سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اهي وڻ ۽ وَلهيون اسان جي اوٽ آهن


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/15/2019

دسرت ڪڏيچو

سنڌ جي وجود ۾ ٿر جي خوبصورتي اڻکٽندڙ ڀورين ڀٽن جي ڀاڪرن ۾ سمايل وڻن، ٻوٽن ۽ ولهين جي ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان لڳاتار مينهن نه وسڻ جي ڪري ڀورين ڀٽن تي ساوڪ نظر نٿي اچي پر ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ جيڪي وڻ بچيا آهن اهي به هاڻي ٿر ۾ ڏينهنون ڏينهن ناياب ٿيندا پيا وڃن.
.
ڪونڀٽ، ٿوهر،گگرال، ڪنڊيءَ، کٻڙ ۽ ٻورڙي سوڌو هاڻي ٻين وڻن تي سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ ماڻهن جو رکيل پگهاردار ڪهاڙو اڃاري ٿر کي رُڃ ڪرڻ ۾ وسان ڪين پيو گهٽائي.
.
هونئن ته ٿر جو حال سالن کان وٺي هيڻو آهي پر هاڻي وڻن ۾ ڪهاڙي جو وڍ ڏئي ماروئڙن کان سائي وڻ جو اوٽ ئي کسيو پيو وڃي پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ وارو ادارو تحرڪ نه پيو وٺي.
.
ٿر ۾ اڏول بيٺل وڻ ۽ ڏڪار جي قهر سبب سُڪل وَلهيون عام ماڻهو لاءِ ڪا به حيثيت نٿيون رکن پر ماروئڙن لاءِ اهي دوائون ۽ ڦڪيون آهن.جن جي پَنن ۽ ڇوڏن توڙي رَس مان ڳوٺن ۾ رهندڙ ويڄ ماڻهن جو سستو علاج ڪن ٿا.

اِهي وڻ ٿر ۾ اُڃ وگهي پاهه ٿيندڙ پکين جا گهر آهن جن تي ويهي هو کارو پاڻي واپرائڻ باوجود به مٺيون ۽ مَن موهڻيون ٻُوليون ٻولين ٿا ته ڪاڙهي ۾ ڪڙهيل ڌنار به ڌڻ ڪاهي انهن ئي اڏول وڻن جي هيٺان پاڻ سوڌو چوپائي مال کي به ڪاهي ساهي ڏيڻ لاءِ ترسائين ٿا.

هنن وڻن ۾ کنئور ته هاڻي ايڏو خاص نٿو ٿئي پر مال جي چاري طور هنن جا پَن ڪارائتا آهن جن کي وڍي ماڻهن جو ڏڪار ۾ وڻ جهڙو عظيم ڏڍ نه کسيو وڃي.
.
ڪلوئي کان مٺي- اسلام ڪوٽ کان عمرڪوٽ-عمرڪوٽ کان رتنور-کينسر کان کوکراپار-ڇور کان اڇڙي ٿر تائين هر پاسي ڀٽن جي وَرن وڪڙن ۾ ڪجهه ماڻهو روزانو هزارين وڻن جي واڍي ڪري سڪل ڌرتي کي ويتر ٺوٺ ڪرڻ ۾ وسان ڪين پيا گهٽائين.
جڏهن  کان ترقي جو ڄار يعني روڊ رستا اڏاوت ٿيا آهن انهن علائقن ۾ ڪهاڙي وارا به سرگرم ٿي ننڍن وڏن وڻن ۾ وَڍ ڏئي ريگستاني علائقي کي نسورو رِڻ بڻائي رهيا آهن، انهن خلاف مقامي ماڻهو وقت به وقت آواز اٿارين ٿا پر آواز ٻڌڻ وارن ادارن جا جهڙوڪ ڪن ئي بند ٿيل آهن جن تائين آواز پهچڻ جي سگهه ئي وڃائيندو پيو وڃي.
حڪومت طرفان ته ٿر ۾ وڻن جي واڍي تي قلم 144 ته لاڳو آهي پر اهو قلم ڪم نه پيو ڏيکاري تنهن ڪري ڪهاڙو گهمائي وڻن جو نسل ئي قلم ڪيو پيو وڃي.
.
روزانو ٿر جي مختلف روٽن تان جي ايم سي (ڇڪڙو ) ذريعي سوين مڻ ناياب ڪاٺ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ امرڪوٽ جي آرا مشينن تي آندو پيو وڃي پر اهي ٻيلي کاتي جا عملدار نه ڄاڻ ڪهڙي ٻيلي ۾ پناهه وٺيو ويٺا آهن جن کي ٿر جي سونهن تي ڪوڙهه جو ڪهاڙو گهمائيندڙ نظر ئي نٿا اچن.
وڻن جي واڍي سان هڪ پاسي فطري سونهن سرمائيدارن جي روايتي لالچ جي ڪري متاثر پئي ٿئي ته ٻي پاسي ايڏي وڏي انگ ۾ وڻن جي واڍي سبب ماحولياتي تبديلين جا اثر پوڻ ڪري عام ڏينهن ۾ ڳڙهي خيرو جون سڪون لاهيندڙ گرميءَ ماڻهن جا هوش ئي ڇڏايو ٿي ڇڏي.
.
سنڌ حڪومت هلندڙ سال لکين تَمر جا ٻوٽا لڳائي عالمي رڪارڊ ۾ ته نالو لکرايو آهي پر صدين کان بنا ڪنهن محنت جي فطري حسن بخشيندڙ ٿر جي وڻن جي واڍي جو ڪو به اُلڪو ناهي.
.
هوڏانهن اسلام ڪوٽ ۾ ڪڏهن هڪ پاسي ڪوئلي جي بلاڪس ۾ انڊر گئسيفڪيشن پئي ڪئي وڃي ته ڪڏهن وري ٻيا ڪي نَت نوان تجربا ٿا ڪيا وڃن اهي سڀئي تجربا ڪهڙي نه ڪهڙي ريت ماحول دشمن جي ذمري ته اچن ٿا پر انهن جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ حڪومتي سطح تي بنا ڪنهن سستي جي ترت هاڪاري قدم کڻي وڻن جي واڍي تي لڳايل قلم 144 تي پوري ريت عمل ڪرائڻ سان گڏوگڏ هزارين نه پر لکين ٻوٽا لڳائي خشڪ ٿيندڙ ٿر جي ڌرتي تي ساوڪ نروار ڪئي وڃي ته جيئن سياحن سوڌو مقامي ماڻهن جي اکين کي فرحت ۽ راحت ملي سگهي...
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter