سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بوزدار صاحب ٻارڙو ننڊ پئجي ويو آهي.....


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/20/2019

محمد حنيف
ڪنهن رپورٽر يا ڪنهن وزير اهو ناهي ٻڌايو ته ٻارڙو ننڊ ڪيئن پئجي ويو.روئي روئي  بيحال ٿي يا ڪئميرائن اڳيان پنهنجي ماءُ پيءُ جي قتل وارو واقعو ورجائيندي ورجائيندي سندس اک لڳي وئي.
ٿي سگهي ٿو ساهيوال جي ڪنهن مهربان ڊاڪٽر کيس ننڊ جي هلڪي گوري يا ڪا انجيڪشن ڏني هجي  ته جيئن ٻارڙو ٿوري دير لئه سهي پر وساري ويهي ته هن سان ڇا ٿيو آهي.ٻارڙن وارن کي خبر هوندي  ته ٻار ننڊ پيل ٻارڙو يا ٿڪجي ستل ٻارڙو سڀ کان سٺو ٻار هوندو آهي.
جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن مان آهيو جن کي ڪڏهن شڪ هوندو آهي ته پاڪستان هڪ ناڪام رياست آهي يا نالائق رياست آهي ته توهان هن ستل ٻارڙي کي ڏسو.ان ستل ٻارڙي مٿان گلدستو کڻي بيهي فوٽو ڪڍرائيندڙ وزيراعلي کي ڏسو ته توهانکي يقين اچي ويندو ته هي هڪ فعال ۽ اڻٿڪ رياست آهي.
ان ۾  ساهيوال جي چوڪ تي مبينا  دهشتگردن جي ٻارن کي گاڏي مان ڪڍي سندن والدين کي مارڻ وارا، ان کانپوء جي آئي ٽي ٺاهڻ وارا ۽ گل فروش توڙي گلدستا کڻي ستل ٻارڙي جي مٿي تي هٿ رکي بيٺل سڀئي هڪ پيج تي آهن.
مون دهشتگردن کي مارڻ واري وڊيو ناهي ڏٺي پر مونکان ٻارڙي جي بيان واري وڊيو ڏٺي ڪو نه ٿي..پر مان ستل ٻارڙي  ۽ ان مٿان گلدستو کڻي بيٺل پنجاب جي حڪمران جي تصوير تان نظرون نٿو هٽائي سگهان. ، مونکي ستل ٻارڙا وڻندا آهن. گل به سٺا لڳندا آهن ، پاڪستان به پيارو لڳندو آهي ته هن تصوير ۾ اهو سڀڪجهه موجود  آهن.
وساري ڇڏيو پوليس وارن کي ، انهن جي بندوقن کي جيڪي اسان جي حفاظت لئه اسان جي پئسن مان انهن کي وٺي ڏنيون اٿن.
جي آئي ٽي ٺاهڻ وارن جي باري ۾ به نه سوچيو،انهن وزيرن جي بيوسي کي به ڇڏيو جيڪي بيانن ۾ آئي ايس آئي جو نالو کڻي پنهنجي جان بچائن جي چڪر ۾ آهن.صرف ايترو سوچيو ته اسان جي رياست ڪيتري نه فعال آهي.
واقعو ساهيوال شهر م ٿئي ٿو، اسلام آباد مان اسان جو وزيراعظم عمران خان فون کڻي لاهور ۾ پنهنجي وزيراعلي کي فون ڪري ٿو ته جلدي پهچو ، بوزدار صاحب پنهنجا سمورا انتهائي اهم ڪم اڌ ۾ ڇڏي ساهيوال روانو ٿي وڃي ٿو.رستي ۾  سڀني ضلعن جي پوليس الرٽ آهي ته وزيراعلي جو قافلو طوفاني رفتار سان ساهيوال ڏانهن وڌي رهيو آهي.پروٽوڪول جي سائرن وڄائيندڙ گاڏين سميت ساهيوال تائين پهچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ ته لڳي ويا هوندا.
عمران خان صاحب جڏهن بوزدار صاحب کي فون ڪيو هوندو ته مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته اهو نه چيو هوندائين ته پاڻ سان گڏ هڪ گلدستو به کڻي وڃجو، نه ئي منهنجو خيال آهي ته ته بوزدار صاحب پنهنجي اسٽاف کي چيو هوندو ته رستي ۾ ڪٿي بيهي ڪجهه گل وٺيون ٿا هلون.
هڪ حڪمران هڪ معصوم ٻار کي انصاف ڏيارڻ لئه پنهنجي قافلي سان گڏ طوفاني رفتار سان ساهيوال ڏانهن روان دوان آهي ۽ رياست جي ڪرشمه سازي اها آهي ته ڪو اهلڪار ايترو دور انديش آهي  جو گلدستي جو بندوبست به ڪري ٿو ڇڏي....ڇو ته کيس خبر آهي ته جڏهن حڪمران ۽ مظلوم فريادي ، هڪ مبينا دهشتگرد جو ٻار هجي ( اڃان تائين ٻارڙي تي ڪو الزام نه لڳايو ويو آهي تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته  انکي معصوم چوڻ جي اجازت آهي) ٻئي آمهون سامهون ٿين ته فوٽو ته نڪرندو ۽ ان فوٽو ۾ اگر ڪجهه گل هجن  ته اڃان  وڌيڪ بهتر لڳندو.
ستل ٻارڙي مٿان گلدستو کڻي بيهي فوٽو ڪڍائيندڙ حڪمرانن کي ڏسي مونکي اهي تصويرون به ياد اچن ٿيون جيڪي پراڻن شڪارين جي گهرن ۾ لڳل هونديون آهن.شڪاري عام طور اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته انهن کي جانورن سان پيار آهي انڪري فوٽو ۾ اهي ڪنهن شينهن يا مارخور جو شڪار ڪرڻ بعد ان مٿان پنهنجو هڪ پير رکي فوٽو ڪڍرائيندا آهن.
پر شڪر آهي ٻارڙو اڃان زندهه آهي ۽ صرف سمهي پيو آهي.....
ستل ٻارڙا سڀ کان سٺا هوندا آهن، هي ٻارڙو به خوابن ۾ فوٽ بال کيڏي رهيو هوندو، يا ڪرڪيٽ مئچ دوران  ڪا ڏکي ڪئچ پڪڙي رهيو هوندو. جڏهن اهڙن خوابن مان اک کلندي آهي ته ڪجهه لمحن لئه ٻارڙن کي اهو اندازو ناهي هوندو ته اهي اڃان ننڊ ۾ آهن يا جاڳي ويا آهن. يا اهي ڪٿي آهن ۽ ڇو آهن.؟
پاڪستان جي فعال رياست مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته بوزدار صاحب جي وڃڻ کانپوء  ٻارڙي کي سمهڻ ڏنو ويو هوندو، ۽ سندس ڪمري مان گل کڻي ويا هوندا ڇو ته ننڊ مان اٿڻ کانپوء ڪجهه لمحن لئه کيس ائين لڳندو ته سندس ماءُ پيءُ سندس آسپاس آهن جيڪڏهن هو گل ڏسندو ته کيس فورن خبر پئجي ويندي ته ساڻس ڇا ٿيو آهي.
خبر ناهي ٻارڙي کي ننڊ ڪيئن آئي آهي پر هاڻي سمهي پيو آهي ته کيس اڃان ٿوري دير سمهڻ ڏيو
(ناول نگار محمد حنيف جو هي بلاگ  بي بي سي اردو  جي ٿورن سان شايع ڪجي ٿو)

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter