01/23/2019
ويب ڊيسڪ
آمريڪا ۽ افغان طالبان وچم ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان مان آمريڪي اتحادي فوجن جي واپسي سميت اهم معاملن تي ٻنهي ڌرين وچم اتفاق ٿي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪي ايلچي زلمي خليل زاد جو چوڻ آهي ته گهڻين ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو آهي پر ڪجهه معاملا اڃان حل طلب آهن.
واضع رهي ته قطر جي گادي واري شهر دوها ۾ آمريڪي نمائندن ۽ افغان طالبان وچم ڳالهين جو آخري دور گذريل ڇهن ڏينهن کان جاري هو، جنهن ۾ افغانستان جي سترنهن سالن جاري جنگ بند ڪرڻ ۽ غيرملڪي فوجين جي واپسي وارن منصوبن تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ايندڙ 18 مهينن ۾ آمريڪا افغانستان مان پنهنجون اتحادي فوجون واپس گهرائيندو.
قطر جي دوحا ڳالهين ۾ شريڪ آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد چيو آهي ته ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي پر اڇان ڪجهه معاملا حل طلب آهن.خابرو اداري موجب زلمي خليل زاد دوحا ڳالهين کانپوء سڌو ڪابل روانو ٿي ويو آهي جتي افعان صدر اشرف غني سان ڳالهيون ڪندو.
خابرو اداري جي ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻنهي ڌرين جي گڏيل پريس ڪانفرنس سامهون ايندي جنهن ۾ سمورا تفصيل بيان ڪيا ويندا.