سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پريانڪا گانڌي ڪانگريس ۾ سرگرم پر ڪاميابي اڃان اڳتي....


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/24/2019


لاهوتي
هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي جي نياڻي پريانڪا گانڌي سالن ڏهاڪن کانپوء سياست ۾ سرگرم ٿي آهي.تازوئي کيس اترپرديش لئه ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري انچارج مقرر ڪيو ويو آهي.سندس مقرري هندستاني لوڪ سڀا يعني عام چونڊن کان ڪجهه مهيان اڳ ڪئي وئي آهي.کيس اهڙي رياست ۾ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي جتان ڪانگريس جي سياسي تڏا ويڙهه ٿيل آهي.اهو ائين جيئن پاڪستاني صوبي ڪي پي ڪي ۾ پيپلزپارٽي پاران بختاور ڀٽو کي مقرر ڪيو وڃي.
پريانڪا گانڌي جي ڪانگريس ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ تي ڪانگريس ورڪر تمام گهڻو خوش آهن.هو سمجهن ٿا ته ڪانگريس صدر راهول گانڌي کي پنهنجي ڀيڻ جي صور ۾ هڪ مضبوط سهارو ملي ويو آهي.راهول گانڌي جي سياسي ڪردار کي هاڻي تازين ڪاميابين بعد سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي.
تازوئي ڪانگريس کي ڇتيس ڳڙهه، راجسٿان ۽ مڌيا پرديش وارين چونڊڻ ۾ ڪاميابيون مليون آهن جنهنڪري راهول گانڌي جي ڪانگريس تي گرپ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.ڪانگريس جا جهونا اڳوان پهريان راهول کي گهٽ ميچوئر ۽ نئون سمجهي رهيا هئا پر هاڻي راهول گانڌي جي ڪردار کي پريانڪا جي اچڻ سان اڃان وڌيڪ هٿي ملي آهي.
ڪانگريس صدر راهول گانڌي چيو آهي ته هو پنهنجي ڀيڻ پريانڪا جي اچڻ سان خوش ٿيو آهي.جڏهن ته سندس سياسي مخالفن خاص ڪري بي جي پي اڳواڻن کيس ٽوڪيندو چيو آهي ته پرياناڪ جو چهرو ته خوبصورت آهي پر سياست سندس وس جي ڳالهه ناهي.
پريانڪا گانڌي وردا هاڻوڪي سرگرمي کان اڳ صرف پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جي لوڪ سڀا تڪن تائين محدود هوندي هئي کيس عام چونڊن دوران بريلي ۽ اميٺي ۾ چونڊ مهم دورنا ڏٺو ويندو هو پر هاڻي پرياناڪ سياست ۾ باقاعده سرگرم ٿي آهي ڏسجي ته کيس ڪيتري ڪاميابي ملي ٿي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter