سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪي پي ڪي حڪومت پاران گڏهن جي فارمنگ ڪرڻ ۽ چين موڪلڻ جو فيصلو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/27/2019


ويب ڊيسڪ
خيبر پختونخوا حڪومت جي لائيو اسٽاڪ کاتي پاران گڏهن جي فارمنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.گڏهن جا اهي فارم مانسهره ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ قائم ڪيا ويندا.ته جيئن انهن جو درآمد ڪاروبار ڪري سگهجي.
لائيو اسٽاڪ کاتي پاران چيو ويو آهي ته گڏهن جي فارمنگ غيرملڪي سهڪار سان ڪئي ويندي پر چيني حڪومت سان گڏوگڏ مختلف رجسٽرڊ ڪمپنيون به ان ۾ سهڪار ڪري سگهن ٿيون.
لائيو اسٽاڪ کاتي جي اندازي مطابق شروعاتي ٽن سالن دوران اسي هزار گڏهه پرڏيهه وڪرو ڪيا ويندا.پهرئين مرحلي ۾ بيمار ۽ بيڪار گڏهه وڪرو ڪيا ويندا.کاتي مطابق گڏهن جي فارمنگ ٽن کان اڍائي سالن ۾ ٿي وڃي ٿي.
لائيو اسٽاڪ کاتي موجب چيني ڪمپنيون گڏهن جي فارمنگ ۾ دلچسپي رکن ٿيون جڏهن ته غيرملڪي ڪمپنيون ٽي ارب روپين تائين سرمائيڪاري ڪرڻ لئه تيار آهن.
خيبرپختونخواه حڪومت جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ستر هزار خاندانن جو روزگار گڏهن سان لاڳاپيل آهي تنهنڪري هو سوچي سمجهي گڏهن جي درآمد وارو ڪاروبار ڪندا ته جيئن خود صوبي ۾ گڏهن جي ڪمي نه ٿئي...
لائيو اسٽاڪ کاتي موجب گڏهن جا مختلف عضوا  دوائن ۽ فرنيچر جي تياري ۾ به ڪم اچن ٿا جڏهن ته چين ۾ گڏهن جي وارن جي به ڏاڍي کپت آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter