سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪهاڻي منهنجو حق


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/17/2019


عائشه حسن ڌاريجو

شاهدا, امان ڀر واري ڳوٺ ۾ نئون اسڪول کليو آهي ,بابا کان موڪل وٺي ڏي نه,ته مان به اسڪول وڃان (شاهدا منهن مهانڊي جي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري هئي ,ننڍي هوندي کان ئي پيء اسڪول ۾ ويهاريس ته بس ڪتابن کي ئي پنهنجي سهيلي سمجهڻ لڳي ,مسيت به ويندي هئي سال ۾ قرآن شريف پڙھي پورو ڪيائين ,ڳوٺ ۾هڪ سهيلي هيس ماجدا اها اسڪول ته نه پڙھندي هئي پر ڳڻن واري هئي ,شاهدا ڪجه وقت ان سان کيڏي, پڙھيل ڪتابن کي وري ,وري دهرائيندي,  سنڌي جا بيت ماء کي ٻڌائيندي ,پيء کي ٻڌائيندي ,مطلب ته گهر ۾ چهڪندي وتندي هئي ,خبر ئي نه پئي ته ست درجا پڙھي پورا ڪيائين اسڪول ۾ ايندي به ته  پهريون نمبر هئي ,ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙھڻ لاء اسڪول ڪو نه هيو ان لاء ست درجا پڙھي گهر ويهي رهي
)
ماء,شاهدا توکي خبر آهي پڻھين !ڪڏھن به توکي اسڪول ڪو نه ڇڏيندو
شاهدا,پر امان ان ۾ ڪهڙو گناه جو ڪم آهي پڙهي پيس ته ,ٻيو نه ته دوا دارون جي ڪاپرچي پڙهي وينديم ,اخبار پڙھندم,گهر جو حساب ڪتاب ڪنديس ٻيو نه ته ڪنهن اسڪول ۾ ماسترياڻي ٿي پونديس.

ماء,ڇوري اهڙا خواب نه ڏس

مٿان شاهدا جي پرڻيل ڀيڻ اچي وئي جنهن جي شادي پاڙي ۾ ئي ٿيل هئي چاچي جي ننهن هئي
شاهدا, ادي امان کان موڪل وٺي ڏي نه, بابا کي تون راضي ڪري وٺجاء ,مونکي پڙھڻ جو ڏاڍو شوق آهي ست درجا ڪهڙي ڪم جا مونکي وڌيڪ پڙھڻو آهي ,ڀيڻ ناهي ,هر ڀيري تون منهنجو ساٿ ڏنوآهي ,هن ڀيري بابا کي چئي ڏس نه

زاهدا,منهنجي ننڍڙي ڀيڻ مان ته چوندم ته تون  پڙھ ,لک ۽ ڳوٺ ۾ماسترياڻي ٿي ,سمجه واري ٿي,پڙھيل لکيل ٿي,مان ته نه پڙھي سگهيم تڏھن ته ڀاڳ ۾ اهيو شرابي مليو جيڪو سڄو ڏينهن گار گند ۾ پورو ۽ رات جو شراب جي حوالي نه اولاد جي ڳڻتي نه منهنجو خيال ,الله نه ڪري جو مون جهڙو ڪنهن جو ڀاڳ ٿئي

ماء,ڇو امان ڇا۾ ڏکي آهين? بادشاهي گهر مليو اٿئي ,زمينن وارو,مال متاع وارو ,ٽريڪٽرن وارو ,نه لٽي جي ڳڻتي نه ڪپڙي جي عيش ٿي ڪري عيش

زاهدا,"ها امان اهڙو سون  ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني"نه نياڻين جي ڳڻتي,نه پٽن ڏي خيال,ڪم ڪار لاء هر هڪ کي ايلاز منٿون ڪندي وتندي آهيان ,نه بيماري بڙي ۾ خيال رکي نه خوشي ۾ ڪو ڌيان ڏي,رڳو واندن دوستن سان سڙيل حمزي جي اوطاق تي ڪريو پيو هوندو آهي رات ايندي شور شغل ,مار موچڙو منهنجي تقدير بڻجي وئي آهي ,ٻارن جو ته خيال ئي نه ٿيندو اٿس ته جوان ڌيء جي ماء آهي
ماء,ڌيء پرڻي سال ٿي ويا آهن توکي, ڪڏھن واتان پڙڪ نه ڪڇيء تون ,اسان کي ڪهڙي خبر ته توکي ماريندو ڪٽيندو آهي اسان ته خوش آهيون ته بخت واري گهر ۾ وئي آهي ,چاچي جي ننهن آهي ,تون به ڪا ٻڙڪ نه ٻاهر ڪڍندي آهي ڌيء
زاهدا, ڇا چوان ,بابا ,ڀاء تي ته ڪک  ڪو نه سهندو آهي  ڀائٽي جي ارڪانن جي خبر نه اٿس ,سڄو ڏينهن گهر کي ٿاڻو ڪيون ويٺو آهي ,ايتري ۾ سندن پيء به اچي وين
پيء, آء زاهدا ڌيء ڏينهن ٿي لاهي ڇڏين
زاهدا,بابا گهر ۾ جوان ڌيء آهي, اڪيلي ڇڏڻ تي روح ناهي ٿيندو ,ٻيو ته ننڍا ننڍا ٻار آهن بابا ,مال جو به ڪندي آهيان اڪيلي ٿي پئي آهيان ,زاهدا ٿڌو ساه کنيو
زاهدا,ڇڏ بابا انهن ڳالهين کي ,شاهدا ,زاهدا کي اکين سان اشارو ڏنو ته شاهدا جي پڙھڻ جي ڳاله ڪري
زاهدا, بابا مان هڪ ڳاله ڪيان مڃيندا
پيء, ها پٽ پڇين ڇو ٿي
زاهدا,ڊڄندي ,ڊڄندي,,,,,,,,,,,,,,هو بابا ,شاهدا جي ,,,نه نه اسان سڀني جي مرضي آهي ته,,,,,,,,شاهدا ست درجا پڙھيل آهي ڀر واري ڳوٺ ۾ ڏھن تائين اسڪول ٺهيو آهي ,جي توهان موڪل ڏيو ته هو اسڪول وڃي
پيء,چري ٿي آهين ,مٿو خراب ٿي ويو ٿي ,ڇا ٿي ڳالاهين ,هي ست درجا به مون الائي ڪيئن زهر جو ڍڪ ڀري پڙھايو مانس ,خبر اٿي سڀ مائٽ مون تي ٽوڪون ڪندا آهن
زاهدا, بابا مائٽن جو ڇا ,اجايو ٿا مٿو هڙن ,ڪڏھن ڏک سک ۾ ته اسان جي خبر چار ڪو نه لڌون
پيء ,پڙهي به ڪندي ڇا ,اڄڪله اخبارون ڏسين ٿي ڀريون پيون آهن , ڇوڪريون ڪجه پڙھي ڇا ٿيون وٺن ,مٿي ۾ هوا ڀرجي وڃين ٿي,مائٽن جي عزتن کي پيون لوڙھن ,نه ادي نه, مونکي مائٽن سان هلڻو آهي ,سڀاڻي ڪا ڪسائي پڪائي آهي ,ڪير ساٿ ڏيندو ,سڀ ميڙي منهن ۾ هڻندا,ٻيلي نياڻي آهين تنگ نه ڪر ,متان ڪو غلط سلط واتان نڪري وڃي
ماء,ڀلا ڏيس موڪل, اڙي چار اکر پڙھي پوندي پنهنجي لاء ڀلو اٿس
پيء,معنا ته چرچ ئي تنهنجي آهي ,بابا زمانو ڪونهي ,نياڻيون ٻاهر نڪرن ٿيون ته واڳون وانگر ماڻهن جا وات پٽيا پيا هوندا آهن ,ابا مان اڪيلو پوڙھو مڙس تو وارو ڀاء سڄو ڏينهن پوک ۾ پورو ,مونکان ڪو نه پڃندو
ماء,ٻيلي ها ڪر ,نياڻيون ايلاز ٿيون ڪن ,مان ويندي مانس روز اسڪول ڇڏڻ
پيء ,هان!ته جيئن ڳوٺ وارا سمجهن ته خميسي جي غيرت ئي مري وئي آهي ,ماء ڌيء روز ٿيون روڊن جا گشت ڪن
ماء,چوين پاڻ ٿو ته مان ڪراڙو مڙس آهيان مون کان نه پڃندو
زاهدا, بابا ,ادا کي مان منٿ ڪندم اهو ڇڏي ايندس پيو ,ٻيو نه ته ,ڳوٺ ۾ ماسترياڻي ٿي پوندي
پيء ,ها جيئن ماڻھو چون ته خميسو ڪنواري ڌيء جي  ڪمائي کائي ٿو
زاهدا, بابا کڻي نوڪري نه ڪرائجا ,پڙھڻ جي ته موڪل ڏيوس
ايتري ۾ زاهدا جو ڀاء به ٻني تان موٽي آيو
رزاق, ڀيڻ کي کيڪاريائين , ڇا ٿيو سڀ چپ ڪيون ويٺا آهيو
شاهدا, هو ادا ڀر واري ڳوٺ ۾ نئون اسڪول ٺھيو آهي ,,,,,,,,,,,,,,,سو
رزاق,سو ڇا
زاهدا,ادا ,بابا کان موڪل ٿا وٺون ته شاهدا کي اسڪول پڙھڻ جي اجازت ڏي
رزاق, پو بابا ڇا ٿو چوي
ماء ,پڙھين نه ڪيون ويٺو آھي ,برادري ۽ مٽن مائٽن کان ڊڄي ٿو ,اصل ساه ڪڍي ويندا برادري وارا
رزاق, پر پڙھي ڪندي ڇا ,نياڻي جو ڪم گهر وسائڻ آهي ٻن سالن کان پو هن جي به شادي ڪرائي ڇڏينداسين
زاهدا,معصوم ٻار جي شادي ڪندو , ڪهڙو گهوٽ ڳولهيو اٿي
رزاق,ڳولهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي پاڻ ۾سنڱ ويٺا آھن
زاهدا,جيئن مونکي پهنجائپ ۾ ڏنو ,ڪڏھن پڇو اٿو ته ڇا حال آھي ڀيڻ جو, جواني ۾ ئي رنن زالن  جهڙو حال ٿي ويو ويو آهي ,هي وار ڏس سڄو مٿو اڇن وارن سان ڀريو پيو آهي ,منهنجي عمر جون مايون جوان بيٺيون آهن ۽ مان,,,,,,,,,,,,,,,
رزاق, ڇو ايڏي بخت ۾ به تنهنجا رنن زالن جهڙا حال آهن ته پو ڪير پڄي توهان سان
زاهدا , توهان بخت کي ڏٺو ,لڇڙن کي نه
پيء,ڇو ڇا ٿيو آهي مڙسهين کي
زاهدا, بابا توهان کي ڪجه ڏسڻ ۾ نٿو اچي ,ڏينهن رات شراب جي نشي ۾ پيو هوندو آهي
رزاق, مڙسن جا اهيي ڪم آهن جواني ۾ مرد ڏنڳو نه هوندو ته ڪيئن هوندو ,توکي ڇاجي ڳڻتي ٺٺ سان ويهي ماني کاء
زاهدا, ها ادا آهي رڳو ماني کائڻي, تون سچوآهين ڀاء ,تون ڇڏ مونکي, شاهدا کي اسڪول وڃڻ جي موڪل ڏيو ,نياڻي آهي دعائون ڪندي جي ٻه چار اکر پيٽ ۾ هوندس ته پنهنجو برو ڀلو سمجهي ويندي
رزاق, وڏيون ڳالهيون ٿي ڪرين ,معنا ته ان ٽي وي جو اثر آهي
زاهدا, ها ادا پاڻ کي ڄڻ عقل ناهي ,ٽي وي ڏسڻ ۾ ڪو عيب آهي ڇا , منهنجا ادا سمجه وارو سمجهي ويندو ,باقي بي سمجه لاء سڄي عمر ٿوري آهي ,ٻيلي هيء پوتي ميڙ آٿو ,نياڻي آهيانو
پيء,گنهگار ته نه ڪر امڙ هي ڇاڪيو تون , مان ته مصيبت ۾ اچي ويم ,چري اهيو ڇا ڪري ڇڏيو تو
ماء,اڙي نياڻي ٿي ايلاز ڪري
پيء ,مان صلاح ڪيان ادا سان
شاهدا ,بابا چاچو ڪڏھن به رازي نه ٿيندو ,بابا يقين ڪر اڄ به منهنجي زندگي جا توهان مالڪ آهيو ,سڀاڻ به ,بابا مٺا ,بابا ,هن ٻاجهاري انداز ۾ چيو
زاهدا, بابا !ڌيئرون ان لاء ڃڻبيون آهن,ته نشائن جوارين جي حوالي ٿين , ڄايون ناهن پرڻائڻ جي جلدي, نياڻيون ايترو بار آهن ته ڄڻيو ڇو ٿا ننڍي ۾ ئي کڏ کوٽي پوري ڇڏيو
زاهدا سڏڪا ڏيئي روئڻ لڳي ,گڏ شاهدا۽ ماڻس به روئڻ لڳيون
پيء, زاهدا ڌيء ٻچا ڏاڍا مٺا هوندا آهن ائين نه چء پر ڇا ڪيون اسان بيوس آهيون,چوندا آهن ته بيوس بار اٺن ئي ڦٽو ڪيا آهن ,پٽ مان مجبور آهيان, پڻس اٿي ڪمري ۾ اندر هليو ويو
زاهدا هيڻي ٿي ,ٿڪيل هرڻي وانگر هلڻ لڳي,هن محسوس ڪيو ته اڄ هڪ ٻي زاهدا ,شاهدا جي روپ ۾ هن ريتن رسمن کان هارجي وئي ,سندس ماء به روئڻ لڳي ,اڄ شاهدا کي محسوس ٿيو ته عورت ڪيتري نه بيوس آهي, زاهدا روئندي روئندي هلي وئي ,سڄو ڏينهن شاهدا اندر ئي اندر ۾ جهرندي رهي ,ماڻس ڪم ڪار ۾ پوري سهرا چئي دل جو بار پئي هلڪو ڪندي هئي  ,اڄ رزاق ۽ پڻس به سڄو ڏينهن ڪاڏي نه ويا , رات ٿي هر ڪنهن مئل هٿن سان ماني کاڌي۽ سمهي پيا , سڄي رات پڻس پاسا ورائيندو رهيو ,سڄي رات زاهدا جي ميڙ منٿ تي سوچيندو رهيوصبح سوير الل فجر سان زاهدا جي ماء مال لاء گاه ملڻ اٿي ,ڀاڻس به هر ڏينهن ماء سان گڏ اٿندو هيو ماء جو هٿ ونڊائيندو هو ,شاهدا اٿي چانه رکي ,هنڌ ويڙهيا
اڄ معمول جي ابتڙ سندن پيء به  سوير اٿيو هونئن نه ته ڪجه دير اٿندو هيو, هٿ منهن ڌوئي ڪري چانه پيتائين ,هر ڪو ساند لڳو پيو هيو ,شاهدا اٽي ملڻ لاء اٿي اٽو ڇاڻي اچي رڌڻي ۾ ويٺي ته پيء سندس هٿ کان ورتو ,شاهدا ڊڄي وئي
شاهدا, خير ته آهي بابا ,ڪاڏي بابا ,ڇو
ماء ,خير ته آهي رزاق جا پيء ,شاهدا کي رڌڻي مان ڇو ٿو ٻاهر ڪڍين
پيء ,مرڪي شاهدا ڏي ڏٺو,هي هٿ هاڻي اٽو نه ڳوهيندا ,بس گهڻو ٿيو هاڻي پنهنجي ننهن آڻ
ماء,نه هيء ڪم نه ڪندي ته ڪير ڪندو, ڇڏ ھاڻي مٿي ماري کي ,ڇوڪر وڃ آٽو ڳوه ته ڀاڻي ماني کائي
شاهدا هٿ ڇڏائڻ لڳي ته پي سندس هٿ ڇڏي مٿي تي هٿ رکيو
پيء, شاهدا وڃ پٽ تيار ٿي ته اسڪول هلون
شاهدا جي واتان رڙ نڪري وئي ,خوشي ۾ ماپي نه پئي ,ماڻس جو حال به ساڳيو هو, شاهدا ڪمري ۾ تيار ٿيڻ وئي ,رزاق پيء جي اڳيان ڪڇي ڪو نه سگهيو ان لاء خاموش رهيو
ماء ,رزاق پٽ وڃ ڀيڻي کي وٺي اچ ,جلدي چويس اچ,شاهدا اسڪول داخل ٿيڻ وڃي ٿي
رزاق جلدي جلدي ڀيڻ جي گهر ويو
رزاق, ادي ادي
زاهدا, ڇو خير ته آهي
رزاق,هل ادي بابا شاهدا کي  اسڪول وڃڻ جي موڪل ڏني آھي
زاهدا خوشي ۾ تار ٿي وئي جتي ڳولهڻ لڳي ,ڌيء جلدي ۾ جتي آڻي ڏنس
چاچو,سوير ,سوير ڪيئن آيو آھي رزاق
زاهدا,چاچا ,بابا شاهدا کي اسڪول داخل ڪرائڻ وڃي ٿو ,چاچي جو اهيو ٻڌڻ ۽ ڀاء ڏي وڃڻ
چاچو, خميسا هي مان ڇا ٿو ٻڌان
خميسو ,پهريان ته ٿورو پوئتي هٺيو پر وري همت ڪري وڏي ڀاء کي چيائين ,ها ادا مان شاهدا کي اسڪول پڙھائيندم
چاچو,معنا ته ستن پيڙھين تي دانڳي مليندي
سڀ ڊڄي ويا ,شاهدا روئي رهي هئي,ماڻس چپ لڳي پئي هئي ,رزاق پيء ڏي ڏسي رهيو هو ,زاهدا جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پئي هجي
خميسو,ادا جيئن سمجهين تيئن سمجه
چاچو,غيرت مري وئي ٿي ,مان ٻڌائي ٿو ڇڏيان جي ڇوري کي اسڪول داخل ڪرايء ته اڄ کانپوء تون اسان جي ڀت ڀائپي,مٽي مائٽي کان نڪتل هوندين
خميسو,ادا مان سڀ سوچي پوء فيصلو ڪيو آهي ,زاهدا ۽شاهدا مرڪڻ لڳيون ,ماڻن ۾ به ڪجه ساه پيو
رزاق,چاچا دڙڪا نه ڏي تو واري ڀت کانسواء هلي وينداسين
چاچو,ڇورا برادري مان ڪڍرائي ڇڏيندو مانوء
خميسو,ادا اسان غريب توهان ڏاڍن جي برادري کان نڪتل ئي صحيح
خميسي شاهدا جي هٿ کي مضبوطي سان پڪڙي ٻآھر طرف هلڻ لڳو ته زاهدا ڊڪندي ,ڊڪندي پيء کي ڀاڪر پاتو ۽ دل ئي دل ۾ شاهدا کي ريتن رسمن جي قيد مان آزاد ٿيڻ تي کيس مرڪي ڳل تي چمي ڏني ,شاهدا پيء سان اسڪول وئي
چاچو ,هل ڇوري تون ڇو بيٺين آهين
زاهدا, چاچا ,ڇو نياڻين مار آهي ڇا ,نياڻين لاء پيڪن جا در ڪڏھن بند ڪو نه ٿيندا آهن ,,,,,,,,زاهدا مسڪرائيندي ماء کي ڀاڪر پاتو ۽ گهر هلي وئي ,رزاق نيرن ڪري ٻني تي ويو ,ماڻس خوشي ۾ ساڳيا سهرا چوندي پنهنجو پاڻ کي مبارڪ ڏيئي پئي
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter