سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ساهيوال واقعو : جي آئي ٽي پاران سي ٽي ڊي عملدار ذميوار قرار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/21/2019


ويب ڊيسڪ
ساهيوال واقعي بابت پنجاب حڪومت پاران جوڙيل جي آئي ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي خليل خاندان جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي جڏهن ته خليل خاندان جو دهشتگردي سان ڪو تعلق جڙي نه سگهيو آهي.
وزيراعلي هائوس پنجاب ۾ وزيراعلي عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن کانپوء قانون واري صوبائي وزير راجا بشارت ميڊيا کي بريفنگ ڏني.قانون واري صوبائي وزير بشارت موجب سي ٽي ڊي ساهيوال جي ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو آهي.جڏهن ته سي ٽي ڊي جي اي آئي جي ۽ ڊي آئي جي کي به هٽايو ويو آهي.
جڏهن ته ساهيوال مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پنجن سي ٽي ڊي اهلڪارن کي دهشتگردي ڪورٽ اڳيان پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
صوبائي وزير چيو ته سي ٽي ڊي جو ساهيوال مقابلو سئو سيڪڙو درست هيو.ميڊيا کي اربع تي ان ڪئمرا بريفنگ ڏني ويندي.هن چيو ته جي آئي ٽي ملزم ذيشان جاويد بابت وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪرڻ خاطر وڌيڪ وقت طلب ڪيو آهي.ذيشان جاويد بابت ايجنسين جي رپورٽ آهي ته ان جا دهشتگردن يا داعش سان رابطا هئا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter