سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ادبي ايوارڊن تي تڪرار بعد شاعر اعلان ڪيو ڪنهن ايوارڊ جي ضرورت ناهي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/15/2019

لاهوتي
سنڌ جي منفرد شاعر خليل ڪنڀار اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي شاعري جو ڪتاب ڀڳي هڏ جيئن ڏکان آئون ڪنهن به ادبي مقابلي ۾ ڪنهن به ايوارڊ لئه نه اماڻيندو.نه ئي سندس پبلشر سندس ڪتاب ڪنهن ايوارڊ جي نامزدگي لئه اماڻيندو
خليل  جو ڪتاب  تازوئي مارڪيٽ ۾ آيو آهي ۽ سندس شاعري خصوصن نظم کي ساراهيو ويو آهي.خليل جي نظمن مان ٻين نظمن سان گڏ ڌرتي هڪڙو خواب ڏسي ٿي ناميارن گلوڪران رفيق فقير نزاڪت فقير ۽ ٻين ڳايو پڻ آهي.
خليل ڪنڀار جي ان اعلان بعد ٻين شاعرن ۾ پڻ اڻ تڻ آيل آهي.لاهوتي کي مليل خبرن موجب سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران گذريل سال ڪتابن تي ڏنل ايوارڊن بعد تڪرار پئدا ٿيو هو.جنهن ۾ نوجوان شاعر سرواڻ سنڌي اخبارن ۾ خط لکيا هئا ته کيس  مارڪن ملڻ جي باوجود ايوارڊ نه ڏيڻ زيادتي آهي هن گهر ڪئي هئي ته کيس ٻيون نمبر ايوارڊ به ڏنو وڃي پر سنڌي لينگويج اٿارٽي جي اختيارين  سندس اهڙي گهر تي عمل نه ڪيو هو.
خليل ڪنڀار ته من موجي شاعر قسم جو ماڻهون آهي پر سندس اعلان بعد ٻين شاعرن جي ڪتابن جو الائي ڇا ٿيندو ؟ اهي به پنهنجا ڪتاب ايوارڊن لئه موڪليندا يا خليل وانگر رنگ کان ئي ٻاهر هوندا.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter