سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪرڪٽر سرفراز کي ابي ڪالي چوڻ مهانگو پئجي ويو چئن مئچن لاء معطل


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/24/2019

ويب ڊيسڪ
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران پاڪستاني ڪرڪيٽر سرفراز کي چئن مئچن لئه معطل ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.ان سان گڏ هو رنگ نسل جي اهميت بابت تعليم حاصل ڪندو.
آئي سي سي پاران اهڙي سزا پاڪستاني ڪرڪيٽر سرفراز جي انهن جملن تي ڏني وئي آهي جيڪي هن سائوٿ آفريڪا سان مئچ دوران بئٽس مين اينڊلي ڦيلوڪووايو کي چيا هئا.سائو آفريڪا سان پاڪستان جي 22 جنوري واري ون ڊي انٽرنيشنل دوران سرفراز سائوث آفريڪا جي بئٽس مين کي اردو م چيو هو ته  ابي ڪالي...تيري امي ڪهان بيٺي هي ڪيا پڙهواڪر آئي هو.....، سرفراز جا جملا اسٽمپ مائيڪ تان ٻڌا ويا جنهن بعد تڪرار شروع ٿيو.
سائوٿ آفريڪا جي بئٽسمين ۽ پوري ٽيم کان سرفراز وڃي معافي ورتي ۽ بيان ۾ سائوٿ آفريڪي عوام کان به معافي ورتائين پر آئي سي سي کيس سزا ڏئي ڇڏي...
آئي سي سي پاران سزا ملڻ بعد شعيب ملڪ ٽيم جو هلندڙ مئچن ۾ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سرفراز جي جڳهه تي محمد رضوان کي کيڏايو ويندو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter