سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

وزيراعلي بلوچستان جون ڪوششون : لاپته ماڻهن جي واپسي جو سلسو شروع


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/19/2019

ويب ڊيسڪ
بلوچستان مان سالن کان لاپته بڻيل ماڻهن جي واپسي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ٽن ڏينهن اندر هڪ درجن لاپته ماڻهون پسني،قلات، گوادر، مشڪئي ۽ نوشڪي اورن علائقن ۾ واپس ٿيا آهن.
سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته وائس آف بلوچ مسنگ پرسنس کي وزيراعلي ڄام ڪمال خان آلياڻي ۽ گهرو وزير  ضياء احمد لانگو پاران ڪرايل يقين دهاني کانپوء لاپته ماڻهن جي واپسي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسنس جي چيئرمين نصرالله بلوچ ۽ وائس چيئرمين ماما قدير بلوچ ڪوئيٽيا پريس ڪلب اڳيان پنهنجي قائم ڪئمپ ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪومت کي 110 مسنگ پرسنس جي فهرست ڏيندي گهر ڪئي آهي ته ٻن مهينن اندر انهن کي بازياب ڪرايو وڃي.اها ڪئمپ انهن 10 سال اڳ قائم ڪئي هئي.
رپورٽن مطابق تازو بازياب ٿيلن ۾ اهي ماڻهون به شامل آهن جيڪي ستن کان يارنهن سالن تائين لاپته بڻيل هئا.مهراڻ خيازئي ستن سالن بعد بازياب ٿيو آهي جڏهن ته سئنڊڪ جو عبدالڪريم موسي زئي ٽن سالن بعد، دالبندين جو حاجي غلام دستگير محمد حسني ٽن سالن بعد، نوشڪي جا ڪبير احمد ۽ محمد ايواز قلي چئن سالن بعد،خان محمد بگٽي ڇهن سالن بعد بازياب ٿيا آهن.
واضع رهي ته بلوچستان جي وزيراعلي ڄام ڪمال وائس فار بلوچ مسنگ پرسنس جي اڳواڻن سان وعدو ڪيو هو ته هو لاپته ماڻهن جي بازيابي لئه سمورن ادارن سان ڳالهائيندو ڇو ته انهن جي بازيابي سندس حڪومت جي ذميواري آهي.
ٻئي طرف بي اين پي جي اڳواڻ سردار اختر بلوچ پڻ  وفاقي حڪومت ۾ پي ٽي آئي سان جن ڇهن نقطن تي اتفاق ڪيو هو انهن ۾ لاپته ماڻهن جي بازيابي سڀ کان پهريون نقطو شامل هو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter