سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ناياب سن جي اڱڻ تي ڳچيءَ ۾ تئو ڇو پاتو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/16/2019

لاهوتي
اهو فوٽو ته سڀني  حيرانگي سان ڏٺو هوندو ته ناياب سرڪش سن ۾ سترهين جنوري واري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريب ۾ جسقم بشير واري جلسي ۾ تئو ڳچي ۾ وجهي آئي هئي.
ناياب سرڪش جي تئو پائڻ بابت ڪيترا ئي چوٻول هلندڙ آهن ڇو ته ناياب جا جسقم بشير جي قيادت سان اختلاف هلندڙ آهن.گذريل سال کيس نار تحريڪ جي قيادت تان هٽايو ويو هو جنهن فيصلي خلاف هن ٿڏي تي تقرير ڪندي چيو هو ته جيڪا تنظيم آزادي جي ڳالهه ڪندي هجي پر پنهنجي تنظيم اندر هڪ عورت جي ڳالهائڻ جي آزادي برداشت نه ڪندي هجي اهڙي قيادت تي مان لک لعنت وجهان ٿي.
سندس بقول ته اها تقرير ڪري هو اسٽيج تان لٿي ته وري ٻيهر جسقم جي اسٽيج تي ناهي ويٺي. هن ڀيري به هو هڪ عام ڪارڪن ٿي پنڊال ۾ موجود هئي پر تئو سندس ڳچي ۾ هيو..
ناياب اهو تئو ڪنهنجي خلاف احتجاج هو واري سوال تي ناياب لاهوتي کي ٻڌايو ته جيڪو پاڻ ڏي سمجهي چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک...
هن چيو ته منهنجي ڪتاب  ڍڪ پاڻي ۾ ٻڏي مران ۾ به اهڙي احتجاج يا تئي جو ذڪر ٿيل آهي پر منهنجي بابا سرڪش سنڌي جو به هڪ شعر آهي ته...
پاڻکي يا انهن کي مهٽيان،
دل چوي ٿي جنهنکي چئو تنهنکي مهٽيان ،
هڪڙو ته شهدادڪوٽ جو مشهور آ وڏو،
جي ننڍا ننڍا چئو ته سئو مهٽيان،
هن واضع ڪيو ته شهدادڪوٽ جو تئو نارمل سائيز کان وڏو ٿيندو آهي تنهنڪري شاعر ان جو ذڪر ڪيو آهي.
ناياب جو چوڻ هو ته هن سياسي حالتن کان نا اميد ٿي تئو ڳچي ۾ وڌو.اهو تئو هو لاڙڪاڻي کان کڻي ڪو نه آئي هئي پر سن جي جنهن گهر ۾ ترسيل هئي اتان ئي وٺي پاتائين.ناياب ٻڌايو ته کيس انهن عورتن چيو ته اگر ماني پچائن لئه تئو کپي ته اسان پچائي ٿا ڏيون پر ناياب کين چيو ته نه مونکي خاموش ٿي ويل سياسي غيرت خلاف تئو پائڻو آهي.
ناياب وضاحت ڪئي ته هن کي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳوڻي رهنما ڪامريڊ شبير سولنگي جي ڇيريون پئاي تئو ڳچي ۾ وجهي گهمڻ واري عمل جي خبر ناهي مختلف ماڻهن جا ان باري ۾ ڪمينٽس پڙهي کيس اها خبر پئي پر ناياب پنهنجي سر پاڻ احتجاج ڪيو آهي سياسي خاموشي خلاف....

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter