سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هڪ نيم ناستڪ سنڌي جي پنجاب واري پير تي حاضري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/14/2019

عيني امن

ننڍي هوندي ئي مونکي مذهبي ڪتاب پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو  هيو. ان ڪري قصص الانباءَ، قصص القرآن سميت ڪيترائي ڪتاب ننڍي وَهي ۾ ئي پڙهي ڇڏيم. جڏهن ٻيا ڇوڪرا چدي ۽ سٽَ ڪُٽ جي راند کيڏندا هئا ته آئون ٽيپو سلطان جا انگريزن سان برپا ٿيل معرڪا پڙهندو هيس. جڏهن همڪلاسي ڪرڪيٽ کيڏندا هئا ته آئون وري جنتي طوطن جون چوپڙيون پڙهندو هيس. . جن ۾ قبر جو عذاب، منڪر نڪير جون ڀوائتيون شڪليون، جنت جا روح پرور منظر، حوُرن جي دلفريب ادائن جون ڳالهيون، نبين جا معجزا ۽ پهتل پيِرن جي ڪرامتن جي ساراهه هوندي  هئي. نسيم حجازي جا ناول ته  هڪ الڳ دنيا ۾ پهچائي ڇڏيندا هئا.
.
ننڍي وهي ۾ ئي نماز پڙهڻ شروع ڪئي، هڪ دفعي پنهنجي علائقي جي هڪ اثر رسوخ رکندڙ هڪ مولوي صاحب  جو واعظ پئي ٻڌم ته  قيامت ۾ هڪ حافظ پنهنجي گھر جي 7 ماڻهن جي بخشش ڪرائيندو آهي جيڪي بنا ڪنهن پڇاڻي جي سڌو جنت ويندا آهن. سو مان گھر ۾ وڏو هجڻ ڪري گھر وارن سان جھيڙو ڪري هڪ ڌڪ ۾ پنهنجا ٻَه ننڍا ڀائر ۽ ٻهَ سئوٽ وٺي انهن کي لاڙڪاڻي جي هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرائي آيس. مهيني کانپوءِ انهن سان ملڻ ويس ته جيڪا جُٺ مونسان  ٿي اها ياد ڪري  ڏاڍو کلندو آهيان
.
بهرحال انٽر پاس ڪري جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي ۾ آيس ته ان وقت به منهنجي ذهن موجب ڪنهن يهودي، هندو، عيسائي يا قادياني کي قتل ڪرڻ جو مطلب جنت جي ٽڪيٽ پاڻ تي واجب ڪرڻ هيو. پوءِ آهستي آهستي حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي علمي ۽ ادبي ماحول منهنجي ذهن تي اڻ مٽ  اثر ڇڏيا. آهستي آهستي ڪميونسٽن، دهرين ۽ سيڪيولر ماڻهن جي صحبت ملڻ لڳي. چوندا آهن ته ماڻهو رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي سو مان به مولوي مان ڦري مروان (بِقول مولوين جي) ٿي پيس.
مان انهن دهرين وانگر نه هيس جن جو ڪم مذهبن تي 24 ڪلاڪ گارين جي ڀرمار هوندي هئي.  پر مونکي ڪارل مارڪس جو هڪ قول ياد آهي ته ( مذهبن کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ هلڪڙائپ آهي ڇوته مذهب انساني سماج جي ترقي جا ڏاڪا آهن ۽ مذهبن ئي انساني شعوري اوسر ۽ واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي). آخرڪار سنڌ ورسٽي مان چار ساله ڊگري جي سندَ وٺي وڌيڪ تعليم لاءِ اسلام اباد جا وڻ وسايا.
.
اسلام آباد جو ماحول سنڌ يونيورسٽي کان  بلڪل مختلف هيو. ڇوته سنڌي ماڻهو مزاج ۾ سيڪيولر هوندا آهن ۽ هِتي وري معاملو ئي ٻيو هيو. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي هاسٽل ۾ رهندو هيس ته شروع شروع ۾ ڇوڪرا چوندا هئا ته ( اٿ ته نماز تي هلون پوءِ منهنجا اونڌا جواب ٻڌي زهر جو ڍڪ ڀري پاڻ ئي هليا ويندا هئا). مگر اسلام آباد اچڻ کانپوءِ اهو سلسلو  ٻيهر شروع ٿيو. سو مان شروع ۾ پريشان ٿي ويس ته هِنن کي ڪيئن سمجھايان پر پوءِ دوستي جو ڀرم رکڻ خاطر ڏيکاءِ لاءِ انشا ءِ الله، ماشا الله، سبحان الله ۽ شڪر الحمدالله جو استعمال به وافر مقدار ۾ ڪرڻ لڳس. دل ئي دل ۾ کلندو به هئس ته هاءِ ڙي زندگي تنهنجا کيل.
!
جڏهن مڊٽرم جا پيپر ويجھو آيا ته هڪ دوست زور ڀريو ته هل ته هلي( پيرمهر علي شاه عرف سائين گولڙه شريف) جي زيارت ڪري اچون من ان جي صدقي امتحانن ۾ ڪا سڻائي ٿي پوي . هن جي نظر ۾ مان پيِرن فقيرن جو معتقدِ خاص هيس. مونکي به گھمڻ ڦرڻ جو بهانو ملي ويو. سو موٽر سائيڪل ۾ ڏيڍليٽر پيٽرول ڀرائي ٽاڪ منجھند جو نڪري پياسين.
.
گولڙو شريف واري پير جون اسلام آباد جي مختلف هنڌن تي لڳل تصويرون اڳ۾ ئي ڏٺل هيون ۽ نالو به ٻڌل هيو. ڇوته اسان جي يونيورسٽي ۾ هڪ وڏي گاڏي ۾ ايندڙ هڪ لوفر ڇوري لاءِ چيو ويندو هيو ته هي پير آف گولڙه شريف جو فرزندِارجمند آهي. جنهن جو ڪم سدائين ڇوڪرين سان فلرٽ ۽ ڪيمپس ۾ لوفرپائي ڪرڻ هيو. اسان ٽنهي مان ڪير به اڳ درگاه تي نه ويل هو. انڌن ملتان لڌو سو اسان به پڇا ڪندا نيٺ منزل تي  پهچي وياسين.
.
موٽر سائيڪل جيئن ئي پارڪ ڪئيسين ته گادي نشين پاران مقرر ڪيل هڪ ڇاڙتو پهچي ويو جنهن 20 روپيه غنُڊا ٽيڪس واري پرچي ڪٽي ڏني جنهن تي ڪنهن به ميونسپل ڪميٽي يا ٺيڪيدار جو نالو درج نه هيو.
.
. مکيه دروازي تي پهتاسين ته اسان جي تلاشي ايئن ورتي وئي جيئن هيٿرو يا جان ايف ڪينڊي ايئرپورٽ تي سائو پاسپورٽ ۽ سونهاري رکندڙ همراهن جي جھڙتي وٺبي آهي. اندر جيئن ئي داخل ٿياسين ته پهريان ئي بَٺيِ (لنگر خاني) ۾ پهچي وياسين. جتي لنگر هلي رهيو هيو. ماني کي ڏسي منهنجو روح به سرڪيو سو سنگت کي چيم ته ثواب خاطر ٻهَ گِره هڻجن. جڏهن ويجھا ٿياسين ته دال تي نظر پئي جنهن سان ماڻهو ماني کائي رهيا هيا هئا. مان چهراڻ جو شوقين سو دال ڏٺم ته اندر ئي سڙي ويو. دوستن کي اٽڪل ڪري چيم هاڻي هِتي وڏي رش لڳي پئي  آهي. هلو ته هَلي پهرين سائين جن جي قدم بوسي ڪري اچون پوءِ واپسي تي ماني کائون ٿا. ان وقت عورتون الڳ ماني کائي رهيون جڏهن ته مردن لاءِ جدا بندوبست ٿيل هيو. مون واري دوست ٺونٺ هڻي چيو ته (ڏس الله وارن جا ڪم! هزارين ماڻهو پيا کائين ڏينهن رات لنگر ۽ سبيل پئي هلي الائي ڪٿان پئسو پيو اچي بس وڏو جَهان آهي). دل ۾ چيم ان لا۽ هڪ ته گگدام ۽ زماني جا ڌڪاريل ويچارا مسڪين ماڻهون پئسا ڏيندا آهن جن وٽ جديد علاج لاءِ پئسو ناهي ايندو سو پنجاه سئو نظرانو ڏئي پيِر کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ٻيا وري اسمگلر، ڌاڙيل، راشي ڪامورا، بدعنون بيوڪريٽ ۽ ڪرپٽ سياستدان ئي ڏيندا آهن جن جا مستقل مفاد ان درگاه سان وابسطه هوندا آهن.
.
اندر جيئن ئي داخل ٿياسين ته حضرت سائين جن جي والد محترم ۽ عزيز ڀائرن جون قبرون هيون. ڀرسان ئي هڪ جدا هجري نما مقبري ۾ سائين جن جي والده ماجده جي آخري آرامگاه هئي.  جنهن ۾ غير محرم مردن جي داخله ممنوع هئي. مونکي اها ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي ؟.
.
اتي ئي هڪ حوض ٺهيل هيو جنهن ۾ مئل مکيون ۽ ٻيا جيت جڻا پيل هئا ۽ پاسي ۾ ئي هڪ تختي لکيل هيو ته ( هن مقدس حوض ۾ سڪا يا ٻيون ڪي کائڻ پيئڻ جون شيون اڇلائڻ منع آهن.) ان جي باوجود ڪافي سڪا پاڻي جي تَري ۾ نظر آيا. مجبوري ۾ ان حوس ۽ سينواريل پاڻي مان ڏيکاءَ وارو وضو ڪري سائين حضرت پير مهر علي شاه بادشآه جي روضه اطهر ۾ داخل ٿياسين.  سندس مزار شريف تي شاندار ڪم ٿيل هيو هن پير جا ڪيترا ئي معجزا مشهور ٿيل آهن جيئن 6 سالن جي عمر ۾ قرآن ڪريم کي حفظ ڪرڻ ۽ 7 سالن جي عمر ۾ خواب ۾ شيطان مردود کي ملهه دسڻ جهڙيون ڳالهيون سرِفهرست آهن. اتي موجود هڪ مريد ٻڌايو ته نه فقط ايترو پر پاڻ مرزا غلام احمد ملعون کي مناظري جو چيلينج ڏنائون پر لائنتي ڀڃي ويو ۽ سائين جي سامهون نه آيو.
.
اتي ئي ويٺل هڪ مريد مفت ۾ تعويز ورهائي رهيو هيو. ماڻهو اُن کي هزارين مسئلا ٻڌائي رهيا هئا مگر هِن سڀني کي هڪ ئي تعويذ ڏنو ٿي. جيڪو سڀني تڪليفن لاءِ هڪ ٽڪ هئا. پوءِ آهستي آهستي ماڻهو تعويذ وٺي هُن جي پيرن تي هٿ رکي اڳتي وڌندا ٿي ويا. اهو لقاءٰ ڏسي رهيو هيس ته هڪ همراه ڪلهي تي هٿ رکي برفي جو ٽڪرو ڏنو جيڪو مان احترام طور تي ساڄي هٿ سان وٺي کائڻ شروع ڪيم.
.
ڪجھ وقت ويهي پاڻ اتان اٿي واپس لنگر خاني تي آياسين جتي دل تي پٿر رکي پاڻي واري دال مان ڪجھ گرهَ هنيم. اهڙي طرح واپسي ۾ هڪ ڍاٻي واري وٽ گرم سموسا ۽ ڇسي بي ذائقه چانهن پي واپس هاسٽل پهتاسين

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter