سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هر ادبي تڪرار ۾ مونکي ڇو ٿو گهليو وڃي....


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/21/2019

It is stated that……!!!
سرواڻ سنڌي

سنڌ جي سرڪاري ادبي ادارن جا ايوارڊ نه ٿيا ڄڻ آسڪر ايوارڊ يا ادب جا نوبل پرائيز ٿيا جو اهي اسان کي نه مليا ته اسان جو اصل ادبي قد ڪاٺ صفا زيرو ٿي ويندو. ادبي ايوارڊن تي اعتراضن جي تاريخ ڪا نئين نه آهي ماضي ۾ کوڙ دفعا اعتراض اٿيا به آهن ۽ ماڻهن انهن تي به ڳالهايو به آهي ۽ پنهنجا رايا به ڏنا آهن پر 2017ع جي سنڌ لينگئيج اٿارٽي جي ايوارڊن تي مون سميت نامياري ڪهاڻيڪار بادل جمالي، آدرش ۽ ٻين به اعتراض واريا هئا، پر هاڻي ادبي دنيا ۾ جيڪو به اعتراض اٿي ٿو يا ڪنهن به شيءَ جي نشاندهي ٿئي ٿي ته اها هاڻي مون ڏانهن سمجهي وڃڻ لڳي آهي، جيڪو مون لاءِ هڪ اعزاز به آهي ۽ ٻئي طرف پريشاني جو به سبب بڻجي ويو آهي ۽ ڪجهه اهڙا ماڻهو جن جي اسان دوست هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهيون پر اهي به جڏهن ائين پنهنجي ليکي بنا سوچڻ سمجهڻ جي مختلف ماڻهن يا ڳالهين جي وهڪري ۾ وهي پرپٺ ڪي ڳالهيون ڪندا آهن ته سچ ۾ به ڏک ٿيندو آهي.
سومر ڏينهن پياري اشفاق آذر هڪ اسٽيٽس رکيو جيڪو It may whom to concern جي عنوان سان هو. مون کي خبر نه هئي ته اهو اسٽيٽس ڪو منهنجي حوالي سان رکيو ويو آهي يا ان جو اشارو مون ڏانهن آهي. خير ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اشفاق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران سندس ڪتاب جي مهورت، منهنجي ڪتاب جي مهورت ۽ سال 2018ع ۾ آيل ڪتابن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن تي اشفاق چيو هو ته منهنجو ڪتاب 2018ع ۾ نه پر 2019ع ۾ آيو هو، جنهن تي مون چيو ته ڪتاب ته 2018ع ۾ آيو هو پوءِ ڇاپو 2019ع جو ڇو آهي، جنهن تي هن چيو ته مون پبلشر کي چيو ته هاڻي 2018ع جا ڪجهه ڏينهن رهجي ويا آهن ان لاءِ ڇاپي جي لاءِ نئون سال 2019ع لکيو وڃي، جنهن تي مون چيو ته اهو ممڪن ته نه آهي، ڇو ته آءِ ايس بي اين نمبر جيڪڏهن ورتو ويو آهي ته پوءِ سال 2018ع لکيو ويندو، باقي جي آءِ ايس بي اين نمبر ناهي ورتو ويو ته پوءِ شاعر ۽ پبلشر جي مرضي آهي ته هو ڪتاب تي ڪهڙو سال لکن ٿا، جنهن تي هن چيو ته يار مون پاڻ پبلشر کي ائين چيو آهي، باقي اهي جيڪي ڪاپيون آنديون هنيون اهي تجرباتي طور تي آنديون هنيون، پر هاڻي اسٽيس ۾ هُن لکيو آهي ته اهو پبلشر جي مرضي سان ٿيو آهي، هاڻي خبر ناهي ته اهو ڪم اشفاق جي پنهنجي مرضي سان ٿيو آهي يا پبلشر پاڻ ڪيو آهي؟؟ پر اسان جو ان ۾ ڪجهه  نه وڃي اهو مسئلو انهن ٻنهي جو آهي، ساڻس ڳالهه ٻولهه دوران هُن سندس ڪتاب تي هڪ اداري پاران تبصرو نه ڇاپڻ جو به ذڪر ڪيو هو ۽ مون چيو هو ته يار آئون به تنهنجي ڪتاب تي تبصرو ڪندس ۽ پوءِ اهو تبصرو ڇپجي به ويو جنهن جو اشفاق ذڪر ڪيو هو، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هُو هر ڳالهه ائين تُڪ تي ڪندو آهي، مون ڪالهه سڄو ڏينهن سندس ڪتاب تي تبصري لاءِ نوٽس ورتا ۽ اڄ اهو اڌ لکيو به اٿم ۽ ڪالهه هڪ ڪهاڻي لکيم جيڪا اڪبر سومرو سان شيئر ڪيم ۽ ڪيترو وقت ان ڪهاڻي تي بحث ڪيو ۽ منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو اشفاق اهو “اٽ مي هوم ٽو ڪنسرن“ منهنجي لاءِ لکيو آهي ته آئون کڻي ڪالهه ئي اڪبر سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪريان ها، پر آئون ته ان خوف ۾ ورتل هئس ته متان ڪو ائين نه لکي ته اشفاق سرواڻ جي فيور ۾ ائين سال تبديل ڪيو آهي، اشفاق کي ياد هوندو ته هن جڏهن ڪتاب جو اعلان ڪيو هو ته مون لکيو هو ته يار هڪ شاعر کي ٻئي شاعر کان ساڙ ٿيندو آهي پر مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هي منهنجو پنهنجو ڪتاب آهي، ان وقت هُن کي خبر ئي نه هُئي ته ڪو منهنجو به ڪو ڪتاب اچي رهيو آهي، پر مون ان تي خوشي جو اظهار ڪيو هو.
خير ان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ شايد هڪ ٻن ڏينهن بعد ڪجهه دوستن اسٽيٽس رکيا ۽ انهن ان ساڳئي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي جيڪا اشفاق پاڻ ٻُڌائي هُئي ته ڪتاب تي سال 2019ع لکيل آهي پر اهو ڪتاب 2018ع ۾ آيو هو ۽ هنن ان بابت سوال اٿاريا هئا جنهن ۾ يقينن هنن 2017ع جي ايوارڊن جي جهيڙي کي نظر ۾ رکندي 2018ع جي ايوارڊن تي به سوال اٿاريا آهن، پر ان سڄي عمل ۾ آئون ڪٿان ۽ ڪيئن اچي ويس اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي، هاڻي جن دوستن اسٽيٽس رکيا انهن مان هڪ ظهير عباس لغاري آهي اهو دوست به اشفاق آذر کان ويندي ايوب کوسو ۽ ٻين سڀني ليکڪن جو مداح آهي ۽ اڳ ۾ هن اشفاق آذر جي ڪتاب جي ڪتاب جي تصوير پي ڊي طور رکي پوءِ ايوب کوسي جي ۽ ان کانپوءِ هن منهنجي ڪتاب جي پي ڊي رکي ۽ شايد اها تصوير واري پي ڊي اڃا به موجود آهي، جيڪڏهن مون کي ڪا سازش ڪرڻي هجي ها ته پوءِ پهرين آئون دوستن کي چوان ها ته مهرباني ڪري منهنجي ڪتاب واري پي ڊي واري تصوير هٽايو ته جيئن ڪنهن کي شڪ نه پوي، جڏهن ته ٻي پوسٽ رکندڙ شاهد ميراڻي آهي جنهن اڳ ۾ ايوب کوسي ۽ منهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل ۾ هڪ جهڙائي جي هڪ پوسٽ رکي هئي جنهن تي به اهو ٻڙڌڪ متو هو ته اها پوسٽ مون رکرائي آهي پر پوءِ اهي دوست ڪو به ثبوت نه ڏئي سگهيا هئا جيتوڻيڪ مون حيدرآباد ۾ هجڻ دوران حيدر چوڪ تي کوڙ دفعا انهن سنگتين جي پڇا وڃي ڪئي هئي ته جيئن انهن کان ثبوت وٺي سگهان پر ڪوششن جي باوجود اهي همراهه نه ملي سگهيا هئا ۽ انهن دوستن تازو منهنجي ڪتاب جي مهورت به ڪرائي هُئي، معنيٰ ته آئون چونڊي چونڊي اهڙن دوستن کي پوسٽون رکڻ لاءِ چوندس جيڪي منهنجي ڪتاب جي تصوير پي ڊي طور رکن ٿا ۽ جن منهنجي ڪتاب جي تازو مهورت رکرائي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اسان کي سازش سٽڻ اچي ئي نٿي ۽ سنگت پڙهندڙ جو هر عمل منهنجي کاتي ۾ وجهي هڪ ته ماحول پيدا ڪن ٿا ۽ ٻيو وري پڙهندڙ جي فهم تي شڪ ڪن ٿا ۽ انهن کي سازشي عنصرن ۾ شمار ڪن ٿا، باقي جڏهن اهي سڀ دوست اسان جي پوسٽن تي رڳو وهه واهه به ڪن ٿا ته اسان خوشي ۾ ماپجُون نٿا، اهو ٻٽو ميار ختم ٿيڻ گهرجي پڙهندڙ جي هر راءِ جو احترام ڪرڻ گهرجي!
اشفاق آذر جي راءِ کي کڻي هڪ لمحي لاءِ سچ به مڃي وٺون ته اها ايڏي وڏي عظيم سازش مون سٽي آهي ته پوءِ يار گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ٿي پئي سگهيو ته آئون سنڌ جي ڪنهن به اديب يا پنهنجي دوست سان ان حوالي سان کڻي سکڻي ڳالهه ئي ڪريان ها ته ”يار اشفاق به مصلحت جو شڪار ٿي ويو ۽ ڪتاب جي ڇپائي جو سال تبديل ڪيو اٿس“ منهنجي ڪيترن ئي ويجهن دوستن ڊاڪٽر آڪاش انصاري، نقاش علواڻي، اڪبر سومرو، منظور ميراڻي، سجاد مهر کان ويندي ٻين اشفاق جي پوسٽ تي ڪمينٽس ڪيا آهن ۽ ان کان سواءِ عزيز قاسماڻي، تاج بلوچ، سارنگ درس، زبير سومرو، اسد چاچڙ، شوڪت چاچڙ، مرتضيٰ راهموُن، طارق امر عباسي ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست آهن جن سان هر ڳالهه شيئر ڪندو آهيان ۽ آئون اشفاق کي چوان ٿو ته هو سنڌ جي ڪنهن به اهڙي دوست کي فون ڪري جيڪو اسان جو گڏيل دوست هجي ۽ کانئس صرف اهو پڇي ته سرواڻ ڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي آهي جنهن ۾  مون سندس ڪتاب جو ذڪر ڪيو هجي يا ايوارڊن جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هجي يا ڪو دوست پاڻ مرادو ٻڌائي ته مون ڪنهن سان ڪو اهڙو ذڪر ڪيو هجي، اها اشفاق کي ۽ سڄي سنڌ کي خبر آهي ته مون سدائين جنهن سان به اختلاف رکيو آهي اهو سڌو سنئون رکيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه به لکيو آهي اهو پنهنجي نالي سان لکيو آهي، ڪير مونکي اٽو نٿو پڄائي جو آئون ڊڄي وڄان ۽ نالا تبديل ڪري پوءِ لکان، مون ۾ جرئت آهي ته آئون اشفاق بابت به پنهنجي نالي سان ڳائي وڄائي لکان سگهان ٿو! آئون اياز ميلي وارن سان به گڏ، حيدراباد فيسٽيول وارن سان به گڏ، دوست سان به گڏ ۽ دشمن سان به گڏ هلڻ وارو ناهيان، منهنجا دوست ۽ دشمن سڀ سامهُون آهن پاڻ مفادن تحت نه هلڻ وارا آهيون ۽ نه دوستيون ٺاهڻ وارا آهيون.
پر هينئر ڪجهه پل اڳ نثار کوکر هڪ پوسٽ رکي آهي جنهن ۾ خليل ڪنڀار جي اسٽيٽس جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪتاب مقابلي لاءِ نه موڪلڻ جو ڪو اعلان ڪيو آهي هاڻي اها خليل جي ڇا پر ڪنهن به اديب ۽ شاعر جي مرضي آهي ته هو ڪتاب موڪلي يا نه موڪلي، خليل جي ڪتاب نه موڪلڻ مان لڳي ٿو ته واقعي ڪجهه ته هو جنهن جو ڦاٽ ڦاٽي پيو آهي ۽ همراهه ڪتاب نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سندس لاءِ ميدان به صاف آهي ۽ صاف هجي يا نه هجي ايوارڊ ته ان صاحب کي ئي ملڻو هو ڀلي کڻي ڀٽائي پاڻ ميدان تي هجي ها پر ان کي به وري سري ڪجهه نه ها، ڇو ته هي صاحب سنڌ جو اهو شاعر آهي جيڪو پنهنجا شعر آوي مان پڇائي پوءِ ڪڍندو آهي ۽ سڄي سنڌ تي هن جو جن وانگر اثر آهي، سو جڏهن جن پاڻ موجود هجي ته ٻين جي مجال آهي جو داءُ کٽي وڃن ۽ خير سان ادبي بورڊ کانپوءِ همراهه اچي سنڌ لئنگويج اٿارٽي کي ڀِتا آهي، ان جو به ڏيوالو ڪڍي ڪندا دنگ پوءِ سڀ خوش هوندا. پر هن وقت اهي سڀ اديب ۽ پبلشر ماٺ آهن جن کي منهنجي آواز اٿارڻ کانپوءِ پتو پيو هو ته سعيد ميمڻ ۽ سائين مير محمد پيرزادو به وڏا شاعر آهن، ڀلا پوءِ انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي به سنڌيالاجي پاران ايوارڊ نه ڏنو ويو ته کرڙيون ڇو نه هنيائون، مون ته ڪجهه نه چيو، معنيٰ ته آئون رڙيون ڪريان ته پوءِ سنگت جي اک کلندي آهي ته ڪير ڪير وڏو شاعر آهي، معنيٰ مسئلو منهنجو ئي آهي، باقي جيئن وڻي ٿيندو رهي اهي سڀ ناميارا اديب، شاعر ۽ پبلشر ٽيٽهر وانگر اکيون پوري ستل هوندا.
نثار جي ان پوسٽ کانپوءِ مون ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته مون 2017ع ۾ ٻيو نمبر ايوارڊ ڏيڻ جي لاءِ قطعي ڪنهن کي نه چيو هو، جڏهن ته ٻن ججن مون کي ايوارڊ ڏئي ڇڏيو ۽ اهو نه ڏنو ويو ته آئون ٻئي نمبر تي ڪيئن راضي ٿيندس، جڏهن ته مون ته پهريون نمبر به ملڻ جي صورت ۾ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن جا شاهد اهي خط آهن جيڪي ڪاوش اخبار  ڇپيا آهن جنهن ۾ مون ايوارڊ نه وٺڻ ۽ اهو ايوارڊ سعيد ميمڻ کي ڏيڻ جو چيو هو ۽ مون ان وقت اهو به چئي ڇڏيو هو ته هاڻي ڪڏهن به سنڌ جي ڪنهن به ادبي اداري کي ايوارڊ جي لاءِ ڪتاب نه موڪليندس ۽ تازو ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران پڻ ڪتاب گهرائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر خادم منگي ميسيج موڪليو هو مون ان کي به انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي وڌيڪ ثبوت اهو ته هينئر ڊسمبر ۾ آئون موڪلن تي سنڌ آيو هئس ته نياز پنهور صاحب سان ملاقات ٿي هئي ته هُن چيو هو ته تنهنجي هن نئين ڪتاب مند بنا موتيا کي ڀلا هي هاڻي ڪيئن رد ڪري سگهندا، جنهن تي مون کيس چيو هو ته آئون ڪتاب مقابلي لاءِ نه موڪليندس، ان جو نياز پنهور صاحب شاهد آهي. ان کان پڇا ڪري سگهجي ٿي.
پر هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اشفاق آذر دوستن کي ٻڌايو آهي ته اهو سڀ ڪجهه مون ڪرايو آهي. مون کي ڏک آهي ته اشفاق ائين ٿو چيو ۽ اشفاق پنهنجي اسٽيٽس ۾ اهو به لکيو آهي ته هُن ڪتاب صرف پڙهندڙن جي لاءِ ڇپرايو آهي، ادا جي ڪتاب پڙهندڙن جي لاءِ ڇپرايو اٿئي ته ڇا 2018ع لکرائڻ سان ڇا اهو 2019ع ۾ ايڪسپائر ٿي وڃي ها يا 2018ع جي ڇپيل ڪتابن جي 2019ع ۾ وڪري تي پابندي آهي ڇا؟ يا اهو ڪتاب 2018ع لکڻ سان پڙهندڙ نه پڙهي سگهن ها ڇا؟؟ يار خدا خدا ڪريو، توهان 2019ع ڇو لکرايو  اهو توهان جو مسئلو آهي، توهان ايوارڊن کان مٿانهان آهيو، مونکي به خبر آهي ۽ مون توهان کي به چيو هو ته آئون ڪتاب سنڌ جي ڪنهن به اداري ڏي نه موڪليندس ۽ جيڪڏهن اشفاق جي ڪتاب تي 2019ع لکيل آهي ۽ هُو 2018ع جي ڊوڙ مان نڪري چڪو آهي ته مونکي ته وڌيڪ خوشي ٿيڻ گهرجي ها ته اشفاق مقابلي ۾ ناهي پر جيئن ته مون کي سنڌ جي ڪنهن به ادبي اداري ڏانهن ايوارڊ لاءِ ڪتاب موڪلڻا ئي نه آهن سو مون کي ان سان قطعي فرق نه ٿو پوي ته ڪتاب تي 2018ع لکيل آهي، 2019ع لکيل آهي يا ڪو سال ئي لکيل نه آهي. ڀلا جڏهن منهنجو ايوارڊن سان تعلق ئي نه آهي ته پوءِ هر ان اعتراض جو يا هر ان نشاندهي جو تعلق مون سان ڇو ٿو جوڙيو وڃي، مون کي ٻيو ڪجهه به نه آهي بس ڏک آهي ته اشفاق جهڙو دوست هاڻي دوستي جي دائري مان نڪري ويندو ۽ اهو به سندس پاران پيدا ٿيل غلط فهمي جي بنياد تي ۽ ٻيو کٽڪو اهو آهي ته ڪٿي سنڌ لئنگويج اٿارٽي ۽ سنڌيالاجي ۾ خدا نه ڪري ڪا باهه لڳي ته اهو به منهنجي کاتي ۾ وڌو ويندو ته اها باهه به مون لڳرائي آهي ڇو ته غلط فيصلن تي اعتراض صرف آئون واريندو رهندو آهيان ۽ سڀ سمجهن ٿا ته رڙ رڳو آئون ئي ڪريان ٿو!!
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter