01/13/2019
لاهوتي
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن سان ڪامريڊن جي هي ويهڪ ڏسي لاهوتي کي خوشي ٿي.لاهوتي مٿان اجايا الزام آهن سنگت جا رڳو منفي خبرون ٿو پهچائي پر ڏسو ڪجهه مثبت پاسا به آهن ۽ اڳي ئي مٿان صاحبن جو حڪم آهي ته ڇهن مهينن تائين مثبت رپورٽنگ ڪريو.
سو هي فوٽو ڏسي لاهوتي کي اسي واري ڏهاڪي جا اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن سنڌ ۾ سياسي سرگرميون عروج تي هيون.هر جماعت پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو اهڙو ته رواج وڌو جو هو جڏهن هڪٻئي سان ملندا هئا ته اڄوڪن نوجوانن وانگر ڪپڙن،وارن جي اسٽائيل يا موبائيل فونن ۽ گاڏين جي ماڊلن بدران هڪٻئي کان ڪتابن جو پڇندا هئا ته اڄڪلهه ڇا پيا پڙهو.هڪٻئي کي ساڙڻ لئه وڏن وڏن ليکڪن يا ڪتابن جا نالا کڻندا هئا.
عجيب اتفاق آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪامريڊ حيدر جويو سرگرم هوندو هو ۽ هاڻي چانڊڪا ۾ ٿيل تازي اسٽڊي سرڪل ۾ به ڪامريڊ بخشل ٿلهو سان گڏ ماڪريڊ حيدر جويو گوڏو گوڏي سان ملايون ويٺو آهي.
اهڙيون سياسي سرگرميون صرف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نه پر سمورن تعليمي ادارن ۾ شروع ٿيڻ گهرجن ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل وارو سياسي ڪارڪن ڪنهن ٺڳ چيتي گوريلي پٺيان لڳڻ بدران پڙهيل لکي پنهنجو سياسي فيصلو ڪري سگهي.