سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

آسيه بي بي ڪيس : سپريم ڪورٽ نظرثاني اپيل رد ڪري ڇڏي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/27/2019


ويب ڊيسڪ
سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ عيسائي عورت آسيه بي بي جي توهين مذهب ڪيس ۾ بريت ۽ آزادي واري فيصلي تي نظرثاني اپيل  رد ڪري ڇڏي آهي.چيف جسٽس آصف سعيد کوسو ان بئنچ جي سربراهي ڪري رهيو هو.
پرڏيهي ميديا موجب عدالت فيصلو ٻڌايئندي چيو ته صرف ڪوڙن بيانن جي بنياد تي ڪنهنکي ڦاسي نٿو چاڙهي سگهجي.
اها نظرثاني اپيل مدعي عبدالسلام داخل ڪئي هئي.مدعي پنهنجي پٽيشن ۾ موقف اختير ڪيو هو ته اعلي عدالت 31 آڪٽوبر تي ڏنل پنهنجي فيصلي ۾ انهن حقيقتن  کي مدنظر ناهي رکيو جن جي بنياد تي ماتحت عدالتن آسيه بي بي کي توهين مذهب ڪيس ۾ سزا ٻڌائي هئي.
چيف جسٽس آصف سعيد کوسو چيو ته درخواست گذار سپريم ڪورٽ جي آسيه بي بي واري فيصلي  ۾ ڪنهن خامي جي نشاندهي ڪري نه سگهيو جنهن تحت عدالت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.
ميڊيا رپورٽس مطابق اڱاري ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهين مذهب جو معامو نه هجي ها ته عدالت ڪوڙي شاهدي ڏيندڙن خلاف فوجداري ضابطي هيٺ ڪيس داخل ڪرائي ها.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter