سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پاڪستاني لوڪ فنڪارن بابت فلم کي انڊيا ۾ ايوارڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/18/2019

لاهوتي
راجسٿان جي شهر جئپور ۾ جاري فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني هدايتڪار جي ڊاڪيومينٽري فلم انڊس بليوز کي ٻه اهم ايوارڊ مليا آهن.اهي ايوارڊ فلم کي بيسٽ فيچر ڊاڪيومينٽري ۽ بيسٽ سينيماٽوگرافي  وارين ڪيٽيگرين ۾ ڏنا ويا آهن.
فلم انڊس بليوز جي نوجوان ڊائريڪٽر جواد شريف جو چوڻ آهي ته سندن ٽيم اها فلم پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ وڃي انهن فنڪارن بابت ٺاهي هئي جيڪي پنهنجي فن کي گناهه سمجهي ان فن کي ڇڏي رهيا آهن.
ان فلم ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ نڙ بيت ۽ بوٽينڊي توڙي چنگ جي مشهور سازندي ذوالفقار فقير لنڊ کي به شامل ڪيو ويو آهي جنهنکي سنڌ ۾ تمام گهٽ اهميت ملندي هئي.فقير ذوالفقار لڻڊ جو فوٽو هڪ ٽائيٽل ڪور تي ڏنو ويو آهي.
ڊائريڪٽر جواد شريف پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڃان تائين سندس فلم جو صرف ٽريلر رليز ٿي سگهيو آهي.فلم کي ڊسمبر 2018 ۾ سنيسر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته فلم جي ريڪارڊنگ دوران ڪيترائي دلچسپ واقعا پيش آيا جيئن پشاور جي هڪ يونيورسٽي ۾ آرٽسٽ جي ريڪارڊنگ دوران ڪجهه ماڻهن اهو چئي اسان جي ريڪارڊنگ بند ڪرائي ته موسيقي حرام آهي پر اسان موسيقي ٻڌي وڏا ٿيا آهيون تنهنڪري اسان ان موسيقي سان اسان جون يادون ۽ اسان سڃاڻپ وابسته آهي انکي ڪيئن ٿا ڇڏي سگهون..

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter