سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪهاڻي ....حاجي صاحب جي گھرواري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/20/2019

شميم مري

جڏهن کان حاجي صاحب جي گھرواري بدلي ٿي اسان جي اسڪول آئي آھي اسڪول جو ته نقشو ئي بدلجي ويو آھي.ھن وٽ ھر مرض جي دوا آھي, ڏاٺ جي سور کان وٺي محبت ۾ ڪاميابي تائين. بس مرض ٻڌايوس الله جي ڏني مان ان ئي ويل اوھانکي ھڪ کان ھڪ وظيفو ڏيندي. شريعت و سنت تي به مڪمل دسترس اٿس.
ھيڏانھن اوھان وٽس ويٺيون نه آھيو ھوڏانھن نصيحتن ۽ رحمتن جي آمد شروع . ننھن ڪيئن ۽ ڪھڙي ڏينهن لاھجن, پوتي پائڻ ڇو لازمي آھي ,حجاب نه پائڻ تي ھڪ عورت تي ڪيتريون لعنتون پون ٿيون ۽ ھارسينگار ڪندڙ عورتن لاء دوزخ ۾ ڇا ڇا سزا رکيل آھي اھو سڀڪجهه هڪ  ڏينهن اندر سڀني کي سيکاري ڇڏيائين. چڱيون ڀليون ماسترياڻيون جيڪي نت نون ڪپڙن سان سرخي پوڊر مکي اسڪول اينديون ھيون سي ھاڻ بس منهن ڌوئي بنا سرخي پوڊر جي وڏين چادرين سان نمونا نمونا ٿي اچڻ لڳيون ھيون.
اسڪول ۾ به ھاڻي روزانو صبح صبح قران جو ختمون ڪڍڻ لازمي ٿي چڪو ھو ۽ ٻارڙيون اسيمبلي کانپوء پھرين ڪم ئي اھو ڪنديون ھيون  بعد اڱڻ تي پال وڇائي سيپارو پڙھي قرآن ختم ڪري پوء ڪلاسن ۾ وينديون ھيون. 
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter