سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

رستن تي جنم وٺندڙ سنڌ جا ٻارڙا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/30/2019

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري  اسپتالن جي حالت ابتر هجڻ سبب عورتن کي داخلا نه ملي سگهي آهي. هڪ ڏينهن اندر گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڳورهاري عورتن رستن تي ويم ڪري ٻارن کي جنم ڏنو آهي.
ڳورهاري عورتن جي مجبوري جا اها واقعا ضلعي هيڊڪوارٽر دادو ۽ جيڪب آباد جي ڳڙهي خيرو وارين اسپتالن ۾ سامهون آيا آهن.
اطلاعن موجب ڳڙهي خيرو جي هڪ خانگياسپتال واري  ڊاڪٽرياڻي جي ڪلينڪ تي ڳوٺ بگن جمالي واسڻ عورت شريفان خاتون ويم ڪرائڻ پهتي پر وٽس پئسا نه هئا.جنهنڪري عورت جي مڙس موجب ڊاڪٽرياڻي کين ڌڪا ڏئي پنهنجي ڪلينڪ مان ڪڍي ڇڏيو .عورت کي سور هجڻ سبب ڪلينڪ اڳيان گهٽي ۾ ئي سمهاريو ويو جتي هن پت کي جنم ڏنو.اطلاعن موجب ڪجهه ئي دير بعد ان عورت جو پٽ وفات ڪري ويو.
عورت جي مڙس جو الزام آهي ته پئسا نه هجڻ سبب ڊاڪٽرياڻي سندس ڳورهاري عورت جو علاج نه ڪيو.
ٻئي طرف اطلاع آهن ته مذڪوره ڊاڪٽرياڻي جي فيملي پلاننگ ۾ ڊيوٽي آهي پر هن خانگي اسپتال قائم ڪري ورتي آهي.بعد ۾ ان عورت کي تعلقو اسپتال ڳڙهي خيرو داخل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي دادو مان عورتن دانهيو آهي ته کين اسپتال ۾ داخلا نه ملي جنهنڪري عورت جو چنگچي رڪشا ۾ ويم ڪرايو ويو آهي.
اطلاعن موجب خانپوري جي ڳوٺ گل محمد چانڊيو جي ڳورهاري عورت جميلان کي اسپتال آندو ويو پر ڊاڪٽرن کيس مبينا طور داخلا نه ڏني.جنهنڪري اسپتال مان واپس ايندي جميلان چنگچي رڪشا ۾ ٻار ئي جنم ڏنو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter