سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلوچستان جي وزيراعلي پاران پي ٽي ايم اڳواڻ جي قتل جو نوٽيس رپورٽ ڏيڻ جو حڪم


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/30/2019


ويب ڊيسڪ
بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان عالياڻي پشتون تحفظ موومنٽ جي اڳواڻ ارمان لوني جي قتل جو نوٽيس وٺندي زوب جي ڪمشنر کي 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي.
پي ٽي ايم اڳواڻ ارمان لوني لورالائي ۾ هڪ ڌرڻي دوران مبينا طور تشدد سبب مري ويو هو جنهن خلاف پي ٽي ايم احتجاج ڪري رهي آهي.ارمان لوني جي وارثن توڙي سندس جماعت الزام هنيو آهي ته ڪو پوليس ڪريڪ ڊائون دوران قتل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف پي ٽي ايم سان تعلق رکندڙ آزاد ايم اين اي محسن داوڙ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام چيو آهي ته بلوچستان حڪومت داوڙ ۽ سندس ساٿي علي وزير مٿان بلوچستان اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.هن ٽوئيٽر تي اهو سرڪاري نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي جنهن تحت مٿن پابندي لڳائي وئي آهي.
اطلاع آهن ته محسن داوڙ ۽ سندس ساٿي علي وزير پابندي جي باوجود بلوچستان ۾ داخل ٿي ويا آهن ته جيئن هو پي ٽي ايم اڳواڻ ارمان لوني جي جنازي ۾ شريڪ ٿي سگهن.
ٻئي پاسي ارمان لوني جي ڀيڻ ۽ پي ٽي ايم جي سرگرم اڳواڻ وڙنگه لوني هڪ وڊيو پيغام ۾ عوام کي ۽ پي ٽي ايم ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پرامن رهن ۽ جدوجهد جاري رکن.
ارمان لوني سرڪاري ملازمت سبب سياست ۾ ظاهر نه ٿيندو هو پر سندس ڀيڻ وڙنگه لوني پي ٽي ايم جي جلسن ۾ تقريرون ڪندي هئي ۽ سندن باني اڳواڻن ۾ شامل آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter