سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سسئي سورٺ گهر تي چڙهائي خلاف احتجاج قومپرست اڳواڻ خاموش


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/13/2019

ويب ڊيسڪ
ڪراچي ۾ سسئي ۽ سورٺ لوهار جي گهر تي چڙهائي ڪرڻ خلاف احتجاج سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيو ويو.جنهن ۾ سول سوسائيٽي جي ماڻهن ته ڀرپور حصو ورتو پر وڏين قومپرست جماعتن جا اڳواڻ خاموش رهيا.
واضع رهي ته سسئي سورٺ جي ڪراچي واري فليٽ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن چڙهائي ڪري سندن ذهني معذور ڀاء سنگهار کي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن خلاف سندن ماء ۽ ٻئي ڀينرون احتجاج ڪندي گاڏي اڳيان بيهي رهيون.سندن اهو احتجاج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو جنهنڪري اکين تي پٽيون ٻڌل سندن ڀاء سنگهار کي ان وقت ئي ڇڏيو ويو.
سسئي سورٺ جي گهر تي چڙهائي خلاف سول سوسائيٽي جي حيدرآباد واري احتجاج ۾ سينئر اڳواڻن پنهل ساريو،تاج مريا،امداد چانڊيو،جامي چانڊيو،عرفانا ملاح ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.جڏهن ته ڪراچي ، گولاڙچي،جهوڪ،مورو،پڊعيدن،خيرپور،ڄامشورو،لاڙڪاڻو،عمرڪوٽ ۽ ميرپور خاص ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا پر قومپرست جماعتن جا اڳواڻ خاموش رهيا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter