سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جي ايم سيد جاهل هو : ڪريم راڄپر جي لفاظي تي سنڌين ۾ غصو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/29/2019


ويب ڊيسڪ
سنڌ ٽي وي ۽ ڊولفن بيڪري جي مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر پاران سائين جي ايم سيد خلاف ڳالهايل اڻوڻندڙ لفظن سبب سموري دنيا مان مٿس تنقيد جاري آهي.دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌي ماڻهن مختلف سياسي نظريا رکڻ جي باوجود ان راء جو اظهار ڪيو آهي ته سائين جي ايم سيد جديد سنڌي قومپرستي جو باني، لطيف شناس ۽ سنڌ شناس مفڪر آهي جنهن جي سياسي نظرين ڪير ڪيترو به اختالف رکي سگهي ٿو پر مٿس ذاتي تنقيد يا کيس جاهل چوڻ آسمان ۾ ٿڪ اڇلڻ برابر آهي.
سوشل ميڊيا تي ڪئناڊا ۾ رهندڙ ميڪس ميمڻ کان ويندي ڪراچي جي سعاد ميمڻ تائين سمورن سنڌ پرست ماڻهن ڊاڪٽر ڪريم راڄپر جي ان لفاظي جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته جي ايم سيد جاهل آهي.انکي تاريخ جي ڪهڙي خبر.
مليل اطلاعن موجب مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هڪ ڊاڪيومينٽري جي اسڪريننگ تقريب ۾ سوالن جوابن دوران ڊاڪٽر ڪريم راڄپر اهڙا جملا چيا هئا.اکين ڏٺن شاهدن موجب مهراڻ يونيورسٽي م جڏهن هڪ شاگرد کائنس پڇيو ته هن  هن ڊاڪيومينٽري ۾ ته سائين جي ايم سيد جي ڪتاب تان ٽڪرا کينل آهن ته ان جو حوالو به هجڻ گهرجي ها جنهن تي طيش ۾ اچي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر نوجوان کي مخاطب ٿي چيو ته جي ايم سيد جاهل هو انکي تاريخ جي ڪهڙي خبر.اهڙن جملن تي هال ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن اعتراض ڪيو ۽ تقريب جلد ختم ٿي وئي.
مهراڻ يونيورسٽي ۾ تقريب ته ختم ٿي پر ڊولفن بيڪري جي مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر مٿان تنقيد ختم ناهي ٿي.نوجوان راڳي وقار ملاح کان ويندي پنهل ساريو تائين سمورن ماڻهن سوشل ميڊيا تي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي.
دانشور جامي چانڊيو پڻ پنهنجي وال تي ان تناظر ۾ لکيو آهي ته سائين جي ايم سيد يا ڪنهن به اڳواڻ ۽ مفڪر سان فضيلت سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو.انلاء گهربل احترام ۽ علمي فڪري سنيجدگي لازمي شرط آهي.سائين جي ايم سيد ۽ سائين محمد ابراهيم جويو جديد سيڪيولر سنڌي نيشنلزم جا باني آهن انهن کان اها حيثيت تاريخ ۾ ڪو به نٿو سکي سگهي.
ٻئي طرف اديب شاعر ۽ صحافي منظور سولنگي لکيو آهي ته غلطي ڪري معافي وٺڻ سائين جي ايم سيد جو رستو آهي تنهنڪري ڪريم راڄپر کي معاف ڪيو وڃي.
جڏهن ته آمريڪا ۾  رهندڙ نامياري صحافي ۽ شاعر حسن مجتبي پنهنجي لاڳيتن فيس بڪ اسٽيٽس ۾ جي ايم سيد جو دفاڀ ڪندي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر مٿان تنقيد ڪئي آهي.
حسن مجتبي لکيو آهي ته ڪٿي گوشو ڊرائيور ۽ ڪٿي احمد ميان
ڪٿي جي ايم سيد ۽ ڪٿي بيڪري بوٽ پالشي
حسن مجتبي لکيو آهي ته جي ايم سيد تي تنقيد کان پهريان سنڌ ٽي وي جي بيڪري ۾ صحافين ۽ اينڪرز کي پگهارون ته ڏيو.سڄي سال ۾ صحافين کي ايتري پگهار نه ڏيندو آهي اهو بيڪري بيگار ڪئمپ وارو جيترا پئسا هو پنهنجي واڻئي دوست سان هڪ رات جي مجري تي خرچ ڪري ٿو ڇڏي پوء به هليو آ جي ايم سيد تي تنقيد ڪرڻ.
حسن مجتبي ان ئي سلسلي ۾ هڪ اسٽيٽس ۾ لکيو آهي ته هاڻي هو ايتروئي عظيم  قديم ۽ ملامتي آهي جيترو سنڌو درياهه ، جيئن ڀٽائي جو روضو، جيئن قلندر جي ڌمال،جيئن رني ڪوٽ جيئن ڪينجهر، جيئن مڪلي جيئن سن. جي ايم سيد بس ائين ئي آهي.غلطيون ان به ڪيون غلطيون نه غلطان پر انهن جو هن اعتراف به ڪيو ۽ هر وقت سزا لئه تيار رهيو.هن تاحيات سزائون به کاڌيون ، پاڪستان ٽوڙن جون نه ٺاهڻ جون سزائون ، جيڪي هن پنهنجو پاڻ کي ڏنيون.هاڻي توهان نوان امير نو دولتيا توهان جا ست نسل به هجن توهان ڇا پاڪستان جي مڙني حڪمرانن جا تڏهن به هن جي لکيل هڪ سٽ خريد ڪرڻ جي لائق به ناهيو. هاڻي توکي شوق ٿيو آهي ته تون ڪيئن به ڪري راتورات علامه ٿي وڃي پر سنڌ جا ماڻهون ايترا به انڌا ناهن.....

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter