سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

رمشا وساڻ ڪيس ٽوئيٽر تي ٽاپ اصل قاتل اڃان گرفتار نه ٿيا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/30/2019


ويب ڊيسڪ
پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ منظور وساڻ واري اباڻي تڪ ۾ قتل ڪيل تيرنهن سالن جي رمشا وساڻ کي انصاف ڏيارڻ لئه ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ هلي رهيو آهي.پاڪستان ۾ هن وقت جي ٽاپ ٽرينڊ آهن انهن ۾ آصفه ڀٽو زرداري جي سالگره کانپوء جسٽس فار رمشا ٽرينڊ ٽاپ تي آهي.
ٽوئيٽر جي ٽرينڊ ۾ حصو وٺندڙن ۾  پيپلزپارٽي جا خيرپور مان چونڊيل اڳواڻ  نفيسه شاه ۽ نواب وساڻ  پڻ شامل آهن جن سنڌ ۾ پنهنجي پارٽي جي حڪومت هوندي به عام ماڻهن جيان  مطالبو ڪيو آهي ته رمشا جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن.نفيسا شاه ۽ نواب وساڻ ٻنهي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هنن ايس ايس پي خيرپور سان ڳالهايو آهي ۽ کيس هدايتون ڪيون آهن ته رمشا سان انصاف ڪيو وڃي.نفيسا شاه جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ بدين جي بئريسٽر حسنين مرزا کيس ٽوڪيندي شعر لکيو آهي ته عشق قاتل سي ڀي مقتول سي ڀي همدردي....
رمشا ٽوئيٽر ٽرينڊ ۾ ڪراچي مان چونڊ وڙهندڙ جبران ناصر، عائشه مڻظور وٽو سميت هزارين ماڻهون شامل آهن جن پنهنجي پنهنجي اڪائونت تان جسٽس فار رمشا جو ٽرينڊ هلرايو آهي.
ٻئي پاسي خيرپور پوليس رمشا جي والد سومر وساڻ عرف پرويز کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري هو نياڻي جي تڏي تي به نه پهچي سگهيو آهي.
ڪنب ڀرسان نواب وساڻ ڳوٺ جي تيرنهن سالن جي رمشا بابت متضاد اطلاع آهن.پوليس ايف آئي آر ۾ لکيو آهي ته کيس ڪاروڪاري الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي پر مائٽن جو چوڻ آهي ته ڪاري پيءُ يا ڀاءُ ڪندو آهي ڪو ڏوهاري پرائي  نياڻي کي ڪاري ڪيئن ٿو ڪري سگهي.
خيرپور مان ذريعن موجب رمشا جو والد سومر وساڻ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ جي بنگلي تي ڪم ڪندو هو سندس نياڻي جي قتل بعد هو پڻ گم آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter