سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

فوجي عدالتن جي وڌيڪ ضرورت ناهي : سينيٽ ڊپٽي چيئرمين


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/14/2019

ويب ڊيسڪ
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊي والا چيو آهي ته گذريل ٻن سالن کان ملڪ جون حالتون تبديل ٿيون آهن تنهنڪري مان نٿو سمجهان ته اسانکي فوجي عدالتن جي وڌيڪ ضرورت آهي.
هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن فوجي عدالتن قائم ڪرڻ جي تجويز آئي هئي تڏهن هڪ الڳ ماحول هوي ۽ انڪري ئي اتفاق راء سان اهي قائم به ٿيون.عدليا پڻ خطرو محسوس ڪندي انهن جي اجازت ڏني پر هاڻي مان نٿو سمجهان انهن عدالتن جي وڌيڪ ضرورت آهي.
واضع رهي ته فوجي عدالتن جو مدو ايندڙ مارچ مهيني ۾ پورو ٿي رهيو آهي ۽ سليم مانڊي والا جي بيان بعد اهو تاثر اچي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي هن ڀيري فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي اتفاق ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي.
گذريل مهيني قانون واري وزارت پاران قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو  هو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري سمري ڪابينا ڏانهن منظور لئه  موڪلي وئي آهي.
سليم مانڊي والا جي بيان کان اڳ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پن واضع لفظن ۾ چئي چڪو آهي ته سندس پارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حمايت نه ڪندي جيڪو مدو ايندڙ مارچ ۾ ختم ٿي رهيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter