سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اي سي ايل ۾ نالا ڏيڻ تي حڪومت تڪڙ ڪئي : شاه محمود قريشي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/17/2019


ويب ڊيسڪ
پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته اي سي ايل ۾ نالا ڏيڻ ۾ اسان تڪڙ ڪئي پر حڪومت هاڻي ڪو به قدم تڪڙ ۾نٿي ڪرڻ چاهي.هن افسوس ڪندي چيو ته صرف جي آئي ٽي رپورٽ ۾ نالا اچڻ تان 172 ماڻهن جا نالا ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي ميمبرن جي تنقيد جو جواب ڏئي رهيو هو. پيپلزپارٽي ميمبرن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ واري حڪومتي ڪوتاهي تي تنقيد ڪئي.پيپلزپارٽي جي شازيه مري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هي حڪومت آخر ڪيستائين توهين عدالت ڪندي رهندي.
پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ته اهو معاملو وفاقي ڪابينا ۾ بحث هيٺ آيو جتي فيصلو ڪيو ويو ته عدالت جو تفصيلي فيصلو اچڻ تائين انتظار ڪيو وڃي.قريشي موجب چيف جسٽس حڪومت کي سفر تي پابندي ختم ڪرڻ تي غور بابت چيو هو جلد نالا لسٽ مان خارج ڪرڻ جو نه چيو هو.
شاه محمود قريشي چيو ته حڪومت اي سي ايل مان نالا خارج ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو صرف مهلت گهري آهي.
ان موقعي تي پي پي جي نويد قمر چيو ته ڇا حڪومت چيف جسٽس جي ريٽائرمنٽ جو انتظار ڪري رهي آهي جيڪو 17 جنوري تي ريٽائر ٿيندو.ان تي شاه محمود قريشي کيس يقين ڏياريو ته حڪومت کي چيف جسٽس لئه احترام آهي سندس حڪم تي سندس ريٽائرمنٽ کانپوء به عمل درآمد ٿيندو.هن پي پي پي ميمبرن کي مشورو ڏنو ته ان معاملي تي ٿورو صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي.
پيپلزپارٽي ميمبرن جي حمايت ۾ مسلم ليگ نواز جي ميمبر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت کي بلاول جو نالو ته جلدي اي سي ايل مان خارج ڪري فراخدلي جو مظاهرو ڪرڻ کپي ها.
هن چيو ته بلاول ته ڪڏهن حڪومت ۾ به ناهي رهيو ان جو نالو اي سي ايل ۾ ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter