سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

امان مان ڪاري ٿي مرڻ نٿي چاهيان


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/23/2019

عائشه حسن ڌاريجو

منهنجا احساس هميشه مونکي تنگ ڪندا رهندا آهن ,ڪي خيال ,ڪي خواب,ڪي ڏوراپا,ڪي پراڻيون يادون جن کي مون اڃان سانڍي رکيو آهي پر تون,تون نه ڄاڻ ڪٿي غم ٿي ويو آهين ,ڏاڍو ڳولهيو آهي تونکي ,تنهنجا پار پتا پڇا آهن ماڻھن کان, ڪو به ڏس نٿو ڏئي ,ڪو به مونکي تون وٽ پهچڻ جو رستو نٿو ٻڌائي.

ٻڌ ! مان اڪيلي ٿي پئي آهيان ,نه کٽندڙ عذاب جي ور چڙھي وئي آهيان ,ٻيلي ٿڪجي پئي آهيان ,ڪو هوا جو جهوٽو ئي موڪل جيڪو مونکي ڇهي وڃي تنهنجي خوشبو جو واس مونکي ڏيئي وڃي , ڪجه دير لاء ئي سهي پر منهنجي اردگرد تنهنجي هجڻ جو احساس ئي مونکي ملي وڃي ته من اندر ۾ بهار  اچي ويندي ,مان سرهي ٿي پونديس ,سکين سان نخرا ڪرڻ لڳنديس ته منهنجو محبوب اچڻ وارو آهي پر ٻڌ منهنجي ايڏي خوش ٿيڻ تي منهنجا مائٽ مون تي شق ته نه ڪندا ته هن ڇوريء کي ڪٿان لڳي جو ايڏي سرهي ٿي پئي آهي ,منهنجا وارث ڪات ڪهاڙا ته نه کڻي بيهندا ته پڪ هن کي ڪنهن جي لنوء لڳي آهي ,ڪو آهي جيڪو هنکي تازي کلندڙ گل وانگر ٿو ڪري وڃي ,ڏس نه اچجا,نه اچجا ,هتي جا روڊ رستا ته پڪا آهن پر ماڻھن جون نيتون ڪچيون آهن , جي مون وٽ اچين ته وارثن سامهون سلام به نه ڪجا ڀلي سلام ڪرڻ اسلام ۾ فرض آهي پر هتي اسان جي سماج ۾ هي پاپ آهي ڏوه آهي ,مون ڏي مڙي , مڙي نه ڏسجا متان ڪنهن ظالم جو ڪات تنهنجي ڪنڌ تي اچي لڳي ۽ ماڻھو مونکي ڪارو ڪري نه مارين ,سمجهي وئي نه مان ڪاري ٿي مرڻ نٿي چاهيان ,مان جيئڻ چاهيان ٿي پر اهو به توسان پر هتي جيئڻ جي سزا موت آهي موت ,ادي صغران کي به ائين ئي ڪاري ڪري ماريو هين ,ڏوه ڇا هيو ويچاري جو ,جو هن پرڻي کان انڪار ڪيو هيو ,پر نه ,نه ,مان مرڻ نٿي چاهيان ,ٻيلي مونکي بچايو ,منهنجو ساٿ ڏيو ,مان جيئرو جاڳندو انسان آهيان ,هي ڏسو ساه کڻان ٿي ,کلان ٿي روئان ٿي ,پو مونکي زبردستي ڇو ٿا ماريو ,ڪو به ناهي هن سڄي ڳوٺ ۾ جيڪو هن جي دانهن ٻڌي ,هوء گوڏا هيٺ ڪري زمين تي ويهي رڙيون ڪري روئڻ لڳي پنهنجي ڪمري ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي
.
مائٽ ڀڄي آيا ,اڙي هاڻي ته چاڪ چڳي ڀلي هئي ڇاٿي ويس
ماء چيو, اڙي صدقو وڃانس منهنجي ڌيء کي ڇا ٿي ويو آهي پاڻ سان ڇو ٿي ڳالهيون ڪري ,ڪٿي چري ته نه ٿي وئي آهي
ڀاءچيو,امان ادي کي جن ٿي ويو آهي جن ,اهو به ڪو مسلمان ناهي چهڙو آهي ,کڻوس ,کڻوس سائين جن جي درگاه تي ٿا هلون
ايتري ۾ سڀ ڀڃندا ڀڃندا سائين جن وٽ پهتا جيڪو سندن ئي ڳوٺ جو پير سائين هو
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter