوپريون ٿي ويون آھن جو ٽيھ چاليه سالن ۾ صنعتي ترقي انهن جو وجود وڃائي ڇڏيو آھي پر شاعراها حسناڪ سنڌ پنهنجي اکئين ڏٺي جيڪا اڄ به سندس نيڻن ۾ موجود آھي , ان سنڌ کي مير محمد پيرزادي پنهنجي گيتن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان سان گڏ مير محمد کي  سنڌ ڌرتي جي عام ماڻهن جو ڳوڙهو مشاهدو به آھي ,هي شاعر عام ماڻھوءۡ جي اهنجن , ايذائن ,تڪليفن ,دکن ۽ دردن کان اڻ واقف هرگز به ناهي, سائين مير محمد جي هيٺئين گيت ۾ اڄ کان اڌ صدي اڳ واري سنڌ جي عوامي زندگيءۡ جي جتي تصوير چٽيل آھي  اتي عورٿ جا اڌما ۽ احساس به ڀيان ڪيا وياآھن, اهي يا ته ڪا عورت ئي بيان ڪري سگهي ٿي يا وري ڪو اهڙو شاعر جنهن تي ڏات ساوڻ مينهن جيئن اوڙڪون ڪري وسندي هجي, هي شاعر ڏات ڌڻين جي ان قبيلي سان تعلق رکي ٿو جيڪي کلڙن ٽڙڻ واري ٽاڻي کان به واقف هوندا آھن.

❏ پوھ سڪايا پن اڪن جا ,جيءّ پيو آ جهورو
❏ توکي پتو نه کورو
❏ توريءّ ساڳ نه ساءۡ ڏئي ٿو ڪنهن سان گڏجي کانوان
❏ رائي ڏيندي پلي پڇي ٿي ڪنهن جي لئه ٿاهيان
❏ چھ تي سيڪيل سوڪ ٽڪر کي سيني هوند لڳايان
❏ پر ڇا ڪريان جو تنهنجي ويجهو هاء نڀاڳي ناهيان
❏ پلال سندي هن پاٿاريءّ تي پوھ چڏي ڪيئي هيڪل ڇورو
❏ توکي پتو نه کورو
❏ جنڊ هڻي آ جندڙي لوڏي ٿي هان پورهيت ٻيلپياڻي
❏ آءّۡ ٻهاريدار به سونهان جي سڏ سان ٿي پئين ساڻي
❏ انگ ڍڪڻ جي لئه لوئيءّ جو اڌ اڌ اگهاڙي آھي نياڻي
❏ ڪڪڙ وانگي ڪوڙي ٻچڙا سيءّ به ڪئي هان ساڻي
❏ ليڙ ڪتيڙي ڇو ٿي آھيان جانيءّ ريءّ نه جڳائي جورو
❏ توکي پتو نه کورو

❏ سائين مير محمد جي شاعريءۡ ۾ پيا ملڻ جي تڙپ ويران ويران وڌ آھي 1981ع ۾ سندس شاعريءّ جو پهريون مجموعو ,, مکڙيون ماڪ ڦڙا ,, آيو هو, ان ۾ شامل بيتن ,گيتن,وائن,دوهن, پنجڪڙن ۽ ڇتارن ۾ به ساڳي ئي پرين ملڻ جي آس ۽ اڪير هئي
❏ ڦالون پايان سيج وڇايان ڍول اچڻ جا ڍنگ
❏ ٻنين ۾ سونا سونا سنگ
❏ جل ڦل بادل بوندون برسن کنوڻين جي کجڪار
❏ الو ميان ساھ اوهانجي سار

❏ 37 ورهيه وهامڻ بعد به ان ساجن جي تانگھ , تڙپ ۽ تونس سندس من ۾ جيئن جو تيئن موجود آھي,هن مجموعي جي سٽ سٽ ۾ به ساڳي ڪيفيت سمايل آھي
❏ گل گل مان ٿو واس گهرائي
❏ ننڊ اندر ڀي راڳ ٻڌائي
❏ ساري سپنا ور ور ويڻا
❏ ڄڻ ته وڄائي واءۡ
❏ وري اڄ
❏ جيءۡ چوي ٿو آءۡ

اهو ڪير آھي?جنهن جو عڪس هن کي چنڊ تارن ۾ نظر اچي ٿو,مينگھ ملهارن ۾ نظر اچي ٿو, جنهن لآء ھن جا نيڻ سدائين آتا آھن , سائين مير محمد پيرزادو پنهنجي هيٺئين غزل ۾ ان جو تعارف ڪرائي ٿو

❏ جنهين لئه جهد ۾ گذري سموري عمر آ پنهنجي
❏ اسان جي موھ جي منزل پرين جو ئي ته پار آھي
❏ ڪنين جا درد ڀي دارون ته ڪن جا سور سک کان وڌ
❏ ملي جي ٽياس مقصد لئه گلن  جو سو به هار آھي
❏ سائين مير محمد جو اهومقصد محبوب سنڌ ديش جي آزادي۽ آجپو آھي ان سان گڏ هي شاعر پنهنجي فڪري گروءّ جي پر پاڙيندي دنيا جي هر انسان جي آزاديءّ ۽ خوشحاليءّ جو خواهشمند آھي
❏ قومي سوچ ۽ جيئڻ جو حق پنهنجو آ منشور اهو ئي
❏ سچ فقط هي ٿو سمجان باقي ڌوڙ ۽ ڇائي آھي
❏ اوڌر جي ماءۡ نه مئي پر واپس ڪيئن به ڪرڻي پوندي

❏ ٿورو لاهڻ گهرجي جيڪا ڌرتيء جي ٿڃ ڌاتي آھي
❏ چمڙن جي هن راڄ ۾ گهڻن اوندھ انڌوڪار سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو آھي,اهي پنهنجي ويائن کي به سسي بچائڻ لاء غلاميءّ جا آداب سکڻ جي مت آڇي رهيا آھن پر انڌير نگر سان بغاوت ڪندڙ ئي سائين مير محمد جا هيروز آھن جن جي عظمت هينئن بيان ڪري ٿو

❏ تون ڀلي پنجوڙ پائي وس ڪري اوندھ رهاء
❏ پر نه اوندھ ساڻ ٺھندا هي ڪڏهن ٻرندڙ ڏيا

شاھ سائين جهڙي ريت سر سهڻيءّ ۾ مقصد ماڻڻ لاء گهاگهائي گهڙڻ جي تلقين ڪري ٿو, وسيلا وسارڻ جو درس ڏئي ٿو, سائين مير محمد به اهڙن ئي ڪردارن کي ساراهي ٿو جيڪي وطن ۽ ويڙھيچن جي آجائي ۽ آزاديءّ لآء ھٿين خالي توبن ۽ٽينڪن جي منهن۾ پون ٿا,جيڪي آزاديءۡ جا نعرا هڻندي باھ ۾ پروانن جيان پچي وڃن ٿا, اهڙن ڪردارن کي اسان جا سراپا دماغ دانشور بي وقوف چئي رد ڪن ٿا ۽  انهن جي نانءۡ کڻڻ کان به ڀئو ڪن ٿا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter