سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سعودي شهزادي پاران وزيراعظم کي سون جو تحفو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/14/2019

لاهوتي
سون سان سعودي عرب جي شهزادن جي ڪيتري نه دلچسپي آهي، توهان انهن جي گاڏين جهازن ۽ باٿ رومن تائين سون ته لڳل ڏٺو هوندو پر هن ڀيري سعودي شهزادي سون جي ڪلاشنڪوف ٺهرائي تحفي ۾ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي ڏني آهي.
سعودي عرب جي صوبي طبوڪ جي گورنر سهزادي فهد بن سلطان بن عبدالعزيز گذريل ڏينهن گولين سميت سون جي ڪلاشنڪوف وارو تحفو وزيراعظم عمران خان حوالي ڪيو.ان موقعي تي دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعه پڻ موجود هئا.
وزيراعظم ان مهانگي تحفي تي شهزادي جا ٿورا مڃيا پر لاهوتي کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اهڙا مهانگا تحفا ڏيڻ بدران ڇا سعودي شهزادا هن غريب ملڪ جي عام ماڻهن لئه ڪا بهتر اسپتال يا ڪو بهتر اسڪول تحفي طور نٿا ڏئي سگهن.؟

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter