سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ادبي ميلي ۾ ٻه شاعر ڪيئن وڙهي پيا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/11/2019

لاهوتي
سنڌ ۾ جيئن  ادبي ميلن جي موسم عروج تي آهي تيئن ئي انهن ميلن ۾ هلڪا ڦلڪا جهيڙا به عروج تي پهتل آهن.اهڙوئي هڪ جهيڙو ٻن شاعرن وچم حيدرآباد جي ادبي ميلي ۾ ٿي پيو جنهنکي بقايا شاعرن وچم پئي ٽاري وڌو.
لاهوتي کي مليل اطلاعن موجب مشاعري واري رات احمد سولنگي اچڻ سان ئي سامهون بيٺل بخش مهراڻوي مٿان چڙهي ويو ته هن کيس اياز ميلي ۾ ٽوڪيو هو جيڪو هن سٺو ناهي ڪيو.اهڙي هلت سبب احمد کيس تنبيهه ڪئي آئنده هو کيس نه ڇڏيندو.
لاهوتي جي باخبر فقيرن موجب اياز ميلي ۾ احمد سولنگي شعر پڙهڻ دوران بار بار عرفانه ملاح کي نالو کڻي مخاطب پئي ٿيو ته عرفانا منهنجو هي شعر غور سان ٻڌو جنهن تان بخشڻ مهراڻوي کيس ٽوڪيندي چيو هو ته احمد پنهنجو شعر پڙهو عرفانا کي سڏڻ ڇڏي ڏيو.
ٻنهي شاعرن وچم جاري اها سرد جنگ هاڻي حيدرآباد جي ادبي ميلي ۾ ان وقت ظاهر ٿي پئي جڏهن ٻئي ڄڻا آمهون سامهون ٿي پيا.فقيرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي شاعرن هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا هڪٻئي کي گارين جي حد تائين برو ڀلو چيو ۽ هڪٻئي کي ڏسي رهڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا.هڪٻئي کي ماضي ۾ فلاڻي خان جو لونڊو هئڻ جا طعنا ڏيندا رهيا ۽ اڙي مونکي تنهنجي خبر آ،  تون ڇا ڪندين جهڙا جملا سرعام چوندا رهيا.
ٻنهي شاعرن جي گڏيل دوستن وچم پئي امڪاني جهيڙي کي ٽاري وڌو ۽ احمد سولنگي واپس هليو ويو.جنهن بعد فقيرن موجب بخشڻ مهراڻوي پنهنجي جونيئر شاعر دوستن کي چيو ته احمد سدائين پي اچي ادبي ميلن ۾ گند ٿو ڪري انکي روڪڻ گهرجي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter