01/15/2019
ويب ڊيسڪ
پاڪستان جي سياسي منظر نامي تي ڏهاڪن کان هڪٻئي خلاف تقريرون ڪندڙ جماعتن جا اڳوڻ هاڻي هڪ ٽيبل تي ويهي گڏيل فيصل ڪرڻ تي متفق ٿيا آهن.اسلام آباد ۾ سمورين مخالف ڌر جي پارٽين جو اجلاس شهباز شريف جي چيمبر ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
مخالف ڌر جي اڳوڻن جو گڏيل غير رسمي اجلاس شهباز شريف پاران مانجهاندي جي دعوت تي ٿي گذريو جنهن ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ آصف زرداري کي هن ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪيو. ان مانجهاندي جي ٽيبل تي مخالف ڌر جي پارٽين جا اڳواڻ ٻن ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪندا رهيا جنهن بعد جڏهن ٻاهر نڪتا ته صحافين جي سوالن جي موٽ ۾ آصف زرداري چيو ته اتحاد ٿي ويو آهي.
جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن وچم مثبت ڳالهيون ٿيون.جنهن ۾ مسلم ليگ نواز، پي پي پي ، ايم ايم اي، بي اين پي ۽ اي اين پي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اسان ٽن نقطن تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي ماڻهن جا معاشي حق، انساني حق ۽ جمهوري حقن لئه گڏيل حڪمت عملي جوڙجي.
اپوزيشن جماعتن پاران وڌيڪ حڪمت عملي جوڙڻ لئه هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا آئنده جو لائحه عمل تيار ڪندي.بلاول جي ٽوئيٽ موجب ته فوجي عدالتن ، مني بجيٽ ۽ سي او ڊي تي بحث ڪيو ويو.