سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ميئو اسپتال لاهور ۾ داخل ٻارڙي جي ماءُ سان جنسي زيادتي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/27/2019


ويب ڊيسڪ
لاهوري جي ميئو اسپتال ۾ داخل هڪ معصوم ٻارڙي جي ماءُ سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي. اهو واقعو ٻه ڏينهن اڳ اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ جي آفيس ڀرسان واري ڪمري ۾ ٿيو.واقعي ۾ اسپتال جو عملو ملوث ڄاڻايو پيو وڃي.
مريض جي والده سان جنسي زيادتي وارو واقعو ايم ايس جي نوٽيس ۾ آندو ويو آهي جنهن ۾ اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊ سميت ٽنهي ملوث ملزمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.اسپتل جي ايم ايس پڻ هڪ ڪميشن جوڙي واقعي جي تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي.جڏهن ته متاثر عورت گوال منڊي ٿاڻي تي پهچي ٽنهي ملزمن خلاف رپورٽ درج ڪرائي آهي.
ميديا رپورٽس موجب ميئو اسپتال ۾ هڪ معصوم ٻار داخل ٿيل هيو جنهنجي سار سنڀال سندس ماءُ لهي رهي هئي.جنهن پوليس کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ سندس هڪ مائٽ عثمان ٻارڙي جي طبيعت پڇڻ آيو ته سيڪيورٽي گارڊ کيس اسپتال جي آفيسن طرف وڃڻ کان منع ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته اهو رستو صرف وي آئي پيز لئه آهي.
پوليس موجب متاثره عورت دانهيو آهي ته بد ۾ سيڪيورٽي گارڊ اچي کيس ڌمڪايو ته توهانجي مائت اسپتال قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي سڀاڻي صبح جو پنجين بجي صاحبن توکي آفيس سڏايو آهي نه اچڻ جي صورت ۾ ڏنڊ واري سزا طور تنهنجي پٽ کي اسپتال مان بيدخل ڪيو ويندو.عورت موجب ٻارڙي کي اسپتال مان بيدخل ڪرڻ واري خوف سبب هو جڏهن صبح جو پنجين بجي ايم ايس آفيس ڀرسان پهتي ته مذڪوره ٽئي ملزم آفيس اندر موجود هئا ۽ انهن دروازو بند ڪيو بعد ۾ هڪ ڄڻي ساڻس زوري زنا ڪئي.
گوال منڊي پوليس ان ڪيس جي تحقيقات ڪري رهي آهي جڏهن ته ميئو اسپتال انتظاميا پڻ ان وقعي جي جاچ لئه هڪ ڪميٽي جوڙي آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter