سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پورهيو ڪندڙ ٻارڙا سبب انهن جا والدين ۽ تعليم ڏانهن لاڙو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/06/2019

  سميه زهرا  نواب شاه

هي ٽاپڪ منهنجي ايم فل جي ڊگري دوران ٿيسس ريسرچ ٽاپڪ هئي  Identification Of Causes Of Child Labor And Assessment Of Interest –Level Towards Education By Their Parents In Tehsil Faisalabad.

منهنجو سپروائزر  ڊاڪٽر اعجاز اشرف  ايسوسيئٽ پروفيسر يونيورسٽي آف ايگري ڪلچر فيصل آباد هيو،هن يونيورسٽي جو شمار دنيا جي 300 بهترين يونيورسٽين ۾ ٿيندو آهي.

ريسرچ دوران ننڍڙن ٻارن جو ڪم ڪرڻ. ڪم دوران مسئلا. ڪم ڪرڻ سان بارڙن جي ڪچي ذهن تي پوندڙ اثر ۽ انهن ٻارڙن جو پڙهائي ڏانهن  لاڙو سندن والدين جون مجبوريون مشڪلاتون اميدون ڳوڙها ۽ خواب. دوران انٽرويوز ليڱ ڪانڊا ريندڙ جواب. سچ ته هن ريسرچ منهنجي سوچ بدلائي ڇڏي   مان هتي ڪجهه سرسري پنهنجي ريسرچ جا سبب ۽ نتيجا لکي رهي آهيان.

سڀ کان پهريان ته Child labor آهي ڇا؟

هر اهو ڪم جيڪو اسڪول ۽ راند کي ڇڏي ڪري پندرهن سالن جي عمر جو ٻار پئسي ڪمائڻ  لاءِ يا پنهنجي والدين سان گڏ ڪري ،مطلب ته اهو ڪم جيڪو ٻار جي  ٻلاڪ پڻ.  اسڪول. زهني ۽ جسماني نشونمام ۾ رڪاوٽ بڻجي ته اهو چائلڊ ليبر جي زمري ۾ ايندو

ان جا ناڪاري ۽ هاني ڪار نقصان ٻار جي جسماني. ذهني. اخلاقي ۽  معاشري زندگي تي پون ٿا، ۽ اهو ٻار جي اسڪول واري زندگي. اسڪول ۾ حاضري گهٽ ۽ اڳتي هلي اسڪول ڇڏڻ تائين نوبت اچيو وئي international labor organization

جي  مطابق تقريبن 240 ملين ٻار چائلڊ ليبر ۾ انوالڊ آهن. اهو انگ اڪر ترقي يافته ملڪن سميت ترقي پزير ملڪن تائين ڦهليل آهي.

الله سائين انسان کي عقل ۽ علم سان نوازيو آهي ٻارڙا ته زمين تي جنت جي گلن جي مثال آهن. جڏهن ٻارڙا رنگ به رنگي ڪتابن جا ٿيلها پنهنجي ڪلهن تي کڻي صبح جو اسڪول لاءِ روانا ٿيندا آهن ته انهن کي ڏسي هڪ خاص قسم جي خوشي هر ڪنهن کي محسوس ٿيندي آهي.

پر ڇا اسان ڪڏهن انهن معصوم ٻارڙن جي باري ۾ سوچيو آهي جيڪي پنهنجي خواهشن جذبن پالڪپڻ  جي شرارتن قلم ۽ ڪتاب جي بدران هٿن ۾ گل کڻي ڪنهن سنگل تي  يا رانديڪا کڻي ڪنهن  شاپنگ مال جي سامهون يا ڪنهن گاڏين جي ورڪشاپ تي لوها اوزار کڻي پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن جو پيٽ پالڻ لاءِ نڪري پوندا آهن. اهي عمر جا ته ننڊڙا پر پنهنجي گهر جا وڏا هوندا آهن. مان ان وقت پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهي هيس جڏهن هڪ شاپنگ مال جي سامهون هٿن ۾ ڪتاب کڻي وڪندڙ ٻار کان پڇيو ته پٽ تون اسڪول ڇو نه ٿو وڃن. ته اکين ۾ لڻڪ آڻي چيائين ته اسان جي گهر ۾ ڪوبه ڪمائڻ وارو نه آهي پنهنجي بيمار ماءُ  ۽ ننڍڙي ڀيڻ جي پيٽ پالڻ لاءِ هي ڪم ڪري رهيو آهيان هن جي جهڪيل اکين ۾ هزارين سوال محسوس ڪندي اوڇڳاريون ڏئي روئي پيس،

اسان جي ملڪ ۾ ٻارڙن جي ڪم نه ڪرڻ لاءِ قانون موجود آهن. 1991 جي ايڪٽ مطابق ڪوبه ادارو 14 سالن جي عمر کان گهٽ بارڙي  کي ڪم تي نٿو رکي سگهي ۽ خلاف ورزي ڪندڙ لاءِ قانون ۾ سخت سزا ۽ ڏنڊ لڳايو ويندو. Child labor صرف پاڪستان نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي Child labor جا انتهائي خطرناڪ ۽ نه ختم ٿيندڙ نقصان آهن اڄ جا ٻار سڀاڻي جا معمار هوندا.

جيڪڏهن اڄ اسان انهن جو خيال نه ڪيو ته اسان مستقبل کي پنهنجي هٿن  سان تباه ڪري ڇڏينداسين. ٻارڙا ته معصوميت ۽ خلوص جا علمدار هوندا آهن.اسان جي دل خون جا ڳوڙها ڳاريندي آهي.جڏهن انهن کي خالي پيٽ فوٽ پاٽ تي ستل ڏسندا آهيون.

Child labor جا سبب ڇا آهن،

  1. غربت : غربت هڪ اهو سبب آهي جيڪو ڪيترين ئي سماجي براين  جي جڙ  آهي  غربت جي ڪري والدين ٻارڙن جي تعليم جا خرچ برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ نتيجي ۾ هو ٻارڙن کي  پاڻ سان گڏ ڪم تي وٺي ويندا آهن،

يا ڪنهن فيڪٽري ، ورڪشاپ ۾ موڪلن ٿا ۽  ٻار تعليم کان رهجيو وڃن ۽ اهو سلسلو نسل ڊر نسل هلندو پيو اچي.

آبادي  تي ڪنٽرول نه هجڻ جتي مهانگي جو سبب ٿئي پيو اتي ٻارڙا به پنهنجي حقن کان محروم پيا ٿين. وسائل گهٽ ٻارڙا گهڻا مٿان وري اسڪولن جا خرچ  غريبن جي چيلهه ئي چپي ڪري ڇڏيندا آهي.

(3) جهالت: اگر مائٽ تعليم يافته نه آهن ته انهن جو تعليم ڏانهن لاڙو گهٽ ۽ ٻارن کي ڪم تي لڳائڻ گهڻو هوندو آهي. جيڪو Child labor  جي وڌڻ جو سبب بڻجي ٿو.

(4)  شهري آبادي ۾ واڌ: روزگار ۽ ٻين سبب جي ڪري ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن ماڻهن جي هجرت گهٽ وسائل ۽ آبادي گهڻي شهري زندگي جا خرچ ترقي جي بجاءِ ابتو غربت وڌڻ جو سبب بنجي پيو ٻارن جي تعليم کان دوري ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻ.

(5) نظام تعليم: تبقاتي نظام تعليم اسان جي معاشري  جي ترقي ٿيڻ جي بجائي  مهنگي تعليم جو سبب بڙجي ٿو.اسان وٽ تعليمي  ادارن جا مختلف ريٽ آهن. مهانگي جو سبب بڻجي ٿو  اسان وٽ تعليمي ادارن جا مختلف ريٽ آهن ۽ اهي ريٽ ايترا ته مهانگا آهن جو غريب پنهنجو پيٽ پالي يا ٻارن کي اسڪول موڪلي نتيجو Child labor ۾ اضافو ٿئي ٿو.

(6) قانون جو نفاذ: اسان جي ملڪ ۾ قانون ته موجود آهن. پر انهن تي عمل نه ڪيو ويندو آهي. اڄ تائين اوهان ڪنهن دڪان ورڪشاپ فيڪٽري يا والدين کي ٻارن کان ڪم ڪرڻ جي سبب گرفتار ٿيندي نه ٻڌو هوندو.

(7) سوشل ايمپٿي (سماجي رويا): هي هڪ اهڙو نقطو آهي جو اگر اسان جي سماج ۾ درد پيدا ٿي وڃي. جهڙو اسان پنهنجي ٻار جي باري ۾  سوچيون ٿا اسان ان غريت ٻار جي باري ۾ سوچيون ته اسان جي معاشري مان ان لعنت کان جان ڇڏائي سگهجي ٿي. درد هجڻ بذات خود درد ختم ڪري ٿو.

 منهنجي ريسرچ ۾ جيڪي ريڪمنڊيشن آهن اهي هي آهن.
(1) تعليم ۽ احساس واحد ذريعو آهن جنهن جي ذريعي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. Child labor  کي ختم  ڪرڻ لاءِ ملٽي ڊائمنشنل ايپروچ اپنائڻ جي ضرورت آهي. هر فرد کي پنهنجو  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته ڪم ڪرڻ جي ڪري ٻارن جي شخصيت ڪيئن متاثر ٿئي ٿي.انهن جي صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا. ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻو پوندو ان ۾ سرندي وارن کي غريبن جي مدد ڪرڻي پوندي گورنمنٽ ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن شام جي شفٽ ۾ اسڪول هلائجن  ته جيئن اهي ٻار جيڪي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا اهي ڪم سان گڏوگڏ تعليم پڻ پرائي سگهن انهن جي کاڌي جو انتظام  اسڪول  ۾ ڪيو وڃي انهن کي مفت صحت جون سهولتون ڏجن ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪجي موبائل. FM ريڊيو جي ذريعي عوامي آگاهي جا پروگرام منعقد ڪجن.اگر اڄ هن ڪم  کي اسٽاپ نه ڪيو ته اسان جو مستقبل اونداهو هوندو ۽ اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهيءِ ۾  ملائي هلي  نه سگهنداسين.

 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter