سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هندو مسلم پيار جو انت نوجوان پاران محبوبا سميت خودڪشي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/26/2019

لاهوتي
لکي غلام شاه جي نوجوان سب انسپڪيٽر آغا ارسلان پٺاڻ پنهنجي محبوبا راجڪماري سميت خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.ٻنهي پريمين جا لاش سکر لڳ ڄامڙا اسٽاپ وٽان گاڏي مان مليا آهن .
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته گاڏي آغا ارسلان جو ماروٽ هلائي رهيو هو جنهنکي پاڻي وٺڻ بهاني گاڏي مان لاهي آغا ارسلان پهريان راجڪماري کي قتل ڪيو بعد ۾ ساڳئي پستول سان پاڻ مٿان فائر ڪري انت آندائين.
ذريعن موجب مقتول نوجوان ايس ايس جيڪب آباد عبدالقيوم پتافي جو سالو هو.سندس والد سول جج رهي چڪو هو ۽ سندن لکي ڀرسنا زمينداري پڻ هئي.
خانداني ذريعن  موجب آغا ارسلان جو راجڪماري سان پيار سالن کان هلندڙ هيو.ٻنهي هڪ سال اڳ گهر نڪري شادي ڪرڻ جي تياري پڻ ڪئي هئي ۽ گهران نڪري به ويا هئا پر ڇوڪري واپس ڪرائي وئي.
پوليس ذريعن موجب گوليون لڳڻ بعد پهريون موت آغا ارسلان جو ٿيو جڏهن ته راجڪماري کي اسپتال پهچايو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا ارسالن شڪل صورت سان گڏ اخلاق جو پڻ سهڻو هيو ۽ هن پنهنجي محبوبا راجڪماري بابت پنهنجي ويجهن دوستن کي به نه ٻڌايو هو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter