سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ زرداري فريال پاران نظرثاني پٽيشن داخل


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/26/2019

ويب ڊيسڪ
پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر پاران جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کي چئلينج ڪندي نظرثاني پٽيشن داخل ڪئي آهي.جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي ان ڪيس ۾ آرڊر پاس ڪرڻ جي ڪا جسٽيفيڪيشن ناهي.
سپريم ڪورٽ 7 جنوري تي آرڊر پاس ڪندي جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت جي آئي ٽي جي رپورٽ نيب ڏانهن موڪليندي حڪم جاري ڪيو هو ته نيب ٻن مهينن اندر ڪيس اڪلائي.اها جي آئي ٽي زرداري گروپ، بحريا ٽائون ۽ اومني گروپ جي انهن ڪاروباري سرگرمين بابت ايف آئي اي پاران جوڙي وئي هئي جنهن ۾ 29 جعلي بئنڪ اڪائونٽس مان 42 بلين جي مني لانڊرنگ ٿيل ڏيکاريل هئي.
نظرثاني اپيل واري پٽيشن ۾ چيل آهي ته جي آئي ٽي پاران ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ خلاف ڪي به سڌا الزام نه لڳايا ويا آهن ۽ رپورٽ پاڻ وڌيڪ تحقيقات جي سفارش ڪئي آهي.
نظرثاني پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪيس نيب راولپنڊي کي موڪلڻ  غيرقانوني آهي ڇو ته الزام هيٺ آيل سمورو ريڪارڊ ڪراچي ۾ موجود آهي .واضع رهي ته سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪيو هو ته اهو ڪيس نيب اسلام آٻاد يا نيب راولپنڊي حوالي ڪيو وڃي.
نظرثاني پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو اهو حڪم قانون تي عمل جي روه جي خلاف ۽ آئين جي خلاف آهي تنهنڪري ان فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter