سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

تلور پکي، سون جي ڪلاشنڪوف ۽ پرڏيهي پاليسي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/19/2019

  ماهم سنڌي

 

انسانن جا انسانن سان وير انساني تاريخ جيترا پراڻا آهن . پر کين هوا ۾ پَرَ پکيڙي اڏامندڙ پکين سان به اهڙي دشمني آهي جو انهن جي شڪار لاء سڀ حربا استمعال ڪندا آهن . ويچارا پکي ته ڪنهن سان ڏاڍ يا نا انصافي ناهن ڪندا ، پوء به انهن کي انسان بخش نه ٿا ڪن . جتي اقوام متحده سميت ٻين تنظيمن پاران جانورن ۽ پکين جي تحفظ ۽ سندس نسل جي بچاءُ لاء الڳ رضاڪار ڪم ڪن پيا ،  اتي پاڪستان جي عرب ملڪن سان پرڏيهي پاليسي ئي پکين جي شڪار سان سلهاڙيل آهي  . سياري جي مُند ۾ سنڌ ،  بلوچستان ۽ پنجاب جي ريگستاني علائقن ۾  اڏامي ايندڙ پرديسي پکيئڙن جي مارڻ پويان حڪومتي سطح تي توڙي مقامي سطح تي هر سال سازشون ٿين ٿيون ۽ ويچارا پکي انهن جي بندوقن جا شڪار ٿي وڃن ٿا. هر سال سيپٽمبر کان فيبروري تائين سائبيريا کان هزارين  پرديسي پکي هجرت ڪري ايندا آهن ۽ انهن جي اڪثريت  هتي عرب شڪارين جي ور چڙهي وڃي ٿي.

ناياب نسل جي تلور پکي سان ته خبر ناهي عربن جي ڪهڙي دشمني آهي ، جو ان جي مارڻ پويان نه صرف پاڪستاني پر عرب شهزادا به لڏا لاهي ويهي رهندا آهن. عرب شهزادا سياري جي مند ۾ تلور پکي جي شڪار لاء پاڪستان اچن ٿا ، جتي کين روڪڻ ته پري جي ڳالھ پر کين سڀ سهولتون ۽ آسائشون ڏئي آزاد ڇڏيو ٿو وڃي ،  ته وڃو جيترا کپن تلور ماريو. ان تلور پکي کي مارڻ لاء عرب شهزادا نه صرف اچن ٿا ، پر اهي پاڻ سان گڏ تياري به ڪري اچن ٿا.انهن جي رهائشگاھ تي تنبو لڳائي بهترين بندوبست ڪيو وڃي ٿو. انهن لاء هر قسم جا طعام ، هر قسم جي مشروب ، ميوات ۽ انهي جي وندر تفريح جي هر شيء کين مهيا ڪئي وڃي ٿي. پر ڪيڏو نه دل ڏکائيندڙ منظر آهي ته ايڏيون تياريون سڀ ويچاري تلور پکي کي مارڻ لاء ڪيون وينديون آهن . تلور پکي جي شڪار لاء جٿي عرب شهزادن کي خاص اجازت ناما ملن ٿا اتي اهي پاڻ سان گڏ سکيا ڏنل باز به کڻي اچن ٿا ۽ انهن بازن کي سڄو ڏينهن بکيو رکيو وڃي ٿو . ٻي ڏينهن جڏهن انهن کي ڇڏيو وڃي ٿو ته اهي تلور پکي جي ڳچي ۾ تکي چهنب وجهي ان کي ماري ڇڏيندا آهن.
.
ياد رهي ته مهينن جا مهينا شڪار سانگي رهندڙ عربن لاء في ڏينهن 100 تلور مارڻ جي اجازت هجي ٿي ۽ اهي ان کان به وڌيڪ مارين ٿا.

متحده عرب امارات جي  وزير تعليم و رواداري شيخ النهيان بن مبارڪ جي تازي هڪ انٽرويو موجب تلورن جو شڪار ڪرڻ اسان لاء صرف هڪ راند آهي ، جيڪا اسان دل وندرائڻ لاء ڪريون ٿا  ۽ اها اسانجي ابن ڏاڏن کان هلندي پئي اچي. افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته اسانجي حڪومت انهن جي دل وندرائڻ لاء انهن پرديسي پکين سان ويساھ گهاتي ڪري کين پنهنجي ئي ڌرتي تي ٻين هٿان شڪار ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿي. جڏھن 2016ع ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار  تلور جي شڪار تي پابندي لڳائي ته هڪدم هُل پئجي ويو ۽ ڪجھ وقت اندر ئي ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جو چيو ويو ۽ پوء محدود شڪار ڪرڻ جي اجازت نيٺ ڏني وئي . ان وقت اٽارني جنرل صاف لفظن ۾ چيو هو ته ، تلور جو شڪار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو حصو هجي ٿي ،  تنهنڪري عرب شهزادن کي اجازتناما ڏنا ويندا. ان سپريم ڪورٽ جي عارضي فيصلي وانگر ئي تلور  کي شڪار ڪرڻ کان روڪڻ جا ڪيترا ئي حڪم ناما آيا پر عمل ڪنهن تي به نه ٿيو.

اسان سڀني جي اها گڏيل بي ايماني چئبي جو اسان عرب شهزادن ،  عرب ملڪن جي داد ۽ امداد حاصل ڪرڻ لاء هر قاعدي قانون کان مٿانهان ٿي سوچيون ٿا. تلور پکي جي شڪار سبب ان جي نسل خطري ۾ پئجي  وئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن تلور جي نسل گهٽجي رهي آهي. تلور سان وير رکڻ جي ڪا خاص خبر ناهي پئجي سگهي ، پر  ڪي چون ٿا ان جو گوشت کائي جنسي قوت وڌي ٿي ،  ته ڪي چون ٿا ته تلورن جو گوشت لذيذ هجي ٿو ۽ ڪن موجب صرف شڪار جو شوق پورو ڪرڻ لاء انهن کي ماريو وڃي ٿو.
.
مهمان پکين کي مارڻ جي اجازت ڏيندڙن جي ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي. مهمان تلورن کي پناھگاھ ڏيڻ بدران انهن کي پرڏيهي پاليسي طور ڪتب آندو پيو وڃي. ان تلورن پويان ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا عرب شهزادا ڪاهي ايندا آهن . سو حڪومت انهي خوف ۾ آهي ته جيڪر پابندي لڳائي وئي ته عرب شهزادا ناراض ٿي پوندا ۽ انهن جي ناراضگي انهن جي ڏنل امداد روڪي سگهي ٿي .  پوئين مهيني ڊسمبر ۾ ئي هڪ قطري شهزادي فلاح بن جاسم کي پٽن سميت خاص اجازتنامو ڏنو ويو هيو ته ،  هو تلورن جو شڪار ڪري سگهي ٿو. ان ڏس ۾ بلوچستان جي جهنگلي جيوت کاتي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ان قطري شهزادي ڳري رقم ادا ڪري شڪار جي اجازت وٺي ڇڏي آهي. تازو ئي سعودي عرب مان شهر تبوڪ جي گورنر شهزادي فهد بن سلطان وزيراعظم عمران خان کي سون جي ڪلاشنڪوف تحفي ۾ ڏني آهي . ان جو اهو تحفو ناياب نسل جي تلورن جي شڪار جي قيمت ۽ پرڏيهي پاليسي کي فروغ ڏيڻ لاء آهي. عمران خان جيڪو اپوزيشن ۾ هوندي تلورن جي شڪار تي پابندي جو مطالبو لڳائي رهيو هو ، سو ڪلاشنڪوف وٺي هاڻي خوشي وچان خاموش آهي ۽ تلورن جو شڪار جاري آهي
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter