سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اشفاق آذر جو اشارو ڪٿي سرواڻ سنڌي ڏانهن ته ناهي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/17/2019


لاهوتي
نامياري شاعر اشفاق آذر جو پهريون ڪتاب اڃان مارڪيٽ ۾ آيو ئي مس آهي ته مٿس ايوارڊ وٺڻ جا يا ايوارڊن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن.اهڙا الزام مٿس مختلف ماڻهن پنهنجي فيس بڪ اسٽيٽس ذريعي لڳايا آهن.اهڙن ظاهري توڙي  خفيه  الزامن کان تنگ ٿي نيٺ شاعر اشفاق آذر پنهنجي فيس بڪ بيان م بنا ڪنهن جو نالو کڻڻ جي هي اسٽيٽس لکيو....
To Whom it may concern!

آئون ڪچو ڦڪو شاعر آهيان، نه ڪهنه مشق آهيان، نه ئي انقلابي، نه ڪڏهن ڪنهن ايوارڊ/ اعزاز لاءِ لکيو آهي. شاعريءَ جو پهريون مجموعو به پڙهندڙن جي محبت سبب ئي ڇپرايو ۽ مقصد اهو ئي هو/ آهي ته وڌ کان وڌ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي. پر سنگت کي الائي جي ڇو اها تڪليف پهتي ته ڪتاب ۾ ڇپيل سال ۽ مارڪيٽ ۾ اچڻ واري مهل کي بهانو بڻائي سازشي ٿيوريز گهڙڻ لڳا ته ڪو مون اهو ايوارڊ لاءِ ڪيو آهي، حالانڪه ڪتاب ۾ سن ڪهڙو ڇپيل آهي اهو تڏهن پتو پيو جڏهن ڪتاب هٿ ۾ آيو. آئون واضع ڪندو هلان ته نه مون ڪنهن ايوارڊ جي نيت سان شاعري ڪئي/ ڇپائي آهي نه ئي ڪتاب کي ڪنهن ايوارڊ لاءِ موڪلڻ جو ارادو آهي. منهنجي لاءِ منهنجي پڙهندڙن جو پيار ئي سڀ کان وڏو ايوارڊ آهي. تنهنڪري سنگت کي گذارش آهي ته اهي ٻين کان اسٽيٽس رکرائڻ بدران بي خوف ٿي پنهنجا ڪتاب ايوارڊن لاءِ موڪلي ڏين، کين منهنجي شاعري کان ڊپ کائڻ جي ضرورت ڪانهي، باقي اڳتي الله واهي اٿن...
اشفاق آذر پنهنجي حساب سان اها وضاحت لڳائي پر ان وضاحت ويتر سندس ڪتاب بابت اهي سازشي ٿيوريز تيز ڪري ڇڏيون جن بابت هن  ذڪر ڪيو آهي.مختلف ماڻهن نا نالا ته ايندا رهيا ته اشفاق انهن ڏانهن اشارو ڪيو آهي پر لاهوتين ڳوٽ وڃي اها ڀڳي ته سندس اشارو هڪٻئي شاعر ۽ سندس دوست سرواڻ سنڌي ڏانهن آهي جيڪو رهي ٿو ته اسلام آباد ۾ ٿو پر سندس ادبي دوستيون سنڌ م وڌيڪ آهن ۽ تازو ان جو به هڪ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو آهي جنهن جي مهورت هن ڪينجهر ڪناري مهاڻن هٿان ڪرائي هئي....
ڏسجي ته خود سرواڻ سنڌي ان سلسلي ۾ ڇا ٿو چوي...
 

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter