سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

عدالتي فيصلن کان وڌيڪ ڊئم جي حمايت واري مهم هلايندڙ جج


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/18/2019


شهزاد ملڪ
پاڪستان جو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار شايد ملڪ جي عدالتي تاريخ جو واحد جج هوندو جنهنکي سندس عدالتي فيصلن  بدران غيرعدالتي سرگرمين سبب ياد رکيو ويندو.
چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سترهن جنوري تي ريٽائر ٿي رهيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ سندس مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس پڻ ٿي رهيو آهي.
پاڪستان جي چيف جسٽس طور مقرري دوران هن انصاف جي ممڪنه فراهمي سان گڏوگڏ اهڙا قدم به کڻي ويندو هو جيڪي قانوني ماهرن موجب حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ سڌي مداخلت جي برابر هوندا هئا.
مثال طور پاڪستان ۾  پاڻي جي کوٽ ۽  ڊئمن جي اڏاوت جا مسئلا جنهن شدت سان مسلسل کڻندو رهيو ان جي نتيجي ۾ هو ڊئم ته تعمير نه ڪرائي سگهيو پر  پاڻي جي کوت واري مسئيل ۽ ڊئمن جي تعيمر وارو معاملو پاڪستان جي ميڊيا ۽ سياست جي مرڪز تائين ضرور پهچايو.
هن بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جهري کرب پتي سرمائيدار کان ويندي هر ان امير ماڻهون کان ڊئم فنڊ لئه سڌو پئسا طلب ڪيا جن جا ڪم ڪار عدالتن ۾ يا سندس بئنچ اڳيان ڪيس رکيل هئا.
ملڪ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي، اسپتالن جي صفائي، ڀاشا ڊئم جي تعيمر لئه فنڊز جي اپيل، ناجائز حددخلين خلاف ڪاروائي،  اهم سياسي شخصيتن ۽ ٻين ماڻهن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ،  آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لئه ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جهڙا ڪم چيف جسٽس ڪيا،
جيڪي قانوني ماهرن جي نظر ۾ سنئون سڌو حڪومتي يا انتظامي عملدارن جي ڪرڻ جا هئا پر انهن ڪمن جو بار پڻ چيف جسٽس ٿاقب نثار پنهنجي نازڪ ڪلهن تي رکيو.
انهن معاملن جي حل خاطر چيف جسٽس گهڻو تڻو سهارو ازخود نوٽيس جو ورتو.قانوني ماهرن موجب ازخود نوٽيس سپريم ڪورٽ وٽ اهڙو هٿيار آهي جيڪو ڪنهن به وقت ڪنهنجي به خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو.ان قانون جي استعمال جي باري ۾ قانوني ماهرن جي راء پڻ ورهايل آهي.
جتي هن تمام اهم ڪيسن بابت ازخود نوٽيس جو استعمال ڪندي انهن جا فيصلا ڪيا اتي ئي سندس دور ۾ سپريم ڪورٽ ۾ زيرالتوا ڪيسن جو تعداد گهٽجڻ بدران وڌي ويو.جڏهن جسٽس ثاقب نثار 2016 ۾ هي عهدو سنڀاليو ته ان وقت سپريم ڪورٽ ۾ زيرالتوا ڪيسن جو تعداد 32 هزار هو ۽ هاڻي جڏهن هو ريٽائر ٿي وڃي رهيو آهي ته انهن ڪيسن جو تعداد 40 هزارن تائين پهچي ويو آهي.
چيف جسٽس ثاقب نٿار آچر واري ڏينهن به لاهور يا ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيسن جا فيصلا ڪندو هو.اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کانپوء اگر ڪنهن جج ازخود نوٽيس واري قانون جو گهڻو استعمال ڪيو آهي ته اهو جسٽس ثاقب نثار ئي آهي.
هن بطور چيف جسٽس آف پاڪستان 43 معاملن تي ازخود نوٽيس ورتو  جن مان اڪثر ڪيسن جي ڪاروائي مڪمل ٿي وئي.
پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي مخالفت جي باوجود جسٽس ثاقب نثار کي لاهور هائي ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ آندو ۽ سينيارٽي جي باوجود جسٽس خواجه محمد شريف کي نظرانداز ڪيو جيڪو پهرييون نمبر سينيئر هو.
جعلي اڪائونتس ڪيس ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار بحريا ٽائون جي مالڪ کي سڌي آڇ ڏني ته هو ڀاشا ڊئم جي تعمير لئه هڪ هزار ارب روپيا ڏئي ته سندس خلاف ڪيس ختم ڪيا ويندا.
جسٽس ثاقب نثار کي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جيان ميڊيا ۾ رهڻ جو وڏو شوق هو.پهريان پنج مهينا ته هن خاموشي ۾ گذاريا پر بعد ۾ ائين ٿيو جو سندس فيصلن جي ڪاروائي ميديا ۾ گهڻي ڪوريج وٺڻ لڳي.جنهنڪري سندس عدالت لڳڻ کان به اڳ اسلام آباد جا صحافي اچي عدالت پهچندا هئا.
صرف ايتروئي نه پر سپريم ڪورٽ جي پريس ترجمان پاران ائين ٽڪرز يا خبرون موڪليون وينديون هيون جيئن ڪنهن سياسي اڳواڻ يا سياسي تنظيم جي آفيس مان موڪليون وينديون آهن.
( بي بي سي اردو جي ٿورن سان)

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter