سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

صاحب کي زڪام آهي، گورين جا پئسه ڏي....


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/13/2019

اشفاق سومرو

هُون ته پنهنجي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ ان تي ڳالهائڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، جيڪا پاڻ کي اچرج ۾ وجهي پر ڪرپشن جو اسڪيل ۽ طريقو ضرور ڌيان ڇڪائي ٿو. سنگتي انداز ۾ انتظام هلائڻ به پاڻ وٽ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي.
”مختيارڪار صاحب کي زڪام آهي، پئسه ڏيو ته گوريون وٺي اچان“، هي جملو ڪجهه ڏينهن پهرين مُون ماڻهن سان هر وقت ڳُتيل اُن مختيارڪار آفيس ۾ ٻُڌو، جتي صاحب جو پٽيوالو ڪنهن سينيئر تپيدار/هيڊ ڪلرڪ کي مخاطب هُئو. ”پاڻيءَ جو ڪَين/بوتل به وٺڻي آهي، انهيءَ لاءِ به پئسه ڏيو“ صاحب چيو آهي، هُن يڪ ساهيءَ ۾ هي ٻيو جملو به مغز ۾ هينس.
گهڙي کن لاءِ سوچيم ته ڇا صاحب وٽ پنج روپيا به نه آهن جنهن مان هو زڪام جُون گوريون وٺي؟؟ پر ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه زڪام اهڙا ڍِيٽ، نڪ جا پڪا ۽ بي حيا ٿي پيا آهن جيڪي ظاهر آهي ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪرڻ سان ته ٺيڪ ٿيندا ڪونه، جيستائين ٻين جي کيسي تي حملا نه ڪندا. انهيءَ سان گڏ آفيسن ۾ روزاني خرچ پکو به ريزڪي ۽ ونگاري انداز ۾ هلائڻ معمول بڻيل آهي، ۽ جنهن جو پاڻ ته گهڻي ڀاڱي نوٽيس ئي نه وٺندا آهيون، حالانڪه هي انتظام ڪاريءَ جو هڪ اهم پهلوءَ آهي ته آفيسن جو روزاني خرچ پکو ڪيئن ٿو هلي. پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اهو روزاني جو خرچ هلائڻ لاءِ پيٽي ڪيش (Petty Cash)جو طريقو هوندو آهي، جيڪو سرڪاري آفيسن ۾ اڪثر ڪري اڻلڀ هوندو آهي.
اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جو وائرس به ائين ئي بي حيائي ۽ سينازوريءَ سان حملو ڪندو آهي جيئن زڪام جو وائرس ۽ الرجي بي رحم ۽ بي وقتائتو حملوڪندي آهي. پوءِ چاهي ان جو شڪار ڪير به ٿئي. پر اهو وائرس ظاهر آهي ته غريب غُربي کي هڻيودسيو وجهي. ڇاڪاڻ ته ان جو شڪار ڪمزور کي ئي ٿيڻو آهي. جتي اربين کربين رُپين جي ڪرپشن جو به ڪو حساب نه ٿيندو هجي، اُتي زڪام جي گورين لاءِ پئسه وٺڻ کل جوڳي ڳالهه ته ضرور آهي پر سوچڻ واري به آهي ته قصو ڪٿي وڃي پهتو آهي. اهڙي اُملهه ۽ شانائتي گفتگو کان پوءِ ننڍي صاحب يعني سينيئر/سپروائيزر تپيدار مون کي چيو ته ”سائين داخلا وارو ڪتاب ڪونهي، ايندڙ هفتي اچجو“ هي جملو هر ان ماڻهوءَ کي مهينن جا مهينا ٻُڌڻو پوندو آهي، جيڪي سڌي طريقي سان پنهنجو ڪيس فائل ڪندا آهن. هي بُڪ ڪنهن جي لاءِ ايندو آهي، ڪڏهن ايندو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن جي داخلا ٿيندي آهي، ان جي سڀني عاقل ۽ بالغن کي خبر آهي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هن ڊجيٽل ايج واري  ڀرمار جي دؤر ۾  به سرڪاري يا شهرن جي آفيسن ۾ هينئر به اهڙي ئي ويڌن آهي، جيڪا اڳ ۾ هئي.سائبر واري هن دؤر ۾ جتي سوشل ميڊيا ننڍن وڏن مسئلن، ڳالهين ۽ خيالن جي پرچار جو هڪ وڏو پليٽ فارم ٿي اڀريو آهي، جنهن کان پوءِ ڪافي ماڻهن محتاط انداز ۾ هلن ٿا، پر پاڻ وٽ قصو اڳي کان اڳڀرو ٿيندو پيو وڃي، روينيو کاتي سنڌ حڪومت ۾ جيتوڻيڪ موجوده حڪومت سموري روينيو نظام ۽ ملڪيتن جي داخلا جو آن لائين سسٽم به متعارف ڪرايو هو ۽ ان جي تَشِهير پڻ گهڻي ڪئي هئي. پر قصو اڃا تائين اُتي جو اُتي آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته زڪام جو وائرس سموري نظام کي وڪوڙي ويو آهي. هن ٽيڪنالوجي، چٽاڀيٽي، سائبر ۽ سائنسي دؤر ۾ پاڻ وارن ادارن ۽ آفيسرن کي به مدي خارج طريقا،ايڊمنسٽريشن جا نظام ۽ رويا بدلائڻ جي ضرورت آهي.
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter