سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

”ڳڙ دي لسي“..... ياسين جوڻيجي جو بلاگ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/22/2019

 
ٻين بجاءِ، پهريان پنهنجو احتساب پاڻ ڪيو

ياسين جوڻيجو

موجوده دور جي ڳالهين جي ڀيٽ خاطر نه ڄاڻان ته ڇو پراڻي وقت جي روايتن جو مثال ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي. اگر ته محفل جي ڪنهن مور کي هاڻوڪن وقتن جي ڪنهن معاملي تي ڇوهه ڇنڊڻا هوندا ته سندس ڳالهه اهڙو جملو چوڻ کانسواءِ شروع ئي نه ٿي سگهندي ته ”ادا پراڻي وقت ۾ ههڙيون بدعتون ٿورئي هونديون هيون ڀلا وقت ويا گذري!“ وري جي پنهنجن ماڻهن جي پوئتي رهجي وڃڻ جي ڪٿا شروع ٿيندي ته ساڳيو پراڻو دور گِلا جي گهاڻي ۾ پيڙهيندي سموري ماضيءَ کي نندڻ واري وائي ڪڍڻ به ضروري ٿي پوندي. سو اسانجون اڄڪلهه جون ڪچهريون به هڪ مشڪري آهن.

مان به جيئن ته اهڙن ماڻهن سان گڏ ساڳئي سماجي تاڃي پيٽي ۾ ساهه پيو کڻان سو اڄ به پنهنجي ڳالهه ماضيءَ جي سهاري ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهان. هڪ وقت هيو ته سنڌي ماڻهن جي ڪچهري هٿ جوڙ واري عاجزيءَ سان ”حوال“ تان شروع ٿيندي هئي ۽ سموري زندگيءَ کي ڳالهه جي وڪڙ ۾ کنيون پئي هلندي هئي. پراڻي دور ۾ مهمان ڪجهه ڪلاڪن لاءِ آيو ته مطلب ناراض آهي، سو محبتن جي مڃتا خاطر ڏينهن رهبا هئا. هڪ اڌ ڏينهن کانپوءِ ئي مهمان ۽ ميزبان تنهائيءَ ۾ زندگيءَ جا ڪي روئڻا روئيندا هئا ته واهه واهه نه ته خوش ٿي کلندا ڳالهائيندا موڪلائيندا هئا.

اڄوڪي وقت جو ظلم اهو آهي ته مهمان لوهه جي گهوڙن کي لڳل چئن ڦيٿن سهاري واءُ مينهن ڪندا ٿا اچن ۽ وڃن. ٻه منٽ خير جا کلي پوءِ جو پيسي سان سلهاڙيل شين جي اڻهوند، سياستدانن جي عيبن ۽ ٻين جي گِلا جو ڪتاب ٿو کلي ته سوين پنا ڪلاڪن ۾ پڙهجي ٿا وڃن، حاصل مطلب آهي ته ٻن منٽن بعد ڪچهري، ڪچهري گهٽ رُدالين جي روڄ راڙي جو آکاڙو ٿي پوي ٿي.

اهڙين ڪچهرين ۾ ئي ٻڌندا آهيون ته هڪڙن وقتن ۾ سنڌ اندر مذهبي فرقيواريت جا خنجر کليل هئا نه ئي گوليون گهٽين ۾ گهمنديون هيون، کير مکڻ جام هوندا هئا، سرنديءَ وارا لسي مفت ورهائيندا هئا ۽ کير وڪڻڻ مالوندن لاءِ ڄڻ ته گار مثل ڪم هو. کنڊ ۽ صابڻ ڳنهڻ کي ڳوٺن ۾ عيب سمجهي ڳڙ ۽ ميٽ ملڻ جي ڳالهه زور تي هوندي هئي. ڪَسُ کائڻ واري جي ڳالهه ڪوهن جا ڪوهه ۽ ميلن جا ميل سفر ڪندي ايندي هئي. سرڪار جي حشمت ۽ قانون جي ڪنهن حد حاڪميت هجڻ وارا قصا به سماعتن جي پلئه پوندا رهن ٿا رهن. پراڻن وقتن ڏانهن جو گهور پائي ڏسجي ٿو ته محض سادگي ٿي نظر اچي. ماڻهو سادا، رهڻي ڪهڻي سادي، رسمون ساديون ٻيو ته ٺهيو پر ڳالهيون ساديون ۽ اصول به سادا.
هاڻي ملڪ ٿي ويو آهي ته ”هاءِ فاءِ“. اڳ جيڪا شئي سڏبي هئي ”فَٽِ فَٽِ“ سا هاڻي ”بائيڪ“ بڻجي چڪي آهي ۽ هر غريب جي ٻار کي به گهربل آهي. چينا جي بائيڪ ۽ ٽچ موبائل کانسواءِ ڇورن جي لوڏ ۾ موج ئي نه ٿي اچي. ٻار به هڪٻئي کي مهڻو ڏيڻ لاءِ چئي ويهن ٿا ته ”منهنجو ملڪ تي داٻو آهي“. ”ڀائو وڏي وارن“ جي ساهس تي پوليس وارن ”هاف فراءِ“ چڪر شروع ڪيو ته ڪجهه گھٽتائي ٿي آهي نه ته داٻي جي چڪر ۾ ڇورا چانهن پيئڻ لاءِ هوٽل ايندي وقت  به ”مشين” گڏ کڻڻ شان سمجهندا هئا.
پر جي مڇي مانيءَ وارن جي ڳالهه ڪجي ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ به کين مزو نه ٿو اچي، گاڏي ته جي ايل آءِ نه تڏهن به ڪلٽس هجي ته سنگت ۾ ڪنڌ هلڻ جهڙو محسوس ڪجي ٿو ۽ عشق  به سولو ٿئي ٿو. رات جو ”داروءَ“ ۽ بار بي ڪيوءَ کانسواءِ نه مهمان مهرباني ڪري ٿو نه ميزبان کي ٿو مزو اچي. ايڏو کٽراڳ ڪرڻ کانپوءِ به ڪچهريون ڪهڙيون ”آءِ فون“ ۾ نيٽ کولي جيستائين واٽس اپ تي سنگتياڻين سان آهون نه ڀرجن ته ڄڻ فرض پورو نه ٿيندو. وري سنگتياڻين جا ڦوٽو به هڪ ٻئي کي نه ڏيکاربا ته ڪسر ته رهجي ويندي نه. باقي آهن ڪرپشن جا سور، وڏيرن جا ڪلور ۽ سياستدانن جا ڪرتوت اهي ناشتي تي ڊسڪس ڪبا آهن.

اميرن ڪيبرن سان پنهنجي لڳي ڪو نه، اهي به مون پارن کي پاڻ سان ويهارڻ مناسب ناهن سمجهندا سو انهن جي ڪچهرين جي پاڻ کي ڪا خبر ئي ناهي. باقي سو چئي سگهجي ٿو ته اهي به ٻالڪپڻ ۾ پڙهندا هوندا، ڊاڪٽر کان ڪو نه ڪو علاج به ڪرائيندا هوندا، کين به سرڪاري آفيسن ۾ ڪم پوندو هوندو ۽ سندن گهرن ۾ مٽن مائٽن سان جهيڙا جهٽا ٿيندا هئا. جن جو ڪو ازالو ڪو حل کين ڪاوڙ ڏياريندو هوندو. غريب غربو هجي يا مڇي مانيءَ وارو يا امير ڪبير سڀ ڪو چاهيندو آهي ته زندگيءَ ۾ بس سک هجن. پر سک هاڻي مفت ۾ ملن ئي نه ٿا. جيترو کيسي ۾ دم هوندو اوترا سک خريد ڪري سگهجن ٿا.

سکن جا دڪان خالي ڪرڻ لاءِ مگر غريبن توڙي مڊل ڪلاسين به کير مکڻ وڪرو ڪرڻ کان وٺي اهي سڀ ڪڌا ڪم ڪيا آهن جن کي ڪچهرين ۾ نِنديو وڃي ٿو. کير ۾ پاڻي ملائڻ کان وٺي، مريض کي ننڍي بيماريءَ ۾ به دوائن جي ٿيلهي لکي ڏيڻ واري ڪم تائين عام ماڻهو جيڪو هڪ ٻئي کي لُٽين ۽ لتاڙين ٿا. ان جو ڪو ڇيهه ئي ناهي. اسڪول، اسپتالون، آفيسون سڀ دڪان آهن. جتي هڪڙا ٻين کي ڦرين ٿا ته ٻيا ڦرجن ٿا. ڊاڪٽر کي فروٽ وارو، فروٽ واري کي اسڪول وارو، هاريءَ کي واپاري ۽ واپاريءَ کي ضلعي انتظاميا وارو ڦرين ٿا. اها ڦرمار سکن جي حاصلات لاءِ آهي.

مٿان جو ايجادن ۾ واڌ سبب مارڪيٽ نين شين ۽ بيمارين سان سٿبا رهن ٿا ۽ خواهشن جي لسٽ ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي ان ڪري هڪٻئي جي لٽ مار به رڪجي ئي نه ٿي. اگهه وڌندا رهن ٿا پيسو ملهه ڪيريندو رهي ٿو ۽ عام ڪرپشن جو ريٽ به اُڀ ڪپرو ٿيندو رهي ٿو.

بيشڪ حڪومتون ۽ حڪومتون هلائڻ وارا سياستدان به بي انتها مال ميڙين ٿا. کين سزا به نه ٿي اچي ۽ مسئلن جا انبار وڌندا وڃن ٿا پر ڪچهرين ۾ حڪومتن ۽ سياستدانن سان شڪايتن جو انباڪس خالي ڪندڙ اهو عهد ڇو نه ٿا ڪن ته ”پهريان پاڻ ايماندار ٿجي ۽ پوءِ ايماندار استاد، ڊاڪٽر، پوليس واري، ڊي سي ۽ ايم پي اي يا ايم اين اي جي طلب ڪجي!“ 
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter