سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

درس جي ميڙ منٿ رنگ نه لاتو سيد سالگرهه جا اٺ جلسا ٿيندا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/16/2019


لاهوتي
سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ رسول بخش درس جي سربراهي ۾ جوڙيل مصالحتي ڪميٽي جي ڪوششن رنگ نه لاتو جنهنڪري سن ۾ سيد جي سالگرهه جا جلسا هميشهه جيان الڳ الڳ ٿيندا.
ذريعن موجب سيد جي سالگرهه اچڻ کان لڳ ڀڳ مهينو اڳ جمهپير ۾ رسول بخش درس جي ماڙي تي  جيئي سنڌ سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن گڏجي هڪ مصالحتي ڪميٽي جوڙي هئي جنهن جي پليٽ فارم تان رسول بخش درس کي وٺي ڪراچي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڏانهن پڻ ميڙ منٿ ڪري ويا هئا ته هن ڀيري سن ۾ سيد جي سالگرهه جيئي سنڌ جي جهنڊي وارا سمورا گروپ گڏجي ملهائين.ان بابت سوشل ميڊيا تي اهو پڻ اعلان ڪيو ويو هو ته جسقم چيئرمين کين مثبت موٽ ڏني آهي ۽ دوستن سان گڏجي مشورو ڪري کين جواب ڏيندا.پر بعد ۾ جسقم جو اهو اعلان سامهون آيو ته هو تشدد جي حامين سان گڏجي نه ويهندا ۽ پنهنجو جلسو الڳ ڪندا.
جيئي سنڌ سان لاڳاپيل سمورن گروپن جا ماڻهون سينيئر ليکڪ رسول بخش درس جو دلي طرح احترام ڪندا آهن انڪري ئي ذّريعن موجب ڪجهه سينئير اڳواڻ ٻيهر سندس جهمپير واري ماڙي تي آيا ۽ کيس پنهنجي پاران يقين ڏياريائون پر جسقم بشير خان گروپ جي انڪار بعد مصالحتي ڪميٽي وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون.
ذريعن موجب ليکڪ رسول بخش درس کي ڪجهه پارٽين جي اڳواڻن جي يقين ڏياريو آهي ته هو ساڻس گڏجي سيد جي مزار تي ڪيڪ ڪاٽيندا ۽ گڏجي ترانو ضرور ڳائيندا باقي سياسي جلسا هرڪو پنهنجي پنهنجي الڳ الڳ پنڊال ۾ ڪندو.
سيد جي 115 هين سالگره سن ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺن پارٽين جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.جلال محمود شاه جي ايس يو پي، جسقم بشير قريشي،جسقم آريسر،جست سرڪي،جست ڪرناڻي،جسم رياض،جسمم،جيئي سنڏ لبرل فرنٽ پڻ پنهنجا جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter