سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

گانڌي کي ٻيهر گولي نٿورام کي گلن جا هار پارايا ويا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/28/2019

ويب ڊيسڪ
ڀارت ۾ هندو انتهاپسند گروپ اکل مهاڀارت هندو شڀا  جي اڳواڻن اترپرديش جي علي ڳڙهه شهر ۾ مهاتما گانڌي جي پتلي کي گولي هڻي ۽ سندس قاتل نٿو رما گ گڊسي جي مجسمي کي هار پارائي سندس ورسي ملهائي.
ان موقعي تي هندوتا تنظيم جي مرڪزي سڪيريٽري پوجا پانڊي مٺائي ورهائي ان قتل جي خوشي ملهائي. گڊسي مهاتما گانڌي کي  30 جنوري 1948 تي گويل هڻي قتل ڪيو هو.مهاتما گانڌي جا پوئلڳ ان کي شهادت جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن پر هندو انتهاپسند ان کي بهادري جو ڏينهن ڪري ملهائين ٿا.
سوشل ميڊيل تي شيئر ڪيل  وڊيو ۾ پوجا پانڊي کي گانڌي جي پتلي کي رانديڪي واري بندوق هڻندي ڏيکاريو وي آهي جنهن بعد پتلي مٿان ڳاڙهي رت وارو رنگ هاريو ويو آهي. پوجا چيو ته هنن نئين روايت شروع ڪئي آهي ته جيئن گڊسي جي بهادري سامهون اچي سگهي.
هندو انتهاپسند جماعت گانڌي کي هندستان جي ورهاڱي جو ذميوار سمجهندي آهي.
واضع رهي ته گانڌي جي قاتل گڊسي ۽ سندس ساٿي نارائڻ کي 15 نومبر 1949 تي ڦاسي ڏني وئي هئي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter