سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڀيرجي ڀيل سانگھڙ ۾ يتيم ڇو ٿيو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/12/2019

ميرحسن مري

سانگهڙ جنهن جي  سهپ واري سڃاڻپ هاڻي آهستي آهستي ختم  ٿيندي پئي وڃِي، تنهن سانگهڙ ۾ تازو هڪڀيل سان اڻبرابري وارو واصعو پيش آيو آهي . اهي به ڏينهن هئا جڏهن بابري مسجد جي واقعي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ انتهاپسندي جي  باه ٻريل هئي ، ڪجهه  حرڪتي ماڻهن سانگھڙ ۾ به ماڻهن جو وڏو هجوم  ڪٺو ڪري مندر ڏانهن ڪاه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر انهن جي سامهون پير سائين پاڳاري شاه مردان شاه سورهيه بادشاه  (جنهن چيوهوته مهنجي خواهش آهي ته مسجد ۽ مندرجي ديوارهڪ هجي)  جي موڀي پٽ  جا مريد انهن حرڪتي ماڻهن اڳيان  رني ڪوٽ جي پٿريلي  ديوار بڻجي بيهي رهيا هئا . اهي به ڏينهن هئا  جڏهن ملڪ مذهبي سياسي جماعتن جي سڏ تي ڦيٿا روڪ هڙتال جي ڪري سڪ ٿي ويندو هو ، پر سانگهڙ ۾ مرد مجاهد پير سيد شاه مردان شاه پيرپاڳاري جي حڪم تي سانگهڙ ساه کڻندو هو. ها اهو سانگھڙ  جنهن لاِ۽ عبدالواحد آريسر چوندو هو ته سانگھڙ شهر جي گھٽي گھٽي ۾ شهيدن جي رت جو هڳاءُ آهي. تنهن  سانگهڙ جي سڃاڻپ  هاڻي  ڪنهن اهڙي  شهر جهڙي ٿيندي پئي وڃي جتي گرڀ وتي عورت ٻار سميت ساڙي ويندي آهي.
تازو 11 جنوري  واري جمعي تي ڪورٽ ۾ ڪنهن وڏيري جا ستايل هاري ميرپورخاص جي وڪيل جي منشي ڀيرجي ڀيل کي پنهجو پير جي سمجهي سانگهڙ جي ڪورٽ ۾ انصاف وٺڻ لاءِ پهتا هئا. جيسيتائين انصاف جي ديوي مٿن مهربان ٿئي ، کين ڪو انصاف ملي ان وقت تائين اڃ وگهي يا وڏيرن جي دهشت کان سندن  گلا خشڪ ٿي ويا هئا .  يا ٻاراڻي ٻڌ هئي پر ڪورٽ جي اڳڻ ۾ قائم ڪينٽين جتي ايندڙ ويندڙ پهنجي ڪيتن کي يا پروان ڪيتن کي لوڙي ڪڏهن ٻاهر ٿي نڪتا ته  سياري جي مند ۾ به پاڻي جا گلاس ڏوڪي رهيا هئا.  پر انهن ڀيلن هارين تي ان ڪينٽين جو پاڻي به حرام  هئو .
گلي ۾ خشڪي هوندي به  وڏن ته چپ چٽي پئي گلي کي چئن ڪلاڪن تائين ڳيتون ڏئي پاڻياٺو ڪيو ، پر معصوم ٻارڙي جو معصوم روح جيڪو ڪنهن فلسفي کي سمجهي نه سگھيو هو اهو ڪينٽين جي اندر ليئو پائي پاڻ ته  يڪ ساهي ۾ ڀريل گلاس پي  ۽ ٽيبل تي پاڻي جو ڀريل جڳ ٻاهر کڻي آيو ، جڳ ڇا ٻاهر آيو ڪينٽين جي مالڪ جا هٿ ڀيلن جي ڳچي تائين ائين آيا جيئن دراوڙن جي ڳچي ۾ آرين جا هٿ آيا هئا ، ٿڦڙن جي وسڪارن نه ٻار ڏٺا نه عورتون ، اڳ پوءِ ڀيرجي جا ڳلو هو ۽ ڪينٽين جي مالڪ جو ۽ سندس ملازمن جو ايماني جذبو هو، سڀني واري واري سان ڀيرجي مٿان پنهنجا هٿ صاف ڪيا.
هاڻي  جڏهن ڀيرجي پهنجي وڊيو ميسيج ۾ اهو چيو ته  سڄِي سنڌ مان صرف سانگھڙ ۾ ئي اقليتن سان نا انصافي آهي ، ته مونکي سيد شاه مردان شاه پيرپاڳاري جو اهو روحاني سفر ياد آيو جڏهن پيرصاحب سانگھڙ جي دوري تي آيل هو ته ڪنهن ڀيل به پير صاحب جي رستي تي پهنجي ڳوٺ جو رستو سينگاري ڇڏيو هو . اڳيان ڪنهن ڀوتار جو ڳوٺ هئو جنهن پير صاحب جي اڳ طئه ٿيل دعوت جو بندوبست ڪيو هو. جيئن ته پير پاڳارو پهنجي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪندو هو ، ڀوتار خطرو محسوس ڪيو ته پاڳارو پهريان ڀيل جي ڳوٺ ويندو ته ڀوتار ان ڀيل جي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي ڍينگر ڏياري ڇڏيا هئا . پيرصاحب جڏهن ڀيل جي ڳوٺ وٽ پهتو ته ڍينگر ڏسي بيهي رهيو معلوم ڪرڻ تي حقِيقت کان آگاه ٿيو ته ڀيل جي رستي جا ڍينگر هٽرائي ڀيل جي ڳوٺ ڏي ويو ۽ ڀوتار جي دعوت کي رد ڪيائين .
هي واقعو به شاه مردان شاه پير پاڳاري،  سورهيه بادشاه جي وڏي پٽ جي ستين ورسي جي ٺيڪ هڪ ڏينهن کان پوءِسانگهڙ ۾ انگريز سامراج جي عروج بادشاهي جي ڏينهن ۾ سانگهڙ سرڪار جي نالي سان مقامي ماڻهن جي  متبادل حڪومت  قائم ڪندڙ  بچو بادشاه جي شهادت گاه ۽ سندن مدفن کان ٺيڪ هڪ ڪلو ميٽر ۽ روزي ڌڻي چونڪ کان 100 ميٽر اولهه طرف  پيش آيو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter