سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

برطانيا ۽ بريگزٽ ڊيل


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/25/2019

ماهم سنڌي
 

يورپ ۾ پنهنجو منفرد مقام ٺاهڻ لاء برطانيا هميشه ڪوششن ۾ رُڌل رهيو آهي. سندس اها ئي ڪوشش رهي آهي ته هو ٻين کان وڌيڪ سگهارو ۽ اڳڀرو هجي. ڪجھ سال اڳ پنهنجي قومي مفاد کي نظر سامهون رکندي 23 جون سال 2016ع ۾  برطانيا يورپي يونين کان عليحده ٿيڻ جي لاء عوامي ريفرنڊم ڪرايو ، جيڪو بريگزٽ جي نالي سان مشهور ٿيو . ان ۾ برطانوي عوام ڀرپور حمايت ڪئي ته برطانيا کي وڌيڪ خودمختيار ٿيڻ گهرجي ۽ يورپي يونين جي معاهدن کان نڪرڻ گهرجي ، جئين هو ڪو به فيصلو وٺڻ لاء ان يونين جي ماتحت نه هجي. برطانوي حڪومت پنهنجو موقف ڏيندي چيو هو ته 28 ملڪن تي ٻڌل يورپي يونين جي رڪنيت لاء اسانجو ملڪ هر سال اربين پائونڊ ڏئي ٿو ۽ بدلي ۾ اسانکي ڪجھ ھڙ حاصل ناهي ٿيندو .  ٻيو ته اتان جي عوام جي چواڻي موجب ، پناهگيرن کي پناھ ڏيڻ لاء يونين جي پاليسي متڀيد تي ٻڌل آهي ۽ اسانجي ملڪ ۾ پناھ ڏيڻ لاء اسانکي يونين جي مرضي مطابق هلڻو ٿو پوي. وڌيڪ تنقيد ڪندي  راء ڏنائين ته يورپي يونين پاڻ کي هاڻي يونائٽيڊ اسٽيٽس آف يورپ سمجهڻ لڳي آهي ، سو اسان ان جو حصو نٿا ٿيڻ چاهيون. ان ريفرينڊم مطابق برطانيا کي مارچ 2019ع ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻو هو.

بريگزٽ جي ڪري حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ سخت اختلاف هئا. بريگزٽ ڊيل تحت برطانيه کي بيٺڪي صوبي اتر آئرلينڊ ۽ آمرش ريپبلڪ سان واپاري سرحدن تي ڳالھ ٿيل هئي ، جيڪي ڊيل کانپوء الڳ ٿيڻيون هيون. ڇوته آئرلينڊ يورپي يونين جو حصو رھڻ ٿو چاهي ۽ اتر آئرلينڊ کي پوء برطانيا پنهنجي مرضي موجب يورپي يونين ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي. بريگزٽ جي معاهدي بعد برطانيا کي يورپي يونين کان الڳ ٿي واپار ڪرڻو هو. پر خفو اهو هو ته واپاري ٽيڪس ، ڪسٽمس ٽيڪس پڻ بريگزٽ بعد تبديل ٿيڻ بدران ساڳيا رهڻا هيا ، جيڪو ان ڊيل جي مخالفت جو اهم سبب بڻيو. مخالفن جي راء موجب جيڪر پراڻا قانون ئي برقرار رهيا ته بريگزٽ بعد برطانيا معاشي بحرانن جو شڪار ٿي ويندو . جيڪڏهن واپاري قانون ۾ بريگزٽ بعد به  خاطر خواھ تبديلي اچڻي ئي ناهي ته، برطانيا کي بريگزٽ ڊيل جو ڪهڙو فائدو ٿيو.

هن ڀيري ڪنزرويٽو پارٽي سان لاڳاپيل برطانوي وزيراعظم ٿيريسا مي، بريگزٽ يعني يورپي يونين کان عليحدگي جي رٿ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ، جنهنڪري کيس وڏي پيماني تي ناڪامي ڏسڻي پئي. پارليامينٽ جي ميمبرن ان ڊيل جي مخالفت ۾ ووٽ وجهي اهو واضح ڪري ڇڏيو ته هو بريگزٽ جي حق ۾ ناهن ۽ نٿا چاهين برطانيا يورپي يونين کان الڳ ٿئي. هن دفعي جڏھن برطانيا جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان هائوس آف ڪامنس ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي ته ميمبرن بريگزٽ کي رد ڪري ڇڏيو.
هن ڊيل جي حق ۾ صرف 202 ميمبرن حمايت ڪئي ۽  432 مخالفت ۾ ووٽ پيا .  حڪومت کي 230 ووٽ تان شڪست ملڻ جو سبب هڪ هي به هو ته ، 118 ووٽ حڪومتي ڌر جي ماڻهن  مخالفت ۾ وڌا
جنهن سان اها ڊيل پاڻمرادو رد ٿي وئي آهي. اقتدار ۾ ويٺل ڪنزرويٽو پارٽي جا سڀ ميمبر بريگزٽ معاهدي تي متفق نه هئڻ سبب ان جي ميمبرن پڻ ان جي مخالفت ۾ ووٽ وڌا آهن. اهي پڻ ليبر پارٽي جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر جيريمي ڪوربن جي “نو ڊيل“ جا حامي نڪتا آهن. اپوزيشن ان وقت ئي اعلان ڪيو ته ، هو وزيراعظم ٿيريسا مي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻيندا ، جنهن سان ان جي حڪومت ويندي ۽ نوان اليڪشن ٿيندا. پر جڏهن 16 جنوري تي وزيراعظم جي پنهنجي ئي جماعت پاران عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي وئي ته ، سمجهيو پئي ويو ته هي حڪومت هلي ويندي. پر اهي افواهون تڏھن ختم ٿيون جڏھن ڪُل 325 وزيراعظم جي حمايت ۾  ۽ بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ 306 ووٽ پيا ، جنهنڪري وزيراعظم ٿريسا مي 19 ووٽن تان پنهنجو عهدو بچائي ورتو .

هن دفعي حڪومت جي حامي ميمبرن وزيراعظم کي ووٽ ڏئي سندس لوڏن ۾ رهندڙ حڪومت کي بچائي ورتو. سندس حڪومت مٿان خطرو ته ڪجھ عرصي لاء ٽري ويو آهي، پر ساڳي ئي وقت  بريگزٽ وارو معامرو اڃا حل ناهي ٿي سگهيو ۽ سوچيو پيو وڃي ته ٻيهر ريفرينڊم ڪرائي عوام جي راء ورتي وڃي . بريگزٽ معاهدو برطانوي پارليامينٽ مان رد ٿيڻ بعد حڪومت کي 21 جنوري تائين منصوبو پيش ڪرڻو پوندو. 29 جنوري تي بريگزٽ جي “پلان بي“ جي منظوري ڏني ويندي. ان لاء برطانوي وزيراعظم اپوزيشن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. برطانوي وزيراعظم موجب اهو فيصلو وري عوام کان ڪرايو ويندو ته بريگزٽ ٿيڻ گهرجي يا برطانيا “نو ڊيل“ تحت پنهنجا پراڻا لاڳاپا يورپي يونين سان بحال رکي. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون برطانيا تي آهن ته هو ڪهڙي طرح پاڻ کي ان سياسي ۽ معاشي بحران مان ڪڍنڍي. جيڪر برطانيا ٻيهر بريگزٽ ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ته کيس شروعاتي ڏکيائون پڻ ڏسڻيون پونديون ، پر دور انديشي ۾ کيس ان جا وڏا فائدا آهن . هاڻي ايندڙ وقت واضح ڪندو ته برطانيا واسي بريگزٽ کي قبول ڪن ٿا يا رد ڪن ٿا
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter